تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

اشو آف دي ڊي … خواجه آصف جو طالبان ۽ آمريڪا بابت ٽوئيٽ: سوشل ميڊيا تي هنگامو

افغانستان ۾ 19ورهين جي جنگ جي خاتمي لاءِ آمريڪا ۽ افغان طالبان ۾ امن معاهدي کانپوءِ افغان طالبان ۽ افغان حڪومت ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن، قطر ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو به شريڪ ٿيو، آمريڪي وزير مائيڪ پومپيو ۽ طالبان ملا عبدالغني برادر جي هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن تي مختلف تبصرا ٿي رهيا آهن، ان حوالي سان جڏهن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجه آصف تصوير ٽوئيٽر تي شيئر ڪئي وئي ته سوشل ميڊيا تي هنگامو برپا ٿي ويو، خواجه آصف مٿان تنقيد پڻ ڪئي وئي. خواجه آصف جي ٽوئيٽ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو آهي ته ڇا خواجه آصف مذاق ڪري رهيو آهي يا هو افغان امن عمل مان واقعي خوش ناهي؟ اهو پڻ چيو ويو ته نواز ليگ پاران خواجه آصف جي بيان تي ڪو به ردعمل سامهون نه آيو ڇا ان جو اهو مطلب آهي ته خواجه آصف جو اهو بيان پارٽي جي پاليسي آهي؟ سوشل ميڊيا تي هلندڙ بحث ۾ جتي عام صارف شامل هئا اتي نه صرف حڪومتي وزير پر پيپلزپارٽي جي اڳواڻن، سياسي سماجي، صحافي ڌرين پڻ حصو ورتو. وفاقي وزير فواد چوڌري خواجه آصف مٿان تنقيدي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ۽ هي صاحب پاڪستان جو دفاعي ۽ پرڏيهي وزر هو. پ پ جي سينيٽر فرحت الله بابر لکيو ته قاتل طالبان جي ان طرح سان تعريف سمجهه کان ٻاهر آهي، پاڪستان عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ افراسياب خٽڪ لکيو ته ٻن ڳالهين جي وضاحت ضروري آهي، پهرين اها ته افغانستان تي طالبان مسلط ڪندڙ پاڪستان ۾ ان جي اقتدار کي ٽينڪن ۽ بمبار جهازن ذريعي روڪڻ جي حمايت ڇو ڪندا رهيا آهن؟ ٻي اها ت هٽي ايل پي، ملي مسلم ليگ وغيره ذريعي نواز شريف حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ چونڊن ۾ هارائجڻ ۾ به ايئن جائز هو؟ پشتون تحفظ موومينٽ جي اڳواڻ منظور پشتين لکيو ته اڄ تائين جيڪي اربين رپيا ورتا ويا آهن اهي ڪنهن جا هئا؟ گل بخاري لکيو ته پي ايم ايل اڃا تائين نه ان بيان کان لاتعلقي ڪئي آهي نه وري خواجه آصف کان ان جو مطلب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته اها پي ايم ايل جي آفيشل پاليسي آهي. ڊاڪٽر محمد تقي لکيو ته مون کي خواجه آصف کي ياد ڏيارڻو آهي ته طالبان نه صرف افغانن تي ظلم ڪيو آهي پر انهن ان پاڪستاني دهشتگردن کي به پناهه ڏني جن ميان نواز شريف سميت ڪيترن ئي پاڪستانين کي نشانو بڻايو، هن نواز شريف جي حڪومتي دور جو هڪ ميمو به پوسٽ ڪيو جنهن ۾ طالبان کان پاڪستاني جهادين جي حوالگي جو مطالبو ڪيو ويو هو، اهڙو بحث هلي ئي رهيو هو ته سال 2017ع ۾ آمريڪا ۾ خواجه آصف جي تقرير واري وڊيو به وائرل ٿي وئي جنهن ۾ هو چئي رهيو هو ته تحريڪ انصاف ۽ اسان ۾ سڀ کان وڏو فرق اهو آهي ته سياسي ۽ پرڏيهي پاليسي جي لحاظ کان اسان لبرل آهيون جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو مذهبي طبقن ڏانهن جهڪاءُ آهي. اڪثر صارفين خواجه آصف کان اهو به سوال ڪيو ته جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ اڏا آمريڪا کي ڇو ڏنا هئا؟ علي سدوزئي لکيو ته خواجه آصف جو بيان انتهائي غيرذميواراڻو آهي، اسان کي افغانستان کي دوست جي حيثيت سان ڏسڻ گهرجي نه ڪي طالبان جي، فراز لکيو ته پاڪستاني سياستدان جن جا ٻار ٻاهرين ملڪ رهن ٿا اهي هڪ پرتشدد انتهاپسند گروپ جي حمايت ڪري رهيا آهن جيڪي هزارين ماڻهن جي موت جا ذميوار آهن، دلاور وزيري لکيو ته جيڪا شيءِ پاڪستاني پاڻ لاءِ پسند ڪري رهيا آهن اها افغانين لاءِ ڇو پسند نٿا ڪن، پاڪستان ۾ آپريشنن تي فخر ڪندڙ خواجه آصف اڄ افغان طالبان جي ڪاميابي جو جشن ڇو ملهائي رهيو آهي؟ افغانستان سان تعلق رکندڙ نجيب ننگيال لکيو ته پاڪستان جو اڳوڻو وزير ان تصوير کي آمريڪي شڪست سان ڀيٽي رهيو آهي ڇا هي پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن جو خاتمو آهي؟ ڪيترن ئي صارفين اهو به لکيو ته ملا برادر ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ پاڪستان ۾ قيد هو ۽ ان وقت خواجه آصف دفاعي وزير هو. ملالا يوسفزئي جي والد ضياءُ الدين يوسفزئي لکيو ته خواجه آصف صاحب ! اهي ٻئي افغانن جو رت وهائي چڪا آهن في الحال نه ڪو فاتح آهي نه ڪري مفتوح، دعا ڪريو ته ڇوڪرين جي تعليم، عورتن جي بنيادي حقن ۽ مذهب دنيا جي اعليٰ انساني قدرن سان گڏ افغانستان ۾ هڪ پائيدار امن ٿئي هڪ اهڙي فتح جنهن ۾ امن جي سوڀ ٿئي. عابد لکيو ته هي اهي ئي طالبان آهن جن 70 هزار پاڪستانين ۽ لکين افغانين جو رت وهايو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *