تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

اشو آف دي ڊي … تعليمي ادارا کولڻ جو ٻڌي ڪو خوش ته ڪو وري ڏکارو ٿي ويو

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي تعليمي ادارن کولڻ بابت مهم هلائي پئي وڃي، اوپن اسڪول آل ڪلاسز هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، جڏهن ته ٽوئيٽر تي سوال شيئر ڪيو ويو ته ڇا اوهان 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ واري حڪومتي فيصلي سان اتفاق ڪريو ٿا؟ اهڙي پول ۾ 76.8 سيڪڙو ماڻهن اسڪول کولڻ جي حمايت ڪئي ۽ 23.2 سيڪڙو ماڻهن اسڪول کولڻ جي مخالفت ڪئي. ان پول ۾ 11 سئو کان وڌيڪ ماڻهن حصو ورتو. محمد زوهيب لکيو ته 15 سيپٽمبر کان سمورا تعليمي ادارا کوليا وڃن، ڪورونا وائرس جي ڪري تمام گهڻو تعليمي نقصان ٿيو آهي. آمنه نصير لکيو ته اسڪول کولڻ گهرجن.طيب شيرازي لکيو ته خراب خبر اچي وئي آهي ته اسڪول کوليا پيا وڃن، جواد سليم لکيو ته اسان پنهنجي ٻارن لاءِ تعليم چاهيون ٿا. عبدالسلام لکيو ته سمورا تعليمي ادارا کوليا وڃن. ابير فاطمه لکيو ته مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته ماڻهو اسڪول بند رکڻ جي ڇو حمايت ڪري رهيا آهن، ان جو مطلب اهي تعليم جي اهميت نٿا سمجهن، جڏهن ته اڪثريت آن لائن ڪلاسز نه ورتا. منيها خان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لکيو ته مون کي اهو ٻڌايو وڃي ته اسڪول کولڻ وارو ٽرينڊ ڪنهن هلايو آهي؟، ثناءُ جاويد لکيو ته ماڻهو تعليمي نظام کي معمول تي آڻڻ جا خواهشمند آهن پر پر اهو ڪو سٺو فيصلو ناهي ڇو ته ڪورونا وائرس جي ٻي لهر ڪيترن ئي ملڪن ۾ شروع ٿي چڪي آهي. سيده فروا شاهه لکيو ته يو ايس اي ۽ يورپ ۾ به سال جي آخر تائين اسڪول بند رهندا، ماها راشد لکيو ته ڇا ٻارڙا احتياطي اپائن تي عمل ڪري سگهندا؟عبدالسلام لکيو ته اسڪول کوليا وڃن، تعليم وڏي اهميت رکي ٿي.فيصل رائو لکيو ته آخرڪار اهو ڏينهن اچي ويو جنهن جو اسان کي انتظار هو، اسڪول ۽ ڪاليجون کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.نعمان خان لکيو ته تعليمي ادارا کولڻ واري خبر والدين لاءِ خوشي جي خبر آهي. ڪجهه صارفين وري ڏک واريون تصويرون رکيون ته ڪجهه وري خوشي واريون تصويرون شيئر ڪندا رهيا.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *