تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

اشو آف دي ڊي … بلديا سانحي جو فيصلو: سوشل ميڊيا تي بحث

بلديا فيڪٽري سانحي ۾ سوين ماڻهن کي باهه ڏئي ساڙڻ واري ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ان واقعي جي ان حوالي سان پوسٽون شيئر ڪيون ويون ۽ مختلف سوال پڻ اٿاريا ويا، سوشل ميڊيا تي لکيو ويو ته بلديا فيڪٽري سانحي ۾ سوين ماڻهن کي باهه ڏئي ساڙڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار زبير چريا ۽ رحمان ڀولا کي ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي وئي آهي، متحده اڳواڻ رئوف صديقي سوڌو 4 جوابدار ثبوت نه ملڻ تي آجا قرار ڏنا ويا آهن، ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو ڪيو آهي، بري قرار ڏنل جوابدارن ۾ اديب خانم، علي حسن قادري ۽عبدالستار شامل آهن، دهشتگردي ٽوڙ عدالت سهولتڪاري جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي وڌيڪ چئن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، واضح رهي ته 11 سيپٽمبر 2012ع تي بلديا واري علائقي ۾ فيڪٽري کي باهه ڏئي 260 ماڻهن کي ساڙي ماريو ويو هو. روميصه ملڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي کي ثبوت نه هجڻ جي بنياد تي بري ڪيو آهي جڏهن ته رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي شمس الزمان لکيو ته سٺو فيصلو آيو آهي، هاڻي شيرشاهه ۾ 20 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو هو اهي فيصلي جا منتظر آهن، بينظير جي شهادت بعد 150 ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو جيڪي پڻ فيصلي جا منتظر آهن، سانحه سهراب ڳوٺ ۾ ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو جيڪي به فيصلي جا منتظر آهن. مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڦاهي جي سزا انهن کي ملڻ گهرجي جن ڀتي خاطر فيڪٽري کي باهه لڳائي. سراج احمد ڪلهوڙو لکيو ته جن اهڙي واقعي جون هدايتون ڏنيون هيون اهي نفيس هجڻ جو سرٽيفڪيٽ وٺي چڪا آهن. علي ڪيريو لکيو ته بلديا فيڪٽري سانحو، حماد صديقي بابت فيصلي ۾ ڇا آهي؟ ذوالفقار سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي باقي ايم ڪيو ايم جو رئوف صديقي بري ٿي ويو، جنهن تي ثائقه مڱڻهار لکيو ته سزا سدائين ڪمزور کي ڏني ويندي آهي، همسفر مرزا لکيو ته چرين کي سزائون باقي چريو ڪرڻ وارا بري ٿي ويا، علي مصطفيٰ جمالي لکيو ته واهه جو انصاف ٿيو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *