تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

اشو آف دي ڊي … برادري کان ٻاهر شادي ڇو نه ڪجي؟ مهرن بعد پنهور سرداري خاندان ۾ تڪرار بابت بحث

گهوٽڪي ضلعي جي مهر سردارن وانگر جيڪب آباد ۾ به پنهور سرداري خاندان ۾ سڱاوتي تان اختلاف ٿي پيا آهن، سردار منظور علي خان پنهور ۽ سوٽ مير اصغر علي خان پنهور وچ ۾ سياسي اختلافن بعد ھاڻي سڱاوتي اختلاف شروع ٿي ويا آهن اهڙي معاملي تي سوشل ميڊيا تي به بحث شروع ٿي ويو آهي. سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته سردار منظور خان پنهور ايم پي اي ڊاڪٽر سھراب سرڪي سان رشتيداري ڪئي سردار منظور خان پنهور پنهنجي نياڻي ڊاڪٽر سھراب سرڪي جي فرزند محسن خان سرڪي کي ڏني جنهن جي نڪاح جي تقريب ڪراچي ۾ ڪوٺائي وئي هئي ان حوالي سان پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سھراب سرڪي جو چوڻ آهي ته اصغر خان پنهور پاران رشتو نه ڪرڻ بابت روڪيو ويو هو، جڏهن ته اصغر پنهور جي ويجهن حلقن دعويٰ ڪئي آهي ته سردار منظور علي خان پنهور جي سوٽ سرداراصغر علي خان پنهور کي به راڄ جي ماڻهن چڱن مڙسن سرداري جي پڳ ٻڌڻ لاءِ زور ڀريو آهي جنهن کان پوءِ سردار اصغر علي خان پنهورسرداري جي دعويٰ ڪندي سرداري جي پڳ ٻڌڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪندي دادو، ميهڙ، جوھي ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ رهندڙ پنهور برادري جي ماڻهن چڱن مڙسن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جاني لکيو ته رشتا جتي چاهي سڀ ڪو ڪري سگهي ٿو اهو اشو اجايو آهي، علي گوهر سومرو لکيو ته انهن کي الڳ ته ٿيڻو هو صرف بهاني جي ضرورت هئي، مبشر حسين دايو لکيو ته سياسي جهيڙو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. آفتاب علي لکيو ته سنڌ ۾ سرداري نظام جي مذمت ڪجي ٿي، مطيع الرحمان لکيو ته چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين، صدر ۽ نائب صدر وانگر اتي به چيف سردار ۽ سردار جو عهدو رکڻ گهرجي. سهيل علي پنهور لکيو ته منظور پنهور ئي سردار آهي، اسد انڍڙ لکيو ته سدائين سنڌ جي مسڪين ماڻهن کي پنهنجو غلام بڻائي رکندڙ سردار ۾ ڀونچال آيو آهي، عابد خان لکيو ته سرداري نظام ختم ٿيڻ گهرجي، خان محمد لکيو ته سرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور آهي. عزيز چانڊيو لکيو ته سردارن ۾ اختلاف ٿين ته بهتر آهي ان سان سرداري نظام ڪمزور ٿيندو، ميرن وانگر انهن کي به گهران لڳي آهي، دليپ ڪمار لکيو ته سردار، جاگيردار سنڌ لاءِ ناسور آهن پاڻ ۾ کي پاڻ ختم ڪن ته بهتر آهي. فياض حسين ڇڄڙو لکيو ته سڄو پئسي جو چڪر آهي، عزيز چانڊيو لکيو ته لڳي ٿو ته تمنداري بعد هاڻي سرداري نظام جو به زوال شروع ٿي ويو آهي. فرحان احمد لکيو ته هاڻي گهر گهر ڳوٺ ڳوٺ ۾ سردار پيدا ٿيندا، امتياز ڀٽي لکيو ته سرداري نظام منظور ناهي، عماز حيدر، عبدالغفور، احمد حيدر، سعيد احمد پنهور، جبار جويو، مير جبران جتوئي، عرفان علي، مبشر حسين دايو، جميل برهماڻي ، مشتاق احمد درس ۽ ٻين پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *