تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

اشو آف دي ڊي … اڳوڻو ايم پي اي مجيد اچڪزئي سارجنٽ قتل ڪيس ۾ آزاد: سوشل ميڊيا تي ردعمل

سوشل ميڊيا تي عوام عدالتي نظام ۾ سڌارن جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اهڙو سلسلو ان وقت شروع ٿيو جڏهن بلوچستان جي ماڊل ڪورٽ بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ پشتونخوا ميپ جي اڳواڻ مجيد خان اچڪزئي کي ٽريفڪ سارجنٽ جي قتل واري ڪيس ۾ آزاد ڪري ڇڏيو جنهن جو ڪارڻ ثبوت نه هجڻ ڄاڻايو ويو آهي. جنهن بعد سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو آهي، اڳوڻي ايم پي اي مجيد خان اچڪزئي کي آزاد ڪرڻ بعد ان حادثي جي وڊيو هڪ ڀيرو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، حادثي واريون تصويرون پڻ شيئر ڪيون پيون وڃن جنهن ۾ مجيد اچڪزئي کي گاڏي هلائيندي ڏيکاريو ويو آهي. ان کانسواءِ مجيد اچڪزئي هيش ٽيگ سان گڏ پاڪ نيڊز جڊيشل ريفارمز ۽ سپريم ڪورٽ هيش ٽيگ ٽرينڊز هلي رهيا آهن، سعديه ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته چيف جسٽس کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي، سارجنٽ هڪ والد هو، هڪ ڊيوٽي جو پابند پوليس آفيسر هو، هو مڙس هو، هن جا ٻار 2017ع کان انصاف جا منتظر آهن. ظفر عباس لکيو ته انصاف جو نظام ڪمزور هجڻ ڪري قاتل آزاد ٿي وڃن ٿا. افضل لکيو ته مجيد اچڪزئي جو بري ٿيڻ انصاف جي نظام لاءِ وڏو سواليه نشان آهي جيڪڏهن وڊيو ثبوت به ناڪامي آهي ته پوءِ ملڪ جو الله واهي آهي. فيضان فوتي سارجنٽ جي ٻارن جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته انسپيڪٽر جا ٻارن جي هي فرياد قانون انصاف جي نظام کان دانهون ڪري سوال ڪري رهيا آهن ته آخر مظلوم ۽ غريب لاءِ انصاف ناممڪن ڇو آهي؟ تميم عباسي لکيو ته ڪيمرا سامهون گاڏي لتاڙي ڇڏيو ۽ جوابدار آزاد به ٿي ويو، واهه ڙي انصاف، پرويز الله لکيو ته هي وقت آهي جيڪڏهن سپريم ڪورٽ عدالت جي عزت بچائڻي آهي ماڻهن جو عدليه تي اعتماد بحال رکڻو آهي ته چيف جسٽس کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي. واضح رهي ته سال 2017ع ۾ انسپيڪٽر عطاءُالله زرغون روڊ تي واقع جي پي او چوڪ تي ٽريفڪ ڪنٽرول ڪري رهيو هو ته هڪ اڇي رنگ جي لينڊ ڪروز گاڏي تيزي سان اچي کيس ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ انسپيڪٽر جو موت ٿيو هو. شروعاتي طور ڪيس اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو هو جڏهن واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج ميڊيا تي نشر ڪئي وئي ته مجيد خان اچڪزئي کي گرفتار ڪيو ويو هو پر بعد ۾ هو ضمانت تي آزاد ٿي ويو هو، ماڊل ڪورٽس جي قيام بعد ڪيس ان عدالت ڏانهن منتقل ٿيو، جتي مجيد اچڪزئي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو هو گاڏي مجيد خان جي هئي پر جڏهن حادثو پيش آيو ان وقت مجيد پاڻ گاڏي نه هلائي رهيو هو. جڏهن ته مجيد تي اها ڳالهه ثابت نه ٿي سگهي ته هو گاڏي هلائي رهيو جنهن ڪري کيس آزاد ڪيو ويو. فيصل نالي صارف ٽوئيٽ ڪيو ته مجيد اچڪزئي کي ثبوت نه هجڻ تي آزاد ڪرڻ انصاف تي ڪارو داغ آهي ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ گهرجي. جميل فاروقي لکيو ته ڪوئيٽا جي ٽريفڪ سارجنٽ کي ڏينهن ڏٺي روڊ حادثي ۾ ماريندڙ ايم پي اي مجيد اچڪزئي جون سموريون وڊيوز ۽ سي سي ٽي وي فوٽيجز باوجود باعزت بري ٿيڻ انصاف جي قتل برابر آهي. عديل رضا لکيو ته مجيد اچڪزئي کي ثبوت نه هجڻ جي بنياد تي آزادي ملڻ مان ثابت ٿي ويو ته پاڪستان ۾ غريب کي انصاف ملڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي. شعيب خان لکيو ته غريب ماڻهو عدالتن جا چڪر لڳائي لڳائي دنيا مان هليو ٿو وڃي پر ان کي انصاف نٿو ملي اهڙي انصاف واري نظام کي تبديل ڪرڻو پوندو. محمد اويس لکيو ته امير ۽ غريب لاءِ الڳ انصاف ڇو؟ ٻه نه، هڪ پاڪستان ڪڏهن ملندو؟ عثمان اڪرم لکيو ته ڇا ايئن نه ٿيڻ گهرجي ته جوابدار کان قرآن پاڪ تي حلف وٺڻ بدران جج کان حلف وٺڻ گهرجي ته هو انصاف وارو فيصلو ڪندو؟ اڪثر صارفين چيو ته پاڪستان ۾ عدالتي نظام ۾ سڌارن جي ضرورت آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *