تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

اشو آف دي ڊي …. انعام عباسي فاروق ستار کان مائيڪ کسي صحيح ڪيو يا نه ؟: بحث

مسنگ پرسنز جي ڪيمپ تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار کان انعام عباسي پاران مائيڪ کسڻ بعد سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان بحث شروع ٿي ويو آهي، مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڊاڪٽر فاروق ستار مسنگ پرسنز جي ڪيمپ تي اچي تقرير شروع ڪئي ته انعام عباسي ان کان مائيڪ ڦري چيو ته جيڪي ماڻهو سنڌ ۽ ڪراچي جو اصطلاح استعمال ڪن ٿا اسان کي انهن جي حمايت جي ضرورت ناهي، اوهان جي نظر ۾ انعام عباسي اهو صحيح ڪيو يا غلط ڪيو؟ اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ۾ شهناز شيخ، دين محمد، امداد سومرو، مير حسن مهيسر، تسليم عباسي، رسول بخش جوڻيجو، سارنگ لطيف سومرو، انور علي ڊومڪي، صدر سنڌي، صاحب خان ڀٽي، مير گائنچو، رضيه سلطانه جوڻيجو، زبيده جوڻيجو، شاهزيب انعام مهر، پروين طارق، ڀيرومل تيجاڻي، ونود ميگهواڙ، عطا بلو، ڪامريڊ لياقت، واجد لغاري، رميز عباسي، پيرل چانڊيو، نور احمد ڪلهوڙو، نسرين الطاف،تانيه سليم، ۽ ٻين چيو ته انعام عباسي فاروق ستار کان مائيڪ کسي درست ڪيو آهي، تانيه جوڻيجو لکيو ته جن کيس دعوت ڏني هئي انهن کي دعوت نه ڏيڻ گهرجي ها، گلزار ملاح، راجڪمار ونجارا، آغا جان، شفيق سنڌي، مظهر علي سومرو، عبدالستار لاشاري، احمد تيوڻو، رشيد ميمڻ، نثار علي ۽ ٻين لکيو ته انعام عباسي فاروق ستار کان مائيڪ کسي غلط ڪيو آهي. اهڙي پوسٽ تي 484 ڪمينٽس ڪيا ويا جن ۾ اڪثريت انعام عباسي کي صحيح قرار ڏنو ويو. وقار کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تاج جويو ۽ انعام ۾ جيڪڏهن ڪي اختلاف آهن ته انهن کي نبيرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، صنم چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌين جي صدين کان ھڪ روايت رهي ته جيڪڏهن دشمن تڏي تي اچي ته سڀ اختلاف وساري ان کي مھمان سمجهي انکي مان ڏجي. انعام عباسي غير مھذب طريقو ڏيکاريو جنهن کي اسين سولي سنڌيءَ ۾ بداخلاقي چوندا آھيون، مان سمجهان ٿي مسنگ پرسنس لاءِ مسلسل جدوجهد ڪرڻ تي انعام عباسي کي جس ھجي پر ان وقت انعام صاحب جذبات ۾ اچي مائيڪ ڦري سڀني جي سامهون پاڻ کي گھٽ ڪري ڇڏيو، شبير چانڊيو لکيو ته سنڌي انعام ڪراچي ۽ سنڌ چوڻ واري فاروق ستار کان مائيڪ کسي هڪ جرئمنداڻو قدم کنيو آهي. بشير آريسر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته انعام سنڌي جو رويو جذباتي ۽ غير سياسي آهي، سندس موقف ۽ سچائي تي ڪا ٻي راءِ ناهي پر سندس موقف رکڻ ۽ جدوجهد جي انداز ۾ انتهاپسندي غلط آهي، هي گم ٿيل جا خاندان ساڻس گڏ صرف ان اميد تي آهن ته اسان جا پيارا واپس اچن.ان جدوجهد ۾ توهان کي سڀني کي ساڻ کڻي هلڻ گهرجي، سياسي حمايتون حاصل ڪرڻ گهرجن ۽ جوش سان گڏ هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي، سياسي جدوجهد ۾ جذباتيت، اٻهرائپ ۽ تڪڙ اڪيلو ڪري ڇڏيندي. گلشن لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سياسي فورمن ۾ فيصلا اڪثريت راءِ سان ٿيڻ گھرجن . قومي معاملن تي شخصن جي مرضي جا نتيجا قومن کي لوڙڻا پون پيا . عرصي کان شخصيتون سنڌ کي پنھنجي پويان ھلائين پيون جنھن ڪري سنڌ کي ڪا ڳڻڻ جوڳي سياسي ڪاميابي نه ملي سگھي آھي، جبار سومرو لکيو ته انعام عباسي جو عمل فطري آھي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *