تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

اشو آف دي ڊي … امام حسين جنت جو اڳواڻ ۽ ڪربلا صحيح ۽ غلط، حق ۽ باطل جي جنگ آهي: سوشل ميڊيا تي زبردست خراج عقيدت پيش

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ڪالهه امام حسين جي شهادت ۽ ڪربلا واقعو ٽاپ ٽرينڊ رهيو. هيش ٽيگ شهادت امام حسين سان لکين ماڻهن ٽوئيٽس ڪيون. جڏهن ته ٻين ٽرينڊز ۾ سپورٽ غزا، چيڊوڪ بوسمين، پاپا جاهن پيزا، واڪانڊا فار ايور، بليڪ پينٿر، ريسٽ ان پيس، شيعا آر سني، ترڪي، امام حسين شامل آهن.
هيش ٽيگ شهادت امام حسين ۾ ابراهيم همت لکيو ته ڪربلا جنت يا دوزخ بابت نه آهي، امام حسين جنت جو اڳواڻ آهي ۽ جنت امام حسين جي آهي، ڪربلا صحيح ۽ غلط، حق ۽ باطل جي جنگ آهي، اهو اسلامي اصولن ۽ اسان جي نبي ڪريم جن جي اصولن بابت آهي. هن حضور اڪرم جن جي اها حديث پڻ شيئر ڪئي ته حسين مون مان آهي ۽ آئون حسين مان آهيان. سامرا امام حسين جو قول شيئر ڪيو ته جڏهن توهان روزي سان هجو يا اڃارا هجو ته مون کي ياد ڪجو، علي جعفري چيو ته حسين اهو سج آهي جيڪو ڪڏهن به نه لهندو. سيد حسين رضوي جو چوڻ هو ته ڪربلا جي جنگ زمين جو ٽڪرو حاصل ڪرڻ لاءِ نه هئي، پر اها رڳو انساني قدرن کي قائم ڪرڻ جي جنگ هئي، اها سٺائي ۽ برائي، صحيح ۽ غلط، انصاف ۽ حقن جي لتاڙ جي جنگ هئي. صدف زهرا امام حسين جي اولاد بابت ڄاڻ شيئر ڪئي ته امام حسين کي ڪيترائي ٻار هئا، پهريون علي زين العابدين جنهن جي والده جو نالو شهربانو هو، سڪينه جنهن جي والده به شهربانو هئي ۽ علي اڪبر جنهن جي والده ليليٰ هئي. اقرار علي امير ٽوئيٽ ڪئي ته ڪربلا جي واقعي جو ڏک محسوس ڪرڻ لاءِ شيعو يا سني هجڻ ضروري نه آهي ان لاءِ رڳو دل جو هجڻ ضروري آهي. سيده فاطمه هديٰ چيو ته ڀارتي فوج جي ظلمن باوجود ڪشميري هر سال محرم جو ماتم ڪرڻ کان نه ٿا روڪي سگهجن. طيب مجيد مهاتما گانڌي جو قول شيئر ڪيو ته مون کي يقين آهي ته اسلام ان جي مڃيندڙن جي تلوارن جي ڪري نه پر حسين جي عظيم قرباني جي ڪري قائم آهي. ذڪريا ڪميلي حديث شيئر ڪئي ته الله انهن سان پيار ڪري ٿو جيڪي حسين بن علي سان پيار ڪن ٿا. هن امام حسين جو قول به شيئر ڪيو ته منهنجي حساب سان حق لاءِ موت قبولڻ خوشي کانسواءِ ڪجهه به نه آهي جڏهن ته ڪنهن جابر جي هٿ هيٺ رهڻ جهنم کان به بدتر زندگي آهي. شميم ڏکڻ آفريڪا جي عظيم اڳواڻ نيلسن منڊيلا جو امام حسين کي پيش ڪيل خراج تحسين شيئر ڪيو جنهن ۾ هن چيو هو ته امام حسين هر ان شخص کي قوت بخشي جيڪو غاصبن خلاف وڙهي ٿو ۽ ڏکيائين جو مقابلو ڪري ٿو، ڪربلا واقعي اسان کي مزاحمت ڪرڻ سيکاري. ثنا اعجاز چيو ته امام حسين انصاف لاءِ وڙهندڙن لاءِ رول ماڊل آهي، هن اسان کي سيکاريو ته توهان پنهنجي جدوجهد ۾ اڪليا رهجي وڃپ ته به نااصافي ۽ باطل آڏو سر نه جهڪايو. حجاب زهره امام حسين جو قول شيئر ڪيو ته ڪڏهن به ڪنهن غمگين شخص آڏو پنهنجي خوشي جو اظهار نه ڪريو. احمد ارسلان خان ترين تصوير شيئر ڪئي جنهن تي لکيل هو ته هڪٻئي سان نفرت نه ڪريو، اسان ۽ اوهان ان جا امتي آهيون جيڪو دشمنن سان به محبت ڪندو هو. هيش ٽيگ حسين سان هلايل ٽرينڊ ۾ محمد شوجعي ڪرس هيور جو انٽرويو شيئر ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته ڪربلا ڪنهن به انسان جي زندگي لاءِ سبق سکڻ جو بهترين طريقو آهي هو ان مان ضروري سبق، هاڪاري پيغام ۽ گهربل خبرداريون حاصل ڪري سگهي ٿو. حسين جي قرباني اسان کي ڪو ٻيو تجربو ڪرڻ کانسواءِ خوشي سان حياتي گهارڻ جو رستو ڏسي ٿي. بحري امام رضا جو قول شيئر ڪيو ته حسين لاءِ وهايل ڳوڙها وڏي ۾ وڏا گناهه به ڌوئي ڇڏيندا آهن. فاطمه پي اين لکيو ته امام حسين پنهنجي والد امام علي جيان انسانيت ۽ انصاف جو اهڃاڻ آهي هو ئي اهو شخص آهي جنهن انسانيت لاءِ جنگي نغمو تيار ڪيو جيڪو سڄي انسانيت تاقيامت ياد ڪندي رهندي. ڪيٽرن لکيو ته جيڪڏهن مون کي ڪنهن شخص جو نالو لکڻو هجي جيڪو الله کي سڀ کان ويجهو آهي ته ان لاءِ حسين کانسواءِ ڪو ٻيو نه ٿو ٿي سگهي. شان سن آف فائر مهاتما گانڌي جو قول شيئر ڪيو ته جيڪڏهن مون وٽ حسين جي 72 ساٿين جهڙي فوج هجي ته ڀارت لاءِ آزادي 24 ڪلاڪن اندر حاصل ڪري وٺان. ڪربلا هيش ٽيف سان ٽرينڊ ۾ موسيٰ عراق مان 9 محرم جون ڪربلا جون تصويرون شيئر ڪيون. اميما لکيو ته ڪربلا 72 ڄڻن جي جنگ هئي جنهن اربين ماڻهن لاءِ سبق ڇڏيو. مسرت زهره لکيو ته ڪشمير جي علائقي بيمينا ۾ ڀارتي فوج محرم جي جلوس تي پيليٽ گن سان فائر ڪري سوين عزادارن کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي.
ڪالهه ٽوئٽر تي هڪ ٽرينڊ عاصم باجوه مني ٽريل دو جي عنوان سان به هليو جنهن ۾ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار عاصم سليم باجوه بابت آيل خبر تي کائنس سخت سوسال ڪيا ويا. جنرل (ر) عاصم سليم باجوه جو جواب ٽوئيٽ ڪندي ڊاڪتر جعفري چيو ته عاصم باجوه رڳو منهنجي هڪ سوال جو جواب ڏي ته تنهنجي گهرواري باجڪو ۾ 16.6 سيڪڙو شيئر رکي ٿي؟ يا ته وضاحت ڪريو يا وري توهان کي چيئرمين سي پيڪ اٿارٽي رهڻ جو ڪو حق نه آهي. هن فوج کان معاملي جي جاچ جو به مطالبو ڪيو. بشير ميراڻي چيو ته هڪ ٻيو آفيسر به آهي جنهن کي ڪورونا متاثر هر شخص لاءِ 25 لک رپيا امداد ملي آهي پر هن رڳو هر متاثر کي هڪ پيناڊول ڏني آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *