تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

اسپين ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جا موقعا … ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو

اسپين اولهه يورپ جو وڏي ۾ وڏو ملڪ ۽ مجموعي طور يورپ جو ٽيون نمبر وڏو ملڪ آهي جنهن جي آبادي 46 ملين يعني چار ڪروڙ سٺ لک آهي جن مان 20 لک جي قريب مسلمان به شامل آهن. اسپين جي گادي جو هنڌ ميڊرڊ شهر آهي، جڏهن ته سياحن لاءِ وڌيڪ پرڪشش شهر بارسلونا آهي. دنيا ۾ انگلش، کان پوءِ گھڻي ڳالهائي ويندڙ ٻولي اسپينش آهي، هي ملڪ ڪون چاڪليٽ جي حوالي سان به ڪافي مشهور آهي، اٺين صدي کان پندرهين صدي عيسوي تائين مسلمانن جي زير حڪومت ۾ به رهيو آهي.
اعلي تعليم جا ادار:
اسپين ۾ اعليٰ تعليم جي حوالي سان تمام پراڻي تاريخ ملي ٿي، University of Salamanca به آهي جيڪا 1084 ۾ ٺاهي ويئي. ان سميت اسپين جو 25 يونيورسٽيون دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ شامل ٿين ٿيون. اسپين جون ڪجهه اهم ۽ مشهور يونيورسٽون هن ريت آهن. PompeuFabra University، يونيورسٽي آف بارسلونا، آٽونامس يونيورسٽي آف بارسلونا، آٽونامس يونيورسٽي آف ميڊرڊ، ۽ يونيورسٽي آف ناوارا وغيره. اسپين ۾ هن وقت بين الاقوامي شاگردن جو تعداد هڪ لک جي قريب آهي. اسپين جا تعليمي ادارا چار ڪيٽيگرين ۾ ورهايل آهن، جن ۾ يونيورسٽيون، يونيورسٽي ڪاليجز، فيڪلٽيز ۽ هاير ٽيڪنيڪل اسڪولس فار انجنيئرنگ ۽ آرڪيٽيڪچر شامل آهن. اسپين ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽون ٻن ٻولين يعني اسپينش سان گڏ انگريزي ۾ تعليم ڏين ٿيون. انهن ۾ EU بزنس اسڪول ۽ يونائٽيڊ انٽرنيشنل بزنس اسڪول ڪافي مشهور آهن. پر اهم ڳالهه ته انگريزي ٻولي جا پروگرام صرف پوسٽ گريجوئيٽ ليول تي ڪجهه يونيورسٽين ۾ مختلف ڊگري پروگرامس ۾ آهن نه ڪي انڊر گريجوئيشن يا اسڪول ايجوڪيشن ۾. اعليٰ تعليم جي حوالي سان ٽن قسمن جا ڊگري پروگرام آهن. جن ۾ Grado يعني گريجوئيشن جيڪا چار سال تي مشتمل آهي، ٻيو Postgrado هي هڪ کان ٻه سال تي مشتمل ماسٽرس ڊگري پروگرام آهي، جڏهن ته پي ايڇ ڊي پروگرام جنهن کي اسپينش ۾ Doctorado چئجي ٿو سو ٽن کان پنجن سالن تي مشتمل آهي.
داخلا لاءِ درخواست:
اسپين جي ڪنهن به يونيورسٽي، ڪاليج يا انسٽيٽيوٽ ۾ داخلا سڌي طرح سندن ويب سائيٽ تان معلومات حاصل ڪري ڏيئي سگھجي ٿي. جنهن سان گڏ گھربل ڪواليفڪيشن هجڻ لازمي آهي، جنهن ۾ درخواست ڏيندڙ شاگرد جو تعليمي رڪارڊ، سندس پرسنل اسٽيٽمينٽ يا اسٽيٽمينٽ آف انٽريسٽ ۽ ريسرچ پروپوزل ڪافي اهم سمجهيا وڃن ٿا. حقيقت ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ انڊرگريجوئيٽ ليول جي ڊگري اسپينش ٻولي ۾ ئي تعليم ڏني وڃي ٿي، جڏهن ته ڪجهه پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام ڪافي يونيورسٽين ۾ بنهي ٻولين يعني اسپينش ۽ انگلش ۾ ڪرايا وڃن ٿا. پر اها به حقيقت آهي ته ضروري نه آهي ته هر يونيورسٽي ۾ انگريزي ٻولي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام هجن.
ويزا جو طريقڪار:
•ويزا لاءِ پنهنجي ملڪ جي ڪائونسل خاني يا ايمبيسي ۾درخواست ڏيڻ گھرجي جنهن لاءِ گھربل ڊاڪومينٽ هن ريت آهن.
•ويزا فارم ڀريل هجڻ گھرجي.
•پاسپورٽ ويلڊ هجڻ گھرجي اسپين ۾ تعليم جي مدت تائين
•ٻه تازيون تصويرون
•اسپين جي ڪنهن به يونيورسٽي طرفان داخلا ملڻ جو ليٽر
•هيلٿ انشورنس
•اسپين ۾ رهائش دوران ماهوار 900 يورو اچڻ جو ثبوت
•ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ
•ڪرمنل رڪارڊ سرٽيفڪيٽ
•ويزا فيس 60 يورور
نوٽ: اسپين ۾ پهچڻ کانپوءِ شاگرد کي مهيني اندر اسٽوڊنٽ ريزيڊنس ڪارڊ فار فارينرس لاءِ اپلاءِ ڪرڻ گھرجي جنهن کي (TIE) چيو وڃي ٿو. جنهن سان گڏ Número de Identidad de Extranjero (NIE). به چئجي ٿو.
ٽيوشن فيس:
اسپين ۾ ٽيوشن فيس بين الاقوامي شاگردن لاءِ مختلف ڊگري پروگرام جي حساب سان مختلف آهي، بيچلر ڊگري پروگرام ۾ پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽي اندر سالياني فيس 680 يور کان 1400 يورو تائين آهي، جڏهن ته پرائيويٽ يونيورسٽي جي فيس 500 هزار کان 18000 يورو تائين ٿي سگھي ٿي. ان ريت اسپين ۾ اسان جي ملڪ جيان پرائيويٽ يونيورسٽيون مجموعي طور مهانگيون آهن بنسبت پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين جي.
رهائش جو خرچ:
اسپين جا ٻه اهم شهر ميڊرڊ ۽ بارسلونا باقي شهرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهانگا آهن جن ۾ ماهوار 900 يورو کان 1100 سئو يورو خرچ اچي سگھي ٿو. جن ۾ رهائش جي جڳهه وڌيڪ خرچ کائي ٿي جيڪا مسواڙ 500 سئو يورو تائين ٿي وڃي ٿي پر گڏيل رهائش يا هاسٽل ۾ يا سٽي سينٽر کان ڪجهه پرڀرو گھٽ خرچ اچي ٿو.
فنڊنگ ۽ ايڪسچينج پروگرام:
اسپين ۾ فنڊنگ لاءِ گھڻو ڪري بين الاقوامي ادارن طرفان ملندڙ اسڪالرشپ کان علاوه اسپين جي يونيورسٽين اندر مختلف پراجيڪٽس تحت فنڊنگ هجي ٿي، جنهنڪري شاگردن کي پنهنجي دلچسپي مطابق چونڊ ڪيل يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي وڃي ڏسڻ گھرجي، ۽ ڪنهن فنڊنگ جي هجڻ جي صورت ۾ اپلاءِ ڪرڻ گھرجي.
شاگردن لاءِ اهم شهر:
ميڊرڊ، بارسلونا، ويلنسيا، گرانڊا، سيوائل وغيره آهن. جن ۾ بارسلونا عالمي طور تي سياحن لاءِ پرڪشش شهر رهيو آهي، جتي خوبصورت سامونڊي ڪنارا، تاريخي آرڪيٽيڪچر رکندڙ جڳهن، کان ويندي آرٽ ۽ موسيقي جي ڪري هي شهر ماڊرن شهر جون سڀ لوازمات پنهنجي اندر سمائي ويٺو آهي، هن شهر ۾ ئي اسپين جون ٽاپ يونيورسٽيون يونيورسٽي آف بارسلونا ۽ آٽُونامس يونيورسٽي آف بارسلونا موجود آهن، لنڊن ۽ پئرس جي ڀيٽ ۾ به هي شهر افورڊايبل ۽ هن شهر ۾ بين الاقوامي شاگردن جو تعداد به تمام گھڻواچي ٿو. ته هي شهر سياحتي مرڪز جي حيثيت به رکي ٿو. جڏهن ته ميڊرڊ اسپين جي گادي جو هنڌ هجڻ ڪري سڀ کان وڌيڪ تعليمي ادرا، ايئرپورٽ ۽ ايمبيسيز يا سرڪاري آفيسن ۽ ماڊرن لائف ڪري بين الاقوامي شاگردن لاءِ وڌيڪ آسانيون ۽ موقعا پيدا ڪري ٿو. جيئن هر ملڪ جي گادي جو هنڌ اهم آهي، جتي رهڻ سان مهانگائي ته هجي ٿي، پر فلائيٽ ڊائريڪٽ مليو وڃي، شهر جو جديد ٽرانسپورٽ سسٽم هجڻ ڪري يا اهم انڊسٽريز هجڻ ڪري نوڪرين ۽ سفر ڪرڻ يا گهمڻ ۾ آساني پيدا ڪري ٿو. ميڊرڊ جو اهم يونيورسٽيون هن ريت آهن.
•Universidad Autónoma de Madrid
•Universidad Autónoma de Madrid
•Universidad Complutense de Madrid (UCM),
•Politécnica de Madrid
•Universidad Carlos III de Madrid
ويلنسيا گادي واري هنڌ ميڊرڊ کان 350 ڪلوميٽر پري آهي، اسپين جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي هي شهر به سامونڊي ڪنارن ڪري مشهور رهيو آهي. هن شهر ۾ ڪيترائي ساليانا فيسٽيول ملهايا وڃن ٿا، جنهنڪري هي شهر پنهجي مزاج ۾ زندهه دل ۽ پرجوش شهر آهي، هي شهر بارسلونا ۽ ميڊرڊ جي ڀيٽ ۾ ڪافي سستو به آهي، هن شهر ۾ هي مشهور يونيورسٽيون آهن جيڪي عالمي ريڪنگ ۾ به شامل آهن.
•Universidad Politecnica Valencia de
•Universitat de Valencia
گرانڊاشهر ڏکڻ اسپين جو اهو شهر آهي جتي اسلامي تهذيب جا نشان اڄ به ملن ٿا، جو هن ئي پاسي 711ع ۾ اتر آفريڪا مان مسلمانن اچي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، اڄ به اسلامي حڪومت جي ڏينهن ۾ تعمير ٿيل شاهي محل الحمرا موجود آهي ۽ ڪيترائي شهر آهن جتي اڄ به مسلم آبادي موجود آهي. هن شهر ۾ موجود گرانڊا يونيورسٽي Universidad de Granada عالمي ليول تي ٽاپ پنج سئو جي ريڪنگ ۾ شامل ٿئي ٿي. هن يونيورستي جاپنج ڪئيمپس آهن جن ۾ 80 هزار جي قريب شاگرد اعلي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه سوائلشهر آهي جيڪو اسپين جي قومي ڊانس flamenco جو آبائي سهر سمجهيو وڃي ٿي، هن شهر ۾ بهدنيا جي بهترين يونيورسٽي Universidad de Sevilla موجود آهي.
اسپين ۾ روزگار جا موقعا:
اسپين ۾ مجموعي طور باقي يورپ جي اهم ملڪن جي ڀيٽ ۾ روزگار جا موقعا گھٽ آهن پر وري به انٽرنشپ ۽ والنٽيئرزم جي بنياد تي ڪم ڪرڻ جا موقعا موجود آهن، ان کان علاوه انگريزي اچڻ ڪري ڪجهه ٽيوشن يا گائيڊ هجڻ جو چانسز به ملي سگھن ٿا. بحرحال موقعا موجود آهن پر ان لاءِ جاکوڙ جي ضرورت آهي وڏن شهرن ۾ شاپنگ پلازا ۽ يونيورسٽين اندر پارٽ ٽائيم جا موقعا به موجود آهن، وڌيڪ هنن ويب سائيٽس تان اسپين اندر روزگار جي موقعن جي تلاش ۽ اندازو ڪري سگھجي ٿو.
XpatJobs.com, www.thelocal.es/jobs

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *