تازا ترين
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *

اسين ماڻهون لاڙ جا… غضنفر علي سولنگي

جڏهن صبح جي ٿڌڙي هير پرين جي پيارجو پهريون تحفو پکين جي مٺي ٻولي تحت پهچائي ٿي،جڏهن باغن ۾ بهار جي رت اچي ٿي ۽ خوبصورت رنگن جي خوبصورت گلن کي ڀونئر ڀڻڪي ٿو ۽ پنهنجي پر اندر ۾ مٺيون ڳالهيون ڪري ٿو ۽ جڏهن چوڏهين رات جي چانڊاڻ سرنهن کيتن جي سرهاڻ يا وري چيٽ جا چٽا ڏينهن اکين ۾ اٽڪيل نيهن کي پسڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته انهي وقت رنگين احساسن جي روپ ۾ اندرجا اڌما نثر ، شاعري ۽ فلاسافي جو روپ وٺن ٿا ۽ امرتا جو جنم ارپي ٿو۔ اهڙي طبعيت جي مالڪ دل گهري دوست لاءِ سوين سٽون سوچيان پيو پر روايتي لفاظي کان پري من ۾ مچندڙ موجن کي مضبوط ڪري محبت ڀري ۽ ماڪ جي ڦڙن جهڙي شفاف لاءِ لکڻ ڏکيو ۽ خوش ڪندڙ لمحو آهي. ڀاءُ حسين ڪپري سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جنهن هميشه جڏهن به جنهن به موضوع تي لکيو ته دل ۽ جان سان لکيو نه خانا پوري نه نالي ۽ نه ئي ڦوٽو ڇپرائڻ جي چڪر لاءِ لکيو. ڪالم جي ابتدا ۽ اختتام سندس اهم اسلوب رهيو آهي. دنيا جي شاعرن، فلاسافرن، ڪلاڪارن ۽ تاريخدانن کان ويندي زمانن جي عاشقن، معشوقن تي اهڙو ته لکيو جو پڙهندڙ چاهي به ته ڪالم پورو ڪرڻ کانسواءِ اڌ ۾نٿو ڇڏي سگهي مزاح ۾ ماڻهو هميشه کل ڀوڳ ۽ طنز کي پسند ڪندا آيا آهن پر روايت کان هٽي ڪري حسين ڪپري ماڻهن جي نفسيات کي سمجهندي اهڙا ته ڇوهه ڇنڊيا آهن جو کلندي کلندي کل ئي لاهي ڇڏي.
“اسين ماڻهو لاڙ جا” حسين ڪپري جي ڪالمن جو ٻيو ڪتاب آهي، سنڌي ادب ۾ شانائتي تخليقي روايتن کي متعارف ڪرائيندڙ حسين ڪپري اهڙو ليڪک آهي جنهن وٽ پهچڻ کان پوءِ عام موضوع به خاص بڻجي ويندا آهن.سندس نثر ۾ وهندڙ پاڻي واري رواني آهي جنهن ۾ علمي وسعت، فلسفي جو لطف ۽ مزاح جو رنگ جهلڪي ٿو. ماڻهو سندس لفظن جي چونڊ، جملن جي ڪاٽ ۽ ڳالهه جي گهرائي ۾ ٻڏي ويندا آهن. هر دوست کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو پر هو هجومن کان اڪثر پري هوندو آهي. سنگت جون الائي ڪيتريون دعوتون، شامون ۽ پروگرام سندس غير موجودگي جي ڪري رليا پيا آهن. جيڪي ٿورا ساڻس ملاقات ڪري موٽن ٿا سي سندس تعريفن مان نه ڍاپندا آهن. ماڻهن کي شاعري جون ٻه سٽون وسريو وڃن، هن کي نثر جي ڪتابن مان صفحن جا صفحا ياد هوندا آهن. هو جڏهن شيڪسپيئر جي شاعري ۾ انساني طبيعتن جا امتزاج، مونا ليزا جي مسڪراهٽ جون معنائون ۽ لطيف جي شعرن جون تشريحون به ڪري ٿو ته هڪ سحر طاري ٿيو وڃي، پڙهندڙن کي الائي ڪهڙا ڪهڙا گمان ٿيڻ لڳندا آهن. سندس تحريرن ۾ اميدن جا دوکا، يارن جي بيوفائي، ڪاميابي جو غرور، ناڪامي جي شرمندگي ۽ دل جي انهن سڀني وارداتن کي زبان ملي ٿي جن کي هونئن سلي نٿو سگهجي. ان کانسواءِ جيڪي ڳالهيون سڌي طرح نه ڪري سگهبيون آهن تن کي اشارن، ڪناين ۽ علامتي انداز ۾ بيان ڪري ٿو. ڏکين موضوعن تي لکڻ مهل سندس تحرير ۾ سمجهاڻي وارو انداز اچي وڃي ٿو. هن جي بي چين قلم کي اڃا ته مثالي زندگي جا اسڪيچ ٺاهڻا آهن، پنهنجي دل کان رٺل ماڻهن جون ڪهاڻيون لکڻيون آهن ۽ ٻيا الائي ڪهڙا شاهڪار رچڻا آهن.اسين ماڻهو لاڙ  جا ڪتاب ۾ 30 ڪالم شامل آھن جيڪي شاندار ڪالم کان شروع ٿين ٿا ۽ هي سڄو ملڪ اصولي آھي تي ختم ٿئي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *