تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

اسير پرندو! … مايا اينجلو

هڪ ڇڙواڳ پکي هوائن تي هلي، منقار کي ساگر سان سيراب ٿو ڪري،
جيڪو نما شام جي لالاڻ ۾،افلاڪ ٿو للڪاري، اُتي هڪ لاچار پرندو،
جنهن جون گھمنڊي وِکون، جيڪي زندان جي اندر،قاصر آهن پنهنجا پَر پکيڙڻ کان،
تڏهن هن سوچيو، ورلاپ کي آلاپ ڏيڻ جو، ڪوهين ڏُور ويٺل اسيرن جي جٿن کي،
ٻڌائجن ڏونگر ڏاريندڙ آزادي جا آلاپ.
آزادي پکي هوائن جو سوچي، لڏندڙ وڻن جي سينن تي ويهي،
انهن جيتن جو لوچي اهو ٿو سوچي، اهي به هڪ ڏينهن منهنجو کاڄ ٿيندا،
ڇڙواڳي جي نئين فضائن جو سوچي، ڇو نه هوائن تي سرڪشي ڪجي،
چوي ٿو هي آڪاش، آهي زمان کان منهنجو وجود،
آئون آهيان افلاڪ، ۽ افلاڪ آ ڇڙواڳ پکي،
پر هڪ اسير پرندو، اُماس جهڙو ڀنوائتو خواب ڏسندي،
پنهنجي خوابن جي مرقد تي ويهي لوچندي،
زندان ۾ ڦاٿل ڦڙڪندڙ کنڀڙاٽين، ۽ پيرن ڏي نيهاري چوي،
هاڻي وقت آهي، آزادي جا آلاپ پکيڙن جو،
پوءِ ڳائي ٿو آزادي جا اُهي آلاپ، هڪ ڇڙواڳ پکي،
جيڪو هوائن تي هلي، منقار کي ساگر سان سيراب ٿو ڪري،
جيڪو نما شام جي لالاڻ ۾، افلاڪ ٿو للڪاري.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *