تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

استاد بخاري وقت روان جو شاعر…..عزيز ڪنگراڻي

استاد بخاري جديد سنڌي شاعريءَ جو سرموڙ ۽ وڏو قومي عوامي شاعر آهي، جنهن پنهنجي سگهاري ڏات ۽ ڏانءُ جي آڌار تي عوام ۾ لازوال مقبوليت ۽ محبت ماڻي. استاد جو اهڙن وڏن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن ٻوليءَ جو تخليقي سطح تي استعمال ڪيو ۽ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نوان لاڙا، موڙ ۽ رخ متعارف ڪرايا. جدت ۽ ندرت جون ريکائون سنڌي شاعريءَ کي آڇيائون. انهن پنهنجي شاعراڻي آرٽ جي سگهه ۽ ٻل تي سنڌي شاعريءَ تي ڇاپ ۽ اثر ڇڏيو.
شاهه لطيف کان پوءِ استاد بخاري، شيخ اياز ۽ ڪجهه ٻيا شاعر سنڌي ٻوليءَ جا اهڙا وڏا شاعر آهن جيڪي نه صرف پنهنجي دور تي اثر انداز رهيا پر هر دور تي اثر انداز ٿيندا رهندا. انهن نه رڳو پنهنجي گوناگون مطالعي ۽ مشاهدي ذريعي نوان لفظ، اصطلاح، استعارا، تشبيهون ۽ ڪنايا تخليق ڪري سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪاري ۾ اضافو ڪيو پر تخيلاتي اڏام جي بلندين کي به ڇهيو. استاد بخاري ۽ شيخ اياز اهڙا وڏا شاعر آهن جن شاعري جي ڪجهه صنفن جي هيئتن ۾ ڪامياب تجربا پڻ ڪيا.
جهڙي ريت ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صنفن دوهي ۽ سورٺي ۾ ڪامياب تجربا ڪري شاهه عنايت رضوي نصرپوري بيت ۽ وائي جي صنف کي رائج ڪيو ۽ شاهه لطيف ڀٽائي انهن صنفن جي هيئتن ۾ وسعت آندي ۽ تخيل کي عروج تي رسايو. اهڙي ريت شيخ اياز ۽ استاد بخاري پڻ شاعري جي صنفن خاص طور نظم ۽ گيت جي صنفن جي هيئتن ۾ ڪامياب تجربا ڪيا. استاد بخاري ته پنهنجي اڻ مئي ڏات جي آڌار تي نوان لوڪ گيت به متعارف ڪيا آهن.
استاد بخاري گائڪ به هو، ته موسيقار به هو. هن ڳايو به، ته وڄايو به. استاد بخاري موسيقي جي فن جي ڄاڻ ۽ شاعراڻي آرٽ کي آرٽسٽڪ ائپروچ سان ڪم آڻي گيت ۽ نظم جي هيئتن ۾ جيڪي تجربا ڪيا آهن، سو سندس ئي تخليقي مهارت جو ڪمال آهي
استاد بخاري جي ڪتابن “گيت اسان جا جيت اسان جي”، “اوتون جوتون” ۽ “زندگي زندگي” ۾ شامل گيتن ۽ نظمن جو بغور مطالعو ڪجي ٿو ته پتو پوي ٿو ته استاد بخاري جا اڪثر گيت ۽ نظم روايتي يا مقرر ڪيل گهاڙيٽي يا هيئت موجب نظر نه ايندا. انهن جي هيئتن يا گهاڙيٽن ۾ غير معمولي نوعيت جا تجربا جھلڪندي نظر ايندا. هن پوري مهارت سان گيت يا نظم جي موسيقي به بحال رکي آهي ته گيٽ يا نظم جي صنف کي هيئت جي اعتبار کان متاثر ٿيڻ يا بگڙڻ به نه ڏنو آهي. سندس اهي تجربا ان ڪري ئي قابل قبول به آهن، ته ڪامياب پڻ آهن. گيت جي هيئت ۾ ڪامياب تجربن جي سلسلي ۾ تفصيلي، تحقيقي ۽ مثالن جي سهاري تجزياتي بحث منهنجي مقالي “ گيتڪار استاد بخاري” ۾ شامل ڪيل آهي. استاد بخاري انهن صنفن ۾ تجربا ڪري انهن جي هيئتن ۾ نواڻ پيدا ڪئي ته انهن ۾ اعليٰ خيال جي گهرائي به اوتي، ته ندرت جي پڻ اوت اوت ڪئي.
استاد بخاري هونئن ته ويهين صديءَ جي وڏن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو پر سندس تخيلاتي سگهه سان سرشار اعليٰ شاعري هر دور جي شاعري آهي. سندس شاعري ۾ جدت جي عنصر واري خوبي تمام گهڻي موجود آهي، تنهنڪري استاد جهڙو سدا حيات شاعر نه صرف ويهين صدي پر ايندڙ هر صدي ۽ هر دور ۾ وقت روان جو شاعر آهي. استاد بخاري جڏهن به ۽ جنهن دور ۾ به پڙهيو ۽ ٻڌو ويندو، ان دور ۽ ان دور ۾ ساهه کڻندڙ ماڻهن جي احساسن جي ترجماني ڪندڙ شاعر هوندو ۽ رهندو. ان لاءِ استاد بخاري پاڻ اظهاريو آهي:
صد فخر جو آهيان اوهان جو شاعر
ماضي جو نه وقت روان جو شاعر

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *