تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

اسان پوئتي ڇو آهيون؟ … اعجاز احمد ڀيو

اڪثر پڇو ويندڙ سوال اهو به آھي ته اسان پوئتي ڇو آھيون؟ ڏٺو وڃي ته اسان جي پوئتي هجڻ جو وڏو سبب ٻئي کي پوئتي ڪرڻ ئي آھي. ڇو ته اسان چاهيون ٿا ته؛ (1) اسان وٽ پئسو هجي(2) اسانجي عزت،شھرت هجي( 3)اسان ڪامياب ٿيون. (4)چار ماڻھو اسانجي اڳيان ته وري چار پٺيان هجن.(5)علائقيءَ ۾ معزز سڏجون. اهي پنج ئي ڪم اهڙا آھن جيڪي مڪافات عمل جي ڪٽھڙي ۾ اچن ٿا. مطلب ٻئي کي ڏيڻ سان ئي پاڻ ماڻي سگهجن ٿا.جيئن؛ (1) پئسو سخاوت سان وڌائي ۽ ماڻي سگهجي ٿو(2)ٻئي کي عزت ڏيڻ ۽ ٻئي جي شھرت برداشت ڪرڻ سان ئي عزت ۽ شھرت ماڻي سگهجي ٿي( 3)ٻئي جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ ٻئي جي ڪاميابيءَ کي پنهنجي ڪاميابي سمجهڻ سان ئي پاڻَ ڪاميابي ماڻي ڪري سگهجي ٿي(4)ڪجھه معاشريءَ کي ارپڻ سان چار ماڻھو اڳيان ته وري چار پٺيان بيهاري سگهجن ٿا ( 5) علائقيءَ ۾ سٺن عملن سان ”معزز“ جو لقب ماڻي سگهجي ٿو. مطلب صاف صاف اِھو آھي ته اسان مٿيون مقام ماڻڻ لاءِ ھيٺيان ڪم ڪيون ئي ڪو نه ٿا ۽ پوءِ وري قسمت تي الزام ڏيئي ۽ خدا کي معيار ڏيئي ٿا چئون ته اسان پوئتي ڇو آھيون؟ حقيقت اها آھي ته اسان صرف پنهنجي ئي لاءِ هاڪاري سوچڻ ۽ باقي ٻئي لاءِ صرف ناڪاري ئي سوچڻ جي ڪَري ئي پوئتي آھيون.
اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته اڄڪلھه جو دور چٽاڀيٽيءَ( COMPETITION) جو دور آھي ۽ ان چٽاڀيٽيءَ واري دور جي ڊوڙ ۾ اسان اڳيان ڊوڙڻ واريءَ کي ڪالر کان پوئتي ڪرڻ ۾ رڌل آھيون. جيڪو عمل ٻئي سان گڏ پنهنجو پاڻَ کي به پوئتي ڪرڻ برابر آھي ڇو ته جيڪو اڳيان آھي ته اسان کي ان جي پٺي ٿڦڻ گهرجي، ان کي داد ڏيڻ گهرجي ۽ ان جي ڪاميابيءَ کي پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڪاميابي مڃي ان کي فالو ڪري پاڻَ به ڪامياب ٿيڻ لاءِ ان وانگر لاڳيتي محنت، صاف نيتيءَ سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ گهرجي نه ڪي اڳيان واري کي پوئتي ڪري عداوت، ڪيني قدورت ۽ تعصب جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *