تازا ترين
  • *سکر: وفاقي حڪومت جون مھانگائي گھٽ ڪرڻ لاءِ دعوائون ڌوڙ، دال جو اگهه مرغي برار ٿي ويو *سکر: يوٽيلٽي ڪارپوريشن 200کان وڌيڪ شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي *سکر: ڪوڪنگ آئل 10 ليٽر تي 200 کان 250 روپين تائين اضافو *سکر: دال ماش جي في ڪلو قيمت 15روپين جي اضافي کانپوءِ 250 روپيا ٿي وئي*
  • *روهڙي: فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ناموسِ رسالت ريلي ڪڍي وئي، سوين ماڻهو شريڪ *روهڙي: ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي فرانس حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي *
  • قومي اسيمبلي جي اجلاس مان اپوزيشن ميمبرز جو واڪ آئوٽ *قومي اسيمبلي جو اجلاس، اپوزيشن پاران ڪورم جي نشاندهي *اسان چاهيون ٿا ايوان کي رولز جي مطابق هلايو وڃي: نويد قمر *اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسان ڪهڙي رولز جي خلاف ورزي ڪئي آهي: اسپيڪر*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ “ڪورونا کان ڊڄڻو ناهي وڙهڻو آهي” جي سلوگن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي*چيف جسٽس پاران اسلامڪ آڊيلوجي ڪائونسل جي تجويز ڪابينا ۾ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار *عدالت وفاقي مذهبي معاملن واري سيڪريٽري اطلاعات کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو *وفاقي ادارن جي ماڻهن کي چئو ڪم ڪن يا وري نوڪريون ڇڏي هليا وڃن: چيف جسٽس*
  • *گهوٽڪي ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، احتجاج *گهوٽڪي: احتجاج سبب ڪو به وڪيل عدالت ۾ نه پيش نه ٿيو *پاڪستانين کي فرانس جي شين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي: اڳواڻ*
  • *مٺي: وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ ننگرپارڪر پهچي ڪاليداس ڊيم جو افتتاع ڪندو*وڏو وزير ميرپورخاص ڊويزن جي چونڊيل نمائندن ۽ پ پ عهديدارن سان گڏجاڻي ڪندو*
  • *احتساب عدالت ۾ ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ کين ريفرنس تي ٻڌڻي*اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري اپيل داخل*بلال شيخ، عيدل شاهه راشدي سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش*
  • *ڪنڌڪوٽ ويجهو ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ ڌنار نينگر فوت *13ورهين جي الهيار قمبراڻي جو لاش سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي*
  • *حيات پتافي: ڪراچي روزگار لاءِ ويل نوجوان 8 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ *شاهه رخ ڪراچي پورهئي لاءِ ويو هو، سندس ڪو ڏس پتو ناهي: پيءُ محمد علي منگي *ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي، شڪ آهي ته پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي: پيءُ*
  • *اسلام آباد: صدارتي ريفرنس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ٻين جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي *عدالت درخواستگذارن جي درخواست منظور ڪري ورتي *درخواستگذارن ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل داخل ڪرائي هئي*

اسان مادري زبان ڳالهائڻ ۽ لکڻ کان ڇو شرمايون ٿا ؟ … ڊاڪٽر مبارڪ علي/صدام ساگر

جڏهن سامراجي طاقت ڪنهن ملڪ تي پنهنجو سياسي تسلط قائم ڪندي آهي ته ان سان گڏ ماڻهن جي ذهن کي بدلائڻ لاءِ ان تي ثقافتي اثر ۽ رسوخ لاڳو ڪري ان جي مقامي ڪلچر کي ختم ڪيو ويندو آهي ته جيئن سامراجي طاقت جو اثر رسوخ اُن جي ذهنن تائين ڇائنجي وڃي ۽ هو پنهنجي سماج کان پري رهي سامراجي قوم جو حصو بڻجي وڃن.هندستان ۾برطانوي دورِ حڪومت ۾جڏهن انگريزي تعليم جو ذريعو بڻجي ۽ مشينرين پنهنجا اسڪول کولڻ شروع ڪيا ته برصغير جي اشرافيه سامراجي حڪومت کان مراعتون حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي زبان ۽ ڪلچر کي اختيار ڪيو.تاريخ ۾مادري زبانن ۽ غير مُلڪي زبان ۾ٿيندڙ تڪرارن کي اسان ڪيئي مُلڪن ۾ڏسون ٿا، جتي ڪٿي به مادري زبانن کي دٻايو ويو آهي، انهن کي حقير ۽ گنوارن جي زبان چيو ويو. اهڙن معاشرن ۾تخليقي ادب پيدا نه ٿيو، اُن جو هڪ مثال 17هين صديءَ جو روس آهي. جڏهن هتي زار پيٽر (1725ع) اصلاحات جي ذريعي پنهنجي ملڪ کي جديد بڻائڻ پئي چاهيو ته اشرافيه طبقي روسي زبان جي بدران فرانسيسي ڳالهائي ۽ اُن تي ئي فخر ڪندا هئا، ساڳئي صورتحال جرمني جي هئي، جتي پروشپا جو بادشاهه فريڊرڪ (1786 Fredrick 11) فرانسيسي ۾لکندو ۽ شاعري ڪندو هو ۽ جرمن صرف پنهنجي ملازمن سان ڳالهائيندو هو. روس ۽ جرمني ٻنهي مُلڪن ۾جڏهن قومپرستي جي تحريڪ شروع ٿي ۽ ان جي دانشورن پنهنجي زبان ۾لکڻ شروع ڪيو ته روسين اعليٰ ۽ شاهڪار ادب ۽ شاعري تخليق ڪئي، جڏهن ته جرمني نون فلسفياڻن خيالن ۾پوري يورپ کي پنهنجي لپيٽ ۾وٺي ڇڏيو، اُن سان اهو واضح ٿئي ٿو ته جڏهن مادري زبان اظهار جو ذريعو هجي ته دانشور تلقيد جي بدران آزاداڻه طور تي تخليق ڪندو آهي.
پاڪستان ۽ هندستان جو الميو اهو آهي ته، اُن جي اعليٰ تعليم يافته طبقي به پنهنجي مادري ٻولين کي ڇڏي انگريزي کي پنهنجي خيالن جي اظهار جو ذريعو بڻايو آهي، ان لاءِ جو دانشور انگريزي ۾لکن ٿا اهو معاشري ۾عوام جي اڪثريت سان ڪٽجي وڃن ٿا ۽ ان جي خواهش به هوندي آهي ته پنهنجي سڃاڻ پنهنجي مُلڪ جي بدران ٻاهرين دنيا ۾هجي، يعني يورپ ۽ آمريڪا ۾ان جي تخليق کي ساراهيو وڃي. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته دانشور لکي ڇو ۽ ڇا لاءِ ٿو؟؟ جيڪڏهن هو پنهنجي معاشري کان ڪٽيل آهي ۽ ان جون تحريرون عام ماڻهن جي پهچ کان پري هجن ته اهڙيون تخليقون تاريخ ۾گم ٿي وڃن ٿيون. هندستان ۾ان کي بنگالي دانشورن محسوس ڪيو ۽ انهن بنگالي ٻولي ۾لکي ان کي علمي زبان به بڻايو ۽ اُن جي ذريعي اُها ٻولي عام ماڻهن تائين به پهتي. ٻي جنوبي هندستان ۾مليالم زبان جي لکڻ وارن ادب، تاريخ ۽ سماجي علمن تي ان زبان ۾لکي ان کي بي انتها ذرخيز ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي هندي ۾به لکارين لکڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان زبان ۾هر موضوع تي ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۾اشرافيه جو هڪ اقليتي طبقو آهي جو انگريزي زبان کي اختيار ڪندي ۽ پنهنجي مادري ٻولين کي حقير سمجهندي اُن تي فخر ڪري ٿو ته هو پنهنجي مادري زبان ۾پوري طرح سان اظهار خيال ڪري نه سگهي ٿو ۽ نه ئي لکي سگهي ٿو، پر جڏهن اهو ئي دانشور انگريزي زبان ۾شاعري ڪري ٿو يا ناول لکي ٿو ته انگريزي ادبي حلقن ۾ان جي ڪوبه قدر نه هوندو آهي.
انگريزي زبان جي برتري ۽ ان جي ڳالهائيندڙن کي احساس فخر مادري زبانون ڳالهائڻ وارن کي احساس ڪمتري ۾مبتلا ڪري ڇڏين ٿا. جڏهن به ڪنهن قوم جو ادب ان جي پنهنجي زبان ۾نه هوندو آهي ته اهو نون خيالن و فڪرن ۽ نون نظرين سان پوري طرح واقف نه هوندا ۽ ذهني طور تي پسماندگيءَ جو شڪار ٿي ويندو. اهو ئي سبب آهي جو اردو ۽ علائقائي ٻولين ۾علمي ڪم نه ٿي رهيو آهي. گهڻي کان گهڻو اسان جا دانشور شاعري ۽ ادب ۾سطحي قسم جو علم پيدا ڪندا آهن، پر فسلفو، تاريخ، سماجي علم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾تحقيق نه هجڻ جي برابر آهي، ان جي ابتڙ مذهبي ۽ فرقيواراڻه ادب جي ڀرمار آهي. سنجيده ۽ علمي ڪتاب نه هئڻ جي ڪري ماڻهو فرقيواراڻه تنازعن تي ڪتاب پڙهي معاشري ۾عدم رواداري ۽ تشدد کي پيدا ڪن ٿا، جيستائين ڪنهن زبان ۾فلسفياڻي ۽ علمي افڪار پيدا نه ٿيندي، اُن وقت تائين سماج قدامت پرستي جي زنجيرن ۾جڪڙيل رهندو. ٻوليءَ کي علمي شڪل ۾شامل ڪرڻ جو ڪم دانشورن جو هوندو آهي. جيستائين اسان پنهنجي مادري ٻوليءَ ڳالهائيندي ۽ لکندي شرمائينداسين ۽ ان کي پنهنجي خيالن جي اظهار جو ذريعو نه بڻائينداسين ته ٻوليون پسمانده ٿي وينديون. هاڻي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾جيڪا تبديليون اچي رهيون آهن ان کي بيان ڪرڻ جي لاءِ مادري ٻولين کي استعمال ڪرڻ لاءِ اُن جي سڃاڻپ کي نئين بنيادن تي تخليق ڪرڻو پوندو، ان لاءِ ضروري آهي ته اسان جا دانشور پنهنجي مادري ٻولين ۾لکي ڪري عوام سان پنهنجو رشتو جوڙين.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *