تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

اسانجي سماج جا فڪري الميا … عذير عابد

علم، شعور ۽ فڪر جي آبياري لاءِ بحث مباحثا ۽ خيال جي ڏي وٺ انتھائي ضروري ھوندي آھي، بحث مباحثن ۾ ٻين جي ڳالھين، نظرين ۽ فڪرن کان واقفيت ٿئي ٿي، بحث ۾ حصو وٺندڙ ڪن ڳالھين کان جيڪڏھن واقف نٿا ھجن، پنهنجي نظرين جي خامين ۽ نقصن کان واقف ناھن ته بحث ذريعي جڏھن اڳيون ماڻھو ٻئي ماڻھو جي نظرئي يا ڳالهھ جي منفي پاسن ۽ رخن جي نشاندھي ڪري ٿو ته اھو ماڻھو پنهنجي ڳالھه جي واٽ جنهن تي ھو سفر ڪري ٿو، ان وٽ جي اڻانگن ۽ اڻ وڻندڙ پيچرن کان واقف ٿئي ٿو، ڪجهھ نظريا اھڙا ھوندا آھن جن کي حالتن ۽ وقت جي حساب سان تنقيد جو نشانو بڻائي، انجي ڪن ھاڪاري رخن تي عمل ڪندي ناڪاري پاسن کي خارج ڪري يا يا وقت ۽ حالتن مطابق تبديل ڪري سگھجي ٿو ـ ڪي نظريا وري اھڙا به آھن جن کي عقيدو چيو ويو آھي، عقيدو ڪنهن ماڻھو جو اھو ذاتي خيال ھوندو آھي جنھن جو سماج، سماجي تبديلي ۽ سماج ۾ رھندڙ ماڻھن جي نفعن نقصانن سان تمام ننڍڙي سطح تي تعلق ممڪن آھي، جڏھن ته ڪافي حد تائين اھو فرد جو ذاتي معاملو آھي انجي نفعي توڙي نقصان جو نتيجو اھو فرد پاڻ ڀوڳيندو، ٻيا ماڻھو انجا ذميوار ناھن ان سبب ڪري اھڙن عقيدن ۽ فرقن جي ڇنڊڇاڻ نه ڪجي، اھي عقيدا ۽ مذھب پڻ اھو ئي سيکارين ٿا پر جڏھن ان ذاتي نوعيت جي معاملن تي عمل نه ڪندي فرد جي ذاتي عقيدي يا رويي تي تنقيد ڪئي ٿي وڃي ته سماج ۾ فساد جنم وٺن ٿا جيڪي سماج جي تباھي ۽ بربادي جو سبب بڻجن ٿا ڇاڪاڻ ته نفسياتي طرح ھر ماڻھو جي سوچ ۽ خيالن جو دائرو پنهنجو وجود ھوندو آھي، انساني دماغ جيڪو ڏينھن رات شعوري يا غيرشعوري طرح سوچيندو ۽ ويچار ڪندو رھندو آھي، انھن سوچن ۽ ويچارن جو محور به پنهنجو نفعو، نقصان، مايوسي، خوشي ۽ غم ٻين لفظن ۾ پنهنجي ذات ھوندي آھي پاڻ کي بھتر ڪيئن ڪجي ، غم کان پري ڪيئن ڀڄجي وغيرھ پوءِ ماڻھو پنهنجي ذات ۽ عقيدي جي ڪا توھين ڪيئن برداشت ڪندو، اھو ان لاءِ غيرت ۽ عزت جو سوال بڻجي ويندو جنھن لاءِ ھو ڪا به قيمت ادا ڪندو تنهنڪري ان ذاتي عقيدن تي جن جو ٻين فردن جي نفعي نقصان سان ڪو به تعلق ڪونھي بحث ڪرڻ به نه گھرجي ۽ تنقيد جو نشانو به نه بڻائڻ گھرجي.
ڪجهھ نظريا اھڙا ھوندا آھن جن جو سڌو تعلق مجموعي سماج ۽ فرد جو فرد سان رشتي ۽ تعلق سان ھوندو آھي، اھڙن نظرين تي بحث ڪرڻ وقت اھا ڳالهھ ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته اھي نظريا تبديل ٿي سگھن ٿا، اھي توھان ۽ اسان جھڙن انسان جي خيالن مان جوڙيا ويا آھن تنهنڪري اھي خيال ڪن حالتن ۾ غلط به ثابت ٿي سگھن ٿا، انھن تي تنقيد به ڪري سگھجي ٿي ۽ ڪن ڳالھين کي تبديل به ڪري سگھجي ٿو پر اسان وٽ الميو اھو آھي جو اسان نظرين ۽ نظرئي جي بانين سان عقيدو رکون ٿا ڪا به تنقيد ان بابت برداشت نٿا ڪريون جنهن سبب سماج جي شعوري آبياري نٿي ٿئي، فڪر ۽ سماج جي معاملن سان تعلق گھٽ رھي ٿو پر اسانجي سوچ جو محور ڪن ڳالھين بابت اسانجي اڳ ۾ جوڙيل نظريا ھجن ٿا پوءِ اسان ڪا به نئين ڳالھه نه سکون ٿا نه ٻڌون ٿا ۽ نه وري سمجھون ٿا پر اڳ ۾ جوڙيل خيالن جو بچاءُ ڪندا رھون ٿا ـ اھو سماج جنھن ۾ عقيدي پرستي گھر ڪري وئي ھجي ،جنھن سماج ۾ ماڻھو شخصيتن کي پير ڪري پوڄن جٿي نظرين سان گھٽ ۽ شخصيتن سان محبت گھڻي ھجي ڇا ان سماج ۾ ڪو ماڻھو مڪمل طرح آزاد ٿي سگھي ٿو ڪنھن شخصيت تي تنقيد ڪرڻ لاءِ، ڳالھه سمجھڻ جي ھي آهي ته ڪو به ماڻھو جيڪو ڪھڙي قسم جو ڪو علم يا آرٽ رکي ٿو ڀلي اھو شاعر ھجي، عالم ھجي يا فلسفي ھجي اھو ھن سماج ۾ رھي ٿو، انجي شاعري/فن سماج ۾ رھندڙ ماڻھن لاءِ ھجي ٿي، سماج ۾ رھندڙ ماڻھو ان ماڻھو جي شاعري (يا ڪو ٻيو آرٽ جيڪو ان ماڻھو ۾ ھجي ٿو ) پڙھن ٿا، پنھنجي دل سان ان کي پنهنجي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني سمجھي قبولين ٿا ته ٻئي طرف اھا ڳالهھ به سمجھڻ گھرجي ته سير جي مٿان سوا سير به ھوندو آهي يعني جيڪي ڳالھيون ڪنھن مفڪر، شاعر يا عالم ڪري ويا آھن ان کان وڌيڪ بھتر ڳالھيون ايندڙ وقت ۾ ڪو ٻيو ماڻھو ڪري سگھي ٿو ـ ڪنھن مخصوص دور ۾ ڪيل ڳالھيون ۽ فڪر وقت ۽ حالتن جي حوالي سان Outdated (غير لاڳاپيل ۽ مدي خارج ) ٿي سگھن ٿا ۽ ان ڳالھه جو اظھار به ڪري سگھجي ٿو ته ھي ڳالھيون ھاڻ ھن دور سان Relevance(تعلق ) نٿيون رکن، ھاڻي ھي ڳالھيون نه ٿيڻ گھرجن ـ ايئن چوڻ مان قطعي به اھو مقصد نه وٺڻ گھرجي ته اسان کي ان شاعر يا مفڪر سان ڪا ذاتي دشمني آهي ، انھن ماڻھن لاءِ بيحد احترام آهي پر اھي ماڻھو تنقيد کان بالاتر ناھن ۽ انھن جون ڪيل ڳالھيون آخري ڳالھيون ناھن، ان کان وڌيڪ بھتر ڳالھين جو امڪان آھن. مثال طور ڊاڪٽر مبارڪ علي جھڙي تاريخدان علامه اقبال لاءِ چيو آھي ته اقبال کي تاريخ جو حصو سمجھي ضرور پڙھڻ گھرجي پر انکي ڪڏھن به پنھنجو رھبر نه بڻائڻ گھرجي ـ
اسانجا ماڻھو جيڪڏھن مبارڪ علي جي ان ڳالهھ سان اتفاق نٿا ڪن ته دليلن سان ان ڳالهھ جي رد ۾ موقف پيش ڪن پر ايئن نٿو ٿئي، اقبال کي پڙھڻ بدران ان کي پوڃيو ويندو ته ان تي تنقيد به برداشت نه ڪئي جڏھن ته اقبال ڪو پير نه پر شاعر آھي جنهن جي شاعري جي پوڄا نه ڪئي وڃي پر ان کي پڙھيو وڃي ـ ساڳي ڳالھه ٻين معروف شخصيتن تي لاڳو آھي، مشھور فلسفي ڊيوڊ ھيوم چوندو ھو : جيڪڏھن ڪنھن ماڻھو سڄي زندگي صرف ڳاڙھي رنگ جو گھوڙو ڏٺو آهي ته انجو مطلب اھو نه ٿيو ته گھوڙو ٿيندو ئي ڳاڙھو آهي ـ ‘اچو ته پيرپرستي ۽ عقيدھ پرستي واري روايت ٽوڙيون ـ علم ۽ شعور واري واٽ تي ھلندي تنقيدي شعور کي اڳتي واڌايون ـ

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *