تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ارطغرل غازي ڪير هو؟ …طفيل مگسي

ارطغرل غازي سلطنت عثمانيا جو باني هو سندس جنم 1191ع ۾ ٿيو ۽ وفات 1280ع ۾ ڪجهھ ڪتاب 1281ع ٻڌائين ٿا سندس 3 پٽ ھئا. گندوز، سائوچي ۽ عثمان ۽ سندس ٽئين پٽ عثمان 1219ع يعني پنهنجي بابا ارطغرل جي وفات کان 10سال پوءِ خلافت قائم ڪئي ۽ ارطغرل جي ان پٽ عثمان جي نالي سان ئي خلافت جو نالو خلافت عثمانيا رکيو هو پر سلطنت جو بنياد ارطغرل غازي رکي ويو هو، هن کانپوءِ انهيءَ سلطنت 1291ع کان وٺي 1924ع تائين 600سالن تائين ترڪن جي تلوارن کان امت مسلما جو دفاع ڪيو، بعد ۾مسجد نبوي، گنبذ خضري ۽ مسجد حرام جي جديد تعمير سيدنا امير حمزه جي مزار ، مڪا مڪرما تائين هڪ عظيم الشان نهر ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفي صلي الله عليھ وسلم جي مزار جي چوڌاري سيسي جي ڀت جهڙا عظيم ڪارناما انجام ڏنا.
ارطغرل غازي جو خاندان وچ ايشيا کان هتي آيو هو ۽ ان جي خاندان اوغوز خان جا ٻارهن پٽ ھئا جن کان اهي ٻارهن قبيلا بڻيا جنهن منجهان هڪ قاني قبيلو هو جنهن سان ارطغرل غازي جو تعلق هو سندس والد جو نالو سليمان شاھه ھو، ارطغرل غازي جا 3 ٻيا ڀائر هئا، صاردم، ذولجان ۽ گلدارو ۽ ھن جي عمر جو نالو حائما هو. هڪ قبيلو سڀ کان اڳ وچ ايشيا کان ايران ۽ پوءِ ايران کان اناطو ليا آيو هو، منگولن جي يلغار کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جتي سلطان علاوالدين جيڪو سلجوڪ سلطنت جو سلطان هو ۽ اها سلجوڪ ترڪ سلطنت سلطان الپ ارسلان قائم ڪئي هئي. سلطنت الپ ارسلان تاريخ جي تمام وڏي شخصيت هئي ۽ انهي سلطنت جو اڳواڻ سلطان علاوالدين بڻيو، سلطان علاولدين جي پاڇي ۾ اهي ٻارهن قبيلا اوغوز خان رهندا هئا ۽ ان قائي قبيلي جو چيف ارطغرل بڻيو. پنهنجي والد سليمان شاھه جي وفات کانپوءِ سڀ کان پهرين آيو هو، پوءِ اهلت کان حلب ويو هو.1032ع جي“سلطان صلاح الدين ايوبي“جي پوٽي الغزير جي حڪومت هئي، سڀ کان اڳ ارطغرل الغزير کي ان جي محل ۾ موجود غدارن کان ڇوٽڪارو ڏياريو.پوءِ ان سان دوستي رکيائين. سلطان علاوالدين جي ڀائٽي حليما سلطان سان شادي ڪيائين.جنهن مان هن کي 3 پٽ ٿيا، صليبين جي هڪ مضبوط قلعي کي فتح ڪيو، جيڪو حلب جي ويجهو هو جنهن بعد ارطغرل سلطان علاول الدين جي ويجهو ٿي ويو.
منگولن جي يلغار کان اڳ ارطغرل غازي منگول جي هڪ اهم ليڊر نويان کي شڪست ڏني، نويان منگول بادشاھه اوڪتائي خان جو ساڄو هٿ هو، اوڪتائي خان چنگيز خان جو پٽ ھو ۽ ان اوڪتائي جو پٽ ھلاڪو خان هو، جنهن بغداد کي گهوڙن جي سنبن ۽ تلوارن جي زور تي ريٽو ڪري ڇڏيو جو دريا فرات رت سان رنگجي ويو. ارطغرل غازي پنهنجي قبيلي کي وٺي سوغت آيو بلڪل قسطنطنيا جي ويجهو ۽ اڳ ۾ اتي بازنطين جي هڪ اهم قلعي کي فتح ڪيو ۽ ھتي سڀني ترڪ قبيلن کي گڏ ڪيو ۽ سلطان علاوالدين کانپوءِ سندس ٻيون پٽ غياث الدين سلطان بڻجي ويو، ان جي ڌيءُ سان ئي عثمان جي شادي ٿي، هڪ جنگ ۾ سلطان غياث الدين شھيد ٿي ويو ته عثمان غازي سلطان بڻجي ويو ۽ ان جي نسل کان سلطان محمد فاتح رحه جنهن 1453ع ۾ وڃي ڪري قسطنطينيا فتح ڪئي هئي ۽ انهي سان حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي غيبي خبر مڪمل ڪئي، تاريخ ۾ ارطغرل غازي جهڙا جنگجو نهايت گهٽ ملن ٿا پر اسان جو نسل انهن کي نٿو سڃاڻي ته هو ڪيترو جنگجو فاتح ھو.ان ارطغرل غازي جي پٺيان الله پاڪ جي مدد هئي.امام ابن العربي ارطغرل غازي کي ٻه ڀيرا موت جي منهن مان ڪڍيو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *