تازا ترين
  • *جيڪب آباد: 8 سال اڳ اغوا ڪيس ۾ 5 سال سزا ٻڌايل جوابدار زبير جکراڻي ضمانت لاءِ عدالت پهتو *عدالت ضمانت جي درخواست رد ڪندي جوابدار زبير جکراڻي کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *جوابدار زبير جکراڻي سميت ٽن جوابدارن خلاف جيڪب آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو *عدالت 6 اپريل 2012 تي جوابدار زبير جکراڻي سميت ٻن کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي*
  • *صدر جي ڀٽيون ويجهو شادي شده عورت کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش *ڳوٺ مور جهٻر واسڻ ناهيدان شيخ کي جوابدارن پاران مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي *مڙس جي غير موجودگي ۾ نثار، هدايت ۽ شمن شيخ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: ناهيدان شيخ*
  • *نيب شهباز شريف خلاف صاف پاڻي ڪمپني انڪوائري بند نه ڪئي آهي: نيب ترجمان *نيب شهباز شريف جي بدعنوانين خلاف ثبوتن جي بيناد تي ريفرنس داخل ڪيا: ترجمان *نيب ڪيسن ۾ رنڊڪون پيدا ڪندڙن کي مشورو آهي ته اهي عدالتي فيصلن جو انتظار ڪن: ترجمان*
  • *االعزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس، نواز شريف جي لنڊن واري رهائشگاهه ٻاهران طلبي جا اشتهار لڳايا ويندا *رجسٽرار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو *طلبي جا اشتهار نواز شريف جي رهائشگاهه ٻاهران چورنگي تي لڳايا وڃن: خط *اشتهار پاڪستاني هاءِ ڪميشن پاران رهائشگاهه ٻاهران لڳايا وڃن: خط*
  • *لاڙڪاڻي ۾ مبينا تشدد جو نشانو بڻيل اي ايس آءِ اصغر مغيري جو يوٽرن *اصغر مغيري رٽائرمينٽ واري درخواست واپس وٺڻ بعد ڊيوٽي شروع ڪري ڇڏي *رٽائرمينٽ واري درخواست منظور نه ٿيڻ سبب ڊيوٽي شروع ڪئي آهي: اصغر مغيري *اصغر مغيري پاران رٽائرمينٽ بابت ڪا به درخواست ناهي ملي: ايس ايس پي جو پي آر او*
  • *هالاڻي ۾ هاءِ اسڪول جي ٻن شاگردن کي ڪورونا جي تصديق *هاءِ اسڪول ھالاڻي جي110 شاگردن جي ٽيسٽ ڪئي وئي جن مان ٻن جي رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڳوٺ الهڏنو جوڳي واسي ٻن شاگردن کي ڪورونا جي تصديق بعد گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو*
  • *ٺل ويجهو مقتول احمد نوناري جي قتل خلاف هنيل ڌرڻي دوران چڪريون، 3 اهلڪار زخمي* ٺل: مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪرين دوران ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل *ٺل: پوليس جي مقتول احمد نوناري ۽ سعيد ڀٽي جي ڪيس ۾ گهربل 2جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *جوابدار عظمت گهڃو ۽ محمد بخش کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس *
  • * لاهور: احتساب عدالت ۾ رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *حمزه شهباز اوهان کي ڪورونا وائرس آهي؟: عدالت جو سوال *جي ها مونکي ڪورونا وائرس هو، هاڻي طبيعت بهتر آهي: حمزه شهباز جو جواب *عدالت وڪيلن جي هڙتال سبب ٻڌڻي 31 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي*
  • * سپريم ڪورٽ ۾ 25 هين آئيني ترميم خلاف درخواست تي ٻڌڻي *وفاق ۽ ڪي پي حڪومت درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي اعتراض واري ڇڏيا *درخواستگذار کي پهرين درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ بابت دليل ڏيڻا پوندا: ايڊيشنل اٽارني جنرل *آرٽيڪل 17 تحت سياسي حق ۽ بينادي حقن ۾ شمار ٿين ٿا: سپريم ڪورٽ *قبائلي علائقا پنهنجي مرضي سان پاڪستان ۾ شامل ٿين، انهن جون قربانيون آهن: عدالت*
  • *بلدياتي چونڊن ۾ آزاد اميدوارن کي مخصوس سيٽون نه ڏيڻ وارو معاملو *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ذوالفقار مرزا جي درخواست تي ٻڌڻي *بدين اتحاد، 2015ع ۾آزاد حيثيت سان 4يوسيز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي: درخواستگذر جو وڪيل *مخصوس سيٽون نه ڏيڻ سان يوسيز چونڊيل نمائندن بدران بيوروڪريٽس هلائين پيا: وڪيل *ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ اهو مسئلو ٻيهر سامهون ايندو: وڪيل *عدالت فوري ٻڌڻي لاءِ درخواست تي سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *عدالت ڌرين کي 18نومبر تائين جواب ڏيڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي *قانون موجب مخصوص سيٽون رڳو سياسي جماعت کي کي ڏئي سگهجن ٿيون: اليڪشن ڪميشن *
  • *مدئجي ۾ گذريل ڏينهن پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو *مقتول صديق جلباڻي جي وارثن جلباڻي لاڙي وٽ لاش رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٽائرن کي باهيون* پوليس صديق کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، هڪ نوجوان کي به گم ڪيو ويو آهي: وارث*
  • *لاڙڪاڻو: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران چانڊڪا اسپتال جو دورو *لاڙڪاڻو: سيشن جج اقبال حسين ميتلو کي ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي پاران بريفنگ ڏني وئي *65بسترن واري ايڇ ڊي يو وارڊ ۾ پوسٽ ڪورونا مريضن لاءِ انتظام ڪيل آهن: ايم ايس چانڊڪا اسپتال *چانڊڪا اسپتال ۾ جديد سهولتون اطمينان بخش آهن، هڙتالون يا مظاهرا نه ٿيڻ گهرجن، سيشن جج *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت نارووال اسپورٽس سٽي ڪيس جي ٻڌڻي *نيب احسن اقبال خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مهلت گهري ورتي *نيب جي جاچ آفيسر اڳڀرائي رپورٽ احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *پري ايگزيڪيوٽو بورڊ ۾ ريفرنس پيش ڪيو هو، اڃا منظوري رهيل آهي: جاچ آفيسر*
  • *حيدرآباد ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ ٻيهر واڌ، 24ڪلاڪن دوران 29نوان ڪيس ظاهر *حيدرآباد جي شهري تعلقي ۾ 6،لطيف آباد ۾11۽ قاسم آباد ۾ 12 نوان ڪيس ظاهر *221 ڄڻا گهرن ۾ آئيسوليٽ،7 ڄڻا سول اسپتال ۽ 5 ڄڻا ڪراچي جي اسپتالن ۾ داخل*

ارسطو طرفان پيش ڪيل حقيقت جو فلسفو! … يوسف جميل لغاري

فلسفي جي تعليم ۾ افلاطون کان پوءِ جنهن مدبر توڙي ڏاهي جو ذڪر ٿيندو آهي سو آهي ارسطو. ارسطو يونان جي ناليوارو فلسفي ۽ مفڪر آهي. جنهن تعليم ۽ سياست جي علم تي گهڻو ڪم ڪيو. ارسطو حقيقت جو فلسفو ڏنو جنهن کي انگريزي ۾ (Philosophy of Realism) سڏيو ويندو آهي. يونان ۾ هي پهريون مفڪر ۽ فلسفي هو جنهن مادي ۽ روحاني قدرن جي وڪالت گڏوگڏ ڪئي آهي. هن جي حقيقت واري فلسفي وسيلي تعليمي نظرين جو اهم نقطو سامهون آيو جنهن جي مدد سان حقيقت جي معرفت حاصل ڪرڻ هو. ارسطو سائنس کي باقاعده نموني نصاب ۾ شامل ڪري جديد سائنس کي قوت بخشي. ڇو ته هن کان پهريان افلاطون پنهنجي فلسفي جي وسيلي تاريخ ۽ علم عمرانيات کي اوليت ڏني هئي. جڏهن ته ارسطو سائنس کي نصاب ۾ شامل ڪري تعليم کي هڪ نئون ماپو مھيا ڪيو، جنهن جي مدد سان شين کي مختلف پهلوئن سان جاچڻ جو رستو مليو. ارسطو جتي سائنس کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو عمل ڪيو اُتي اُن سان گڏوگڏ تعليم ۾ سکيا جي طريقن ۾ هڪ نئو طريقو پڻ متعارف ڪرايو جنهن کي استقراني طريقو (Inductive Method) چيو ويندو آهي. ارسطو پنهنجي هن فلسفي ۾ هڪ ٻيو بهترين ڪم اِهو ڪيو ته هن قدرن کي وڏي اهميت ڏني ۽ اخلاقيات کي عملي سائنس جو درجو ڏنو. ارسطو مطابق اخلاقيات هڪ اهڙا قائده ۽ اصول جوڙن ٿا جنهن سان فرد پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ سولائي محسوس ڪري ٿو ان لاءِ هن اخلاقيات جهڙي اعليٰ قدر کي عملي سائنس جو نالو ڏنو ۽ اُن کي تعليم ۾ کڻي آيو ڇو ته تعليم پڻ انسان کي پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ هڪڙو متوازن رستو فراهم ڪري ٿو.
ارسطو پنهنجي هن فلسفي وسيلي اجتماعي معاشرتي شعور کي پڻ اُجاگر ڪيو سندس چوڻ آهي ته؛ ”انسان هڪ سماجي جانور آهي. اُهو سماج ۽ گروھ کان سواءِ پنهنجي زندگي نه ٿو گذاري سگهي. اِن لاءِ کيس معاشرتي يڪجهتي جي ضرورت پوي ٿي“. جنهن لاءِ کيس معاشري جي سٺي اڏاوت ۽ بهتري لاءِ پڻ ڪم ڪرڻ کپي ۽ پاڻ کي اهڙي نموني تيار ڪرڻ گهرجي جو هو معاشري جي ٻين فردن لاءِ ڪار آمد ۽ لاڀائتو ثابت ٿئي. جيڪڏهن ڪو به انسان اجتماعي گروھ يا معاشري کان الڳ ٿي ڪري پنهنجي زندگي بصر ڪندو ته يقينن اُهو عمل سندس لاءِ ڏکيو ٿيندو ۽ هو پنهنجي زندگي جي مقصد کان هٿ ڌوئي وٺندو. حقيقت پسندي جي نظريي مطابق تعليم جا خاص مقصد انفراديت، شعور، صحت ۽ ذهانت قرار ڏنل آهن. يعني جڏهن ماڻهو هن نظريي مطابق تعليم حاصل ڪري ٿو ته اُنهي ۾ سماجي شعور سجاڳ ٿئي ٿو ۽ هو پنهنجي انفراديت جي سگھ کي سڃاڻي ڪري روز مره جي زندگي جي باقي سهولتن جهڙوڪ صحت، تحفظ ۽ روزگار جي وسيلن طرف ڌيان ڌرڻ شروع ڪري ٿو. ارسطو جي هن فلسفي کي اهل علم طبقي وڏي پئماني تي پسند ڪيو آهي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته واقعي ماڻهو معاشري جو حصو آهي ۽ انساني ترقي، فلاح ۽ بهبود لاءِ کيس هڪ پاڪيزه ۽ صاف سٿرو معاشرو گهربل هوندو آهي. جنهن ۾ سندس انفرادي حيثيت بحال ٿيڻ سان گڏوگڏ کيس پنهنجي پسند جي ڪم ڪار ڪرڻ جو موقعو فراهم ٿيندو آهي.
ترقي پسند معاشري ۾ هر روز نت نيون تخليقون جُڙي ڪري سامهون اينديون آهن ۽ انساني زندگي هر قسم جي سهولتن سان آراسته هوندي آهي. معاشري جي قدرن ۽ اصول توڙي ضابطن جو ماڻهن جي سوچ ويچار تي به گهيرو اثر پوندو آهي. هر فرد پنهنجي معاشري جو اثر قبول ڪندو آهي ۽ اُنهن اثرات جي هيٺ پنهنجي زندگي گذاريندو آهي. حقيقت پسندي جو فلسفو اسان کي ٻڌائي ٿو ته هر هڪ شئي جا ٻه پهلو هوندا آهن. هڪ مثبت ۽ ٻيو منفي. اسان کي هميشه حقيقت پسندي جو مظاهرو ڪندي مثبت شين کي هٿي ڏيڻ گهرجي جئين اُهي اڳتي هلي ڪري ٻين لاءِ فائدي مند ثابت ٿين، اِنهي جي برعڪس منفي شين، ڪمن ۽ عملن کان پاڻ کي توڙي پنهنجي معاشري کي بچائي رکجي ته جئين اسان جو ٺهيل معاشرو ترقي جا ڏاڪا چڙهي سگهي ۽ انساني زندگي پرسڪون ٿيندي سڀني لاءِ سک ۽ سلامتي جو ماحول برقرار ڪري سگهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *