تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ارسطو جو سياستدانن ڏانهن هڪ خط … طفيل مگسي

سلام قبول هجي سياستدانو؛
مان هن دنيا ۾ پنهنجين غلطين جي سزا ڀوڳي رهيو آھيان ۽ اميد ڪريان ٿو ته توهان پنهنجي سياست مان اخلاق جهڙي فضول شي کي ڪڍي ڇڏيو هوندو.ٻيو احوال اهو ته مان قبر ۾ پيو پيو بور ٿي چڪو آھيان .نه رياست ۽ حڪومت تي بحث ڪري سگهان ٿو نه ڪنهن سياسي مفڪر تي تنقيد ڪري سگهان ٿو. جيتوڻيڪ هن عالم اڪيلائي کان گهٻرائجي هي خط لکي رهيو آھيان ته جيئن دل جو ڪجهه بار هلڪو ڪري سگهان. ڇو ته اوهان يونان کان چڱي ريت واقف آھيو.ان ڪري مان يونان کان پنهنجي ڳالهه شروع ڪري رهيو آھيان .مان يونان ۾ ڪنهن خزان جي پن جيان هيڏانهن هوڏانهن گهمندو ۽ پنهنجا تاثر ضبط ڪندو رهندو هوس.مان ان وقت سوچي به نه سگهندو هوس ته مون جهڙو سيلاني شخص سياست جو ابو سڏبو.شايد توهان ماڻھو مون کي سياست جو ابو ان ڪري سڏيو ٿا ته مون افلاطون جيان صرف دماغ کان ئي ڪم نه ورتو پر اکين کان به ڪم ورتو. سياست جوابو چوڻ جو هڪ مقصد هي به ٿي سگهي ٿو ته مون جدائي جي باوجود سياسيات ۽ اخلاقيات جون راهون بند نه ڪيون هيون.جڏھن ته ويهين صدي جي ماڻھن سياسيات ۽ اخلاقيات جي وچ ۾ سماج جي ڀت جو ڪردار ادا ڪيو آھي ۽ مان جو سياست جو ابو آھيان ان سلسلي ۾ نا اميد آھيان ته ويهين صدي جا ماڻھو انهن ٻنهي ۾ ڪو ميلاپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا پر مون کي اميد آھي ته انهن کان جنهن حد تائين ممڪن ٿي سگهندو اهي سياسيات کي اخلاقيات کان پري رکندا.ٻڌو آھي ته مون کانپوءِ ميڪاولي نالي جو سياسي مفڪر به سامهون آيو آھي جنهن کي منهنجو جان نشين چيو وڃي ٿو.اها مون سان سراسر بي انصافي آھي.ميڪاولي منهنجو جان نشين نٿو ٿي سگهي ڇوته اهو ڪنهن بداخلاق سياسي مفڪر جو جان نشين هوندو.مان جيترو با اخلاق آھيان اهو ته اوهان ڄاڻو ٿا. مون افلاطون جي اجتماعيت کي ان ڪري رد ڪيو هو ته خاندان کي ختم ڪرڻ سان رياست اخلاقي برائين جو ڳڙھه بڻجي ويندي آھي.ان مان ثابت ٿئي ٿو ته مان نه صرف با اخلاق آھيان بلڪ بد اخلاق جي خلاف به جهاد ڪريان ٿو.
20صدي جا سياستدانو ؛ اڄ توهان سان مخاطب ٿي ئي چڪو آھيان ته هي ٻڌائيندو هلان ته مهنجو شروعاتي مملڪت جو نظريو اڻپورو ناهي بلڪ اهو هڪ مڪمل نظريو آھي ڇوته مان ان باري ۾ ڄاڻيندو هوس ته مون ان نظريي تي ايترو ئي بحث ڪيو آھي ۽ اتي ڪن ماڻھن جو خيال آھي ته مون انسان کي معاشرتي ڪيڙو نه بلڪ معاشرتي حيوان سڏيو آھي جڏھن ته اڄ دنيا تي نظر وجهان ٿو ته ڪي انسان مون کي ان اعزاز جو مالڪ سمجهن ٿا. 20صدي جا ماڻھو اڪثر منهنجي نظريي غلامي تي ڪاوڙ ڪن ٿا.حالانڪه اهل علم ڄاڻن ٿا ته مون غلامي جو نظريو ڇو پيش ڪيو هو. اصل ۾ يوناني شھرين جي زندگي کي آرام وارو بنائڻ ٿي چاهيو ته جيئن اهي ڪم ڪرڻ بنا دنيا جون نعمتون اهڙي طرح حاصل ڪن جهڙي طرح اڄ توهان جي معاشري ۾ سرمائيدار ۽ جاگيردار هر قسم جي سهولتن مان فائدو وٺي رهيا آھن. ظاهر آهي مون کي ان جي لاءِ نظرياتي سبب جي ضرورت آھي. جيڪو مون پيش ڪيو ٻين لفظن ۾ يوناني شھرين جي لاءِ غلامي جو استحصال چاهيندو هوس.افلاطون به اهوئي ٿي چاهيو پر هو مستقبل جي مورخ کان خوفزدهه هو ان ڪري هن غلامي جي حق ۾ دليل نه ڏنا.مان اڄ جي انسانن کي چوان ٿو ته منهنجي غلامي واري نظريي تي ڇو تنقيد ڪريو ٿا؟ توهان ته صديون غلام رهيا آھيو ان ڪري اڄ به غلام ئي آھيو. توهان جا ۽ وڏين طاقتن جا لاڳاپا به ان جو مثال آھن.مان اڳ ئي چوندو هوس ته ڪائنات ۾ غلام ۽ آقا جو رشتو فطري آھي.اڄ به سڀ پنهنجن آقائن سان لاڳاپا رکيو ويٺا آھن ڇوته مون کي ڪافي عرصي کانپوءِ لکڻ جو موقعو مليو آھي.ان ڪري جيڪڏھن ڪنهن کي منهنجي ڪا ڳالهه بري لڳي ته مان معافي جو طلبگار آھيان.
فقط
اوهان جو سياسي ابو
ارسطو

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *