تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ارتقائِي تات پڙڇ جي تحقيق ۾ جهاتي …انسان جي ڪهاڻِي …(حصو پهريون) ظهير جاويد/ دليپ ڪوٺاري

(حصو پهريون)
ظهير جاويد/ دليپ ڪوٺاري

جديد کوجنا موجب دنيا ۾ انسان جي آمد اتر اوڀرآفريڪامان ٿي هئي. ڪي ٻارنهن (12) لک سال پهريان انسان هتان کان نڪري ايشيا ۽ يورپ ۾ پکڙجي ويو هو، انسان جي ان قسم کي سائنسدان هومو اريڪٽس erectus)(Homoچون ٿا. انسان جو اهو نسل سڌو بيهي يا کڙو ٿي هلندو هو ۽ هيلتائين ان جا ٻٽيهه (32) لک سال اڳ وارا آثار ڳولي لڌا ويا آهن. هومو اريڪٽس جي نڙيء جي بناوت اهڙي هئي جو اهو ڳالهائي ڪونه سگهندو هو.اٽڪل ٻه لک ورهيه پهرين ان نسل منجهه هڪ اهڙي نئين جين جنم ورتو، جنهن جو نانء فاڪس پي-2 رکيو ويو. ان جين جي پيدا ٿيڻ سان اهو قديم انسان ڳالهائڻ جي قابل بڻجي ويو. انسان جي هن نئين نسل جون ڪئين شڪليون۽ صورتون سامهون آيون، انهن ۾ هومو سيپئن ساخت وارو انساني نسل وڌيڪ مشهور ٿيو. اڄ جي باشعور انسان جو تعلق ان نسل سان آهي، پر ٻه لک سال پراڻي دور جي ان انسان جي ٻولي ڪهڙي هئي؟ ان جي تاريخ ڇا آهي؟ ان جا احساس ۽ جذبا ڪهڙا هئا؟ ان پنهنجي زماني ۾ ڪهڙيون ڪهاڻيون سرجيون؟ فضائن ۾ نغمي ۽ گونج جا ڪيترا رنگ ۽ سر پکيڙيا؟ ان جو ادراڪ ان ڪري نه ٿي سگهيو جو ان وقت جي انسان کي لکڻ ڪونه ايندو هو، ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته ڪا رسم الخط يا لپي (لکڻ جو نمونو) ايجاد ڪو نه ٿيو هو. ان ڪري هن انسان جي زندگيء جو وڏو حصو هوائن ۾ حل ٿي چڪو آهي ۽ اسان ڳولها ڦولها ڪري ان تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
ان دور جي انسان وٽ اڄ جهڙا وسيلا ئي ڪونه هئا. اهڙي صورتحال ۾ کيس اها ڄاڻ ئي ڪانه هئي ته جيئڻ جو ڍنگ ڇا ٿيندو آهي. انڪري هن جي ۽ جانورن جي وچ ۾ سدائين زندگي ۽ موت جي ڊوڙ لڳل هوندي هئي. اڄ اهو سوچي ڏندين آڱريون ٿيون اچن ته لکين سالن جو هي سفر انسان ڪهڙي ريت طئه ڪري آيو؟ هن وٽ ته پائڻ لاء ڪپڙا ڪونه هئا، هن وٽ رهڻ لاء ڪا محفوظ جاء ميسر ڪا نه هئي. هو جانورن سان گڏئي کليل آسمان هيٺيان رهندو هو. هن وٽ انهن خوفناڪ، شڪاري ۽ بک جي ماريل جهنگلي جانورن کان بچاء جي فقط هڪ ئي واهه هئي ته هو زمين تان پٿر کڻي انهن کي هڻي ۽ ڀڄندو پناهه جي ڪاجاء ڳولي. اهو ڪو سولو ڪم ڪو نه هو. جيتوڻيڪ ان انسان جي پيدائش کان اڳ ۾ انهن وڏن وڏن تاريخي جانورن جو زمانو ختم ٿي چڪو هو، جن کي “ڊائنوسار” چيو ويندو آهي، پر انهن جي جاء جن جانورن ورتي هئي. اهي به قداور ۽ خونخوار هئا. انهن کي وس ۾ ڪرڻ ايترو آسان نه هو جو انسان وٽ هٿيار ئي ڪو نه هئا. هو زمين تان ڀتر کڻي انهن کي هڻندو، قسمين قسمين جا آواز ڪڍي انهن کي ڊيڄارڻ جون ڪوششون ڪندو ۽ انهن جو سولو شڪار ۽ کاڄ بڻجي ويندو هو. انکان سواء ان کي اناج اڳائڻ (پيدا ڪرڻ) به ڪو نه ايندو هو. هو جهنگ مان ڦل ڦول ۽ ڪڻڪ ۽ دالين جا ٻج چونڊي يا ڪنهن ننڍي جانور جو شڪار ڪري، ان جو ڪچو گوشت کائي بک جو بلو ڪري وٺندو هو. هو نه ڄاڻندو هو ته باهه ڇا ٿيندي آهي. ان (انسان) باهه ٻارڻ جو گر ڪڏهن ۽ ڪيئن سکيو؟ اهو سٽ اڄ ڏينهن توڻي سلجهي نه سگهيو آهي.ان هوندي اسان ان ڳالهه کان واقف آهيون ته چين ۾ پنج لک سال پهرين رهڻ وارو انسان باهه جي استعمال کان واقف ٿي چڪو هو.
موت کان ڀڄندي ڀڄندي انسان پنهنجي لاء هٿيار تيار ڪري ورتا. پٿر جي ڪهاڙي، پٿر جو چاقو، ڪاٺيء جو وڏو گول ڏنڊو يا ڌڪو، وڏي جانور جي مريي جي مضبوط هڏي ۽ نيزي (ڀالي) کي ان پنهنجي بچاء جو ذريعو بڻائي ورتو. اٽڪل هڪ لک ست هزار سال پهرين هن کي پنهنجي تن (جسم) ڍڪڻ جو ويچار آيو ۽ ان پهريائين وڻن ٻوٽن جي پنن سان ۽ پوء جانورن جي کلن سان پنهنجو جسم ڍڪڻ شروع ڪيو. هڪ لک سال پهرين هن پنهنجي مردن کي احترام سان ڌرتيء داخل ڪرڻ (دفن ڪرڻ) جو اهتمام ڪيو. پنجاهه هزار سال اڳ ۾ هن جانورن جي هڏين مان سئي، بٽڻ ۽ مڇيء جهلڻ جو ڪنڍو ٺاهيو. 27 هزار سال پهرين هن ڪپڙي جي صنعت جي شروعات ڪئي. انهن سڀني ڳالهين جي ڄاڻ اسان کي پراڻن کنڊرن، آثارن ۽ مٽيء ۾ پوريل ۽ هيٺ دٻيل جسمن جي باقيات مان پوي ٿي. اسان کي هن جي زندگيء جي ڪهاڻي تحريري شڪل ۾ ڪو نه ٿي ملي پر اسان اهو ڄاڻون ٿا ته زندهه رهڻ جي تمنا ۽ حالتن سان منهن مقابل ٿيڻ جو جذبو ئي انسان کي اڳتي وڌائيندو رهيو آهي. انهيء جذبي ئي پراچين (قديم) زماني جي انسان کي پٿرن ۽ جانورن جي هڏين مان هٿيار ٺاهڻ جوگر سيکاريو، جانورن کان غارون کسڻ جي سگهه ڏني، انهيء احساس ئي انسان ۾ طاقت وڌائڻ واري سوچ پيدا ڪئي ۽ هڪ کان چڱا ٻه جي راهه تي هلندي هو ڪٽنب ۾ سمائجي ويو. ڪٽنب مان قبيلا جڙيا ته پٿر جي دور جو انسان شڪاريء جي روپ ۾ سامهون آيو ۽ زندگي گذارڻ جا ڪجهه ادب آداب اختيار ڪيا ويا.
انسان جڏهن خاندان يا ڪٽنب جي ضابطي ۾ آيو ته پيء ڪٽنب جو سربراهه بڻجي ويو، ان جو حڪم هلڻ لڳو ۽ جڏهن ڪجهه خاندان ملي ڪري قبيلي ۾ گڏجڻ لڳا ته انهيء تصور پهرين سردار ۽ پوء راجا ۽ مهاراجا جو روپ اختيار ڪيو، سردار، راجا ۽ مهاراجا اهو ئي ٿيو، جيڪو سڀ کان وڌيڪ طاقتور هو يا ايترو ذهين هو جو ان طاقتور ويڙهاڪن ۽ جنگجوئن کي پنهنجو طرفدار ۽ حامي بڻائي ورتو. انهن حڪمرانن ئي خانداني حڪومتن ۽ وارثتي راڄن جو تصور ڏنو، پيء کانپوء پٽ حڪمران ٿيو ته نوبت ان حد تائين به پهتي جو هو اقتدار جي اڇي ڪاري جو ڌڻي پنهنجي جاء تي پر مصرين وانگي جهان جو والي سڏائي پنهنجي پرستش به ڪرائڻ لڳو. ڪٿي ان کي هندستانين وانگي ڀڳوان جو ٻيو سروپ سڏيو ويو ته ڪٿي وري ان پاڻ کي مالڪ جو نائب سڏائي استحڪام ماڻيو. انهن مختلف صورتن ۾ جڏهن سردار قبيلي کي منظم ڪيو ته ان پنهنجي گهرج آهر شڪارين کي باقي قبيلي مٿان فوقيت ڏني، انهن کان ڪو به پورهيو ڪو نه ڪرايو ويندو هو. انهن کي سٺيون سهوليتون مهيا ڪيون وينديون هيون. اهي شڪاري؛ قبيلي جو دفاع ڪرڻ، جنگجوئي وارا ڪرتب ڏيکارڻ ۽ جانورن جو شڪار ڪرڻ وارا ڪم ڪندا هئا. انهن کي اسان قديم زماني جي فوج يا دفاعي دستو به چئي سگهون ٿا. ضرورت پٽاندر شڪارين جي اها چونڊ اڳيان هلي طبقاتي تقسيم بڻي ۽ ويڙهو قبيلن جو باقاعدي وجود عمل ۾ آيو. اها طبقاتي ورهاست دنيا جي هر خطي۾ نظر اچي ٿي ۽ جديد دور ۾ جاپان جا سمورائي ۽ ڀارت جا کشتري يا کتري انهن ويڙهاڪن جي سڃاڻ بڻيا رهيا آهن. شڪارين کي الڳ ڪرڻ بعد عورتن، ٻارن، پوڙهن ۽ معذورن کي جهنگلن مان ميوا ۽ ٻج چونڊي کڻي اچڻ وارو ڪم حوالي ڪيو ويو. کاڌو پچائڻ جي ذميواري عورتن جي ئي رهي ۽ اڪثر علائقن ۾ نرت ۾ گائيڪي واريون ڪرتون به عورتن مخصوص هيون. ان کان اڳيون قدم کيتي واڙي يا ٻني ٻارو هو.
هتي اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته انسان جڏهن قبيلن جي شڪل اختيار ڪئي ته ان جي فطرت ۾ پنهنجي برتري ثابت ڪرڻ جو جنون ظاهر ٿيو. ٻين جي وسيلن تي قبضوڪرڻ واري خواهش به ان مان اڀري، اهڙي طرح جنگين ۽ لڙاين جا بنياد پئجي ويا. اهي هٿيار جيڪي انسان کي ڪڏهن جانورن کان بچاء جي لاء گهربل هئا، تن کي هن پاڻ جهڙن انسانن جي قتل لاء ڪتب آڻڻ شروع ڪري ڇڏيو. هاڻ جنگجوئي لاء بهتر کان بهتر هٿيار پنهوار تيار ۽ ايجاد ٿيڻ لڳا. تڏهن کان شروع ٿيڻ واري هٿيار سازي اڄ به انهيء سوچ جي تابع آهي.
انسان پنهنجي برتري ۽ تسلط ثابت ڪرڻ لاء ٻين انسانن کي ماري ۽ قتل ڪري رهيو آهي ۽ انهيء شوق ۾ هو ايٽم، هائڊروجن، نائيٽروجن ۽ جرا بمن کان ٿيندو هاڻي نينو ٽيڪنالاجي تائين اچي پهتو آهي پر هٿيارن جي ڊوڙ ۾ “ترقي وارا اهي دور” پوء آيا. اسان جنهن دور جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، اهو اوچي اڏام جو نه پر غليل ۽ تير ڪمان جو آهي. اڃا انسان ۾ شهر ٺاهڻ ۽ آباد ڪرڻ جو تصور ڪو نه اڀريو هو، بلڪه اهو خانه بدوشي ۽ رولاڪي واري زندگي بسر ڪري رهيو هو. ان زماني ۾ هو ڪجهه ڏهاڙا ڪنهن درياھ جي ڪپ تي قيام ڪري ڪڻڪ ۽ داليون اڳائي، فصل لڻي ۽ ان کي گڏهن ۽ گهوڙن تي سٿي ۽ وري ڪنهن نئين علائقي جي طرف نڪري ويندو هو. انهيء تڪڙي تڪڙي لڏپلاڻ جو مقصد سدائين ڦورو ٽولن کان پاڻ بچائڻ هوندو هو پر اها ڪا ڪامياب حڪمت عملي ڪانه هوندي هئي.لٽيرا ۽ ڦورو موقعو ملندي ئي حملو ڪري ڏيندا هئا، شڪاري قبيلا انهن جو ڄمي مقابلو ڪندا هئا. جيڪڏهن اهي ڪامياب نه ٿيندا هئا ته فاتح جٿو عورتن، ٻارن ۽ باقي بچي ويندڙ جوانن مان پنهنجي مطلب جي ماڻهن جي ڇانٽي ڪري باقي بچيلن کي پورو ڪري ڇڏيندا هئا. جيڪڏهن جيت قافلي جي ٿيندي هئي ته ڦورن سان اهي به گهٽ ڪو نه ڪنداهئا. انهيء کي اسان غلاميء جي دور جي شروعات به سڏي سگهون ٿا.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *