تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

ارتقائِي تات پڙڇ جي تحقيق ۾ جهاتي … انسان جي ڪهاڻِي … (حصو ٻيون ۽ آخري) ظهير جاويد/ دليپ ڪوٺاري

لڏپلاڻ ۾ سرگردان رهندڙ اهي قافلا اهڙن ساون ۽ زرخيز علائقن جي ڳولا ۾ رهندا هئا، جيڪي انهن جي وڌندڙ قبيلي جي ضرورتن جو پورائو ڪري سگهن، جتي جهنگلي ڪڻڪ، دالين جو ٻج ۽ ڦل ڦول عام هجن، انهن جي جانورن کي چرڻ جي لاء خوبگاهه چارو ملي ۽ اتي شڪار جي ڪا کوٽ نه هجي. انهيء تلاش ۾ اهي عارضي وسندين ۽ ٽولن تي حملا ڪندا رهندا هئا. ڪجهه اهڙا به قبيلا هوندا هئا، جيڪي پاڻ کان طاقتور سان ڪونه وڙهندا هئا پر هٿيار ڦٽا ڪري انهن جي قبيلي ۾ شامل ٿي ويندا هئا. نمودار ٿيڻ وارين انهن مڙني تبديلين اهو ڄاڻڻ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي ته ڪير ڪٿان کان اچي ڪٿي آباد ٿي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته اها نقل مقاني حفاظت لاء هوندي هئي. ان ڪري جڏهن ڦورن کان بچاء ممڪن نه ٿي سگهيو ته گهر ٺاهي هڪ جاء تي مستقل رهائش اختيار ڪرڻ وارو سلسلو شروع ٿيو. اهڙي ريت شهري رياستون وجود ۾ آيون. اسان کي پاڪستان ۽ ان جي اوسي پاسي جي ملڪن ۾ سڀ کان قديم شهري رياست جا آثار چين جي صوبي هينان (Henan) ۾ زي لو (Yi-Luo)درياھ جي ڪناري تي وسايل مقام جائي هو (Jaihu) ۾ مليا ٿي. سائنسي تجربن مان اهو ثابت ٿيو ته هتي ست هزار ق.م ۾ کيتي واڙي ٿيندي هئي. چين جا اهي آثار پلن گينگ (Plunging) ثقافت جو حصو سمجهياوڃن ٿا ۽ هن وقت تائين ان جا 70 (ستر) اهڃاڻ دريافت ٿي چڪا آهن، جن ۾‘جائي هو’جا آثار سڀني کان پراڻا قرار ڏنا ويا آهن. مهر ڳڙهه جو تعلق سنڌ جي سڀيتا (تهذيب) سان آهي ۽ ان جي کوجنا ۽ پڌرائي کان پهريان سنڌ جي تهذيب جو تعلق 3500ق.م سان جوڙيو ويندو هو. مهر ڳڙهه جا کنڊر پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ آهن. قديم آثارن جا ماهر انهن کي 8 هزار سال پراڻا آثار چون ٿا. سندن چوڻ آهي ته ست هزار سال ق.م ۾ ته مهر ڳڙهه جا رهواسي ڌاتن جو استعمال ڪرڻ لڳا هئا. انهن ترڪمانستان، ازبڪستان، ايران ۽ عرب دنيا سان واپاري ناتا قائم ڪري ورتا هئا. اهي افغانستان۽ وچ ايشيا مان قيمتي پٿر کڻي اچي ٻين ملڪن ۾ وڪرو ڪندا هئا، پنجاب ۾ هڙپا، سنڌ ۾ موهن جو دڙو ۽ گجرات ڪاٺياواڙ ۾ لوٿل انهيء جو تسلسل قرار ڏنا وڃن ٿا . انهن جا آثار ڪشمير جي هنج کان افغانستان تائين پکڙيا پيا آهن. هيلتائين سنڌ جي ان تهذيب جون 14 سؤ کان مٿي وسنديون دريافت ٿي چڪيون آهن.
سوال اهو آهي ته ڇا ‘مهر ڳڙهه’ ۽ ‘جائي هو’ دنيا جون قديم ترين شهري رياستون آهن؟ نه…. مون نه جو لفظ ان ڪري استعمال ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته ‘جيريڪو ’(Jericho)کي پڻ دنيا جو جهونو ترين شهر سمجهيو وڃي ٿو. عرب هن کي آريحا چون ٿا. جيريڪو اردن درياھ جي ماٿريء ۾ يروشلم کان 13 ميل اتر اوڀر ۾ واقع آهي. چون ٿا ته نافرماني جي سزا طور هڪ عرصي تائين ڀٽڪڻ کانپوء اسرائيلين کي جڏهن رستو مليو ته اهي سڀ کان پهريان هتي آيا هئا، هن جي کوٽائيء مان ويهه تهه مليا آهن ۽ هر تهه هڪ الڳ دور جي ڪهاڻي سڻائي ٿو. هتان جو سڀ کان پراڻو تهه 8 هزار ق.م جو آهي. ان کي ڪهڙن ماڻهن جوڙيو هو. تنهن باري ۾ ڪجهه چوڻ اڃا تائين ممڪن ناهي ٿي سگهيو. باقي ايترو ضرور طئه آهي ته اهي ماڻهو وڏا ذهين ۽ منظم هئا، جن ندي کوٽي عين السلطان کان هن شهرتائين پاڻي پهچايو هو. اها وستي ڪچين سرن سان اڏيل هئي ۽ ان جي چوڌاري ٻه ميٽر ويڪري چؤديواري ٺاهي وئي هئي.جيڪڏهن اهو صحيح آهي ته مهر ڳڙهه ۽ جيريڪوهڪڙي ئي زماني ۾ تعمير ٿيڻ واريون وسنديون بڻجي ٿيون وڃن ۽ جائي هو جي وسندي انهن کان پوء ظاهر ٿيڻ وارو آثار بڻجي ٿي وڃي. انهن ۾ ۽ مهر ڳڙهه جي واسين ۾ واضح فرق اهو آهي ته جيريڪو جا باشندا برتن سازي ڪونه ڪندا هئا، جڏهن ته مهر ڳڙهه جا ماڻهو برتن سازيء کان به گهڻو اڳتي نڪري چڪا هئا.
انسان جنهن وقت خود کي محفوظ ڪرڻ، مصنوعات ايجاد ۽ تعمير ڪرڻ، ٻين سان واپاري ناتا قائم ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ٻين جا وسيلا ڇنڻ ۾ لڳل هو، ان وقت هو رسم الخط (لکڻ جي طريقي) جي ڳولا پڻ ڪري رهيو هو. اسان جڏهن ان رسم الخط جا پيرا کڻڻ لڳون ٿا تڏهن اسان کي سڀ کان پهريون انساني اظهار انهن تصويرن جي صورت ۾ ملي ٿو، جيڪي انسانن غارن يا غفائن جي ديوارن تي ٺاهيون آهن. اهي تصويرون گهڻو ڪري جانورن جون آهن. ڪجهه تصويرون يا چتر اهڙا آهن، جن ۾ انسان کي نقش ته ڪيو ويو آهي پر ان جو چهرو انساني نه پر ڪنهن جانورن جهڙو چٽيو ويو آهي. غارن ۾ ٺهيل اهي تصويرون بيحد نفيس هونديون آهن، جيستائين اهي غارون بند رهنديون آهن ۽ انهن جي اندر هوا موجود هوندي آهي، تيستائين انهن چٽيل تصويرن کي ڪو به نقصان ناهي پهچندو پر جڏهن اهي غارون کوليون وينديون آهن، انهن ۾ هوا جي اچ وڃ جاري ٿي ويندي آهي ته پوءاهي تصويرون خراب ٿيڻ ۽ مٽجڻ شروع ٿي وينديون آهن.
پائري نيز (Pyrenees) جي جابلو سلسلي، جيڪو فرانس ۽ اسپين جي وچ ۾ فاصلي واري حد آهي، پهرين مهاڀاري لڙائي دوران، هڪ غار ۾ گهڻيون پراڻيون تصويرون هٿ آيون هيون، پر ڇهه مهينن جي مختصر عرصي ۾ اهي بلڪل مٽجي ويون. اهڙي طرح يورپي ملڪن پاران انهن غفائن (غارن) ۾ گرميء جي درجي تي ضابطو رکڻ جا قدم کنيا ويا. اهڙي طرح يورپ جي رهيل انساني ورثي کي محفوظ ڪيو ويو آهي. هن وقت جيڪي به غارن ۾ چٽيل تصويرون موجود آهن، تن لاء چيو وڃي ٿو ته ڏکڻ فرانس جي غارن ۾ لڀڻ واريون تصويرون دنيا۾ سڀ کان پراڻيون آهن ۽ اهي حضرت عيسيٰ عليه اسلام جي پيدائش کان ڪي ٽيهه (30) هزار ورهيه اڳ ۾ ٺاهيون ويون هيون. اسان هن دعويٰ کي ان ڪري صحيح چئي نٿا سگهون جو انهيء دور جون چٽيل تصويرون اسان کي هندستان جي مڌيه پرديش واري علائقي مان به مليون آهن، انهن غارن کي ‘ڀيم بيٺڪ’ جو نالو ڏنو ويو آهي. غارن ۾ ٺهڻ وارين انهن تصويرن مان پينٽنگ جو فن اڀريو ۽ پوء ايندڙ دورن ۾ جانورن سان گڏگڏ انسانن جون تصويرون به ملڻ لڳيون. پوء اڳتي هلي غارن ٺهڻ وارين انهن تصويرن کان ئي پٿرجي مجسمن جي شروعات ٿي ۽ رسم الخط جو بنياد به تصوير ڪشي ئي فراهم ڪيو. ماهرن جو چوڻ آهي ته 3300 ق.م ۾ سميرين ۽ 3200 ق.م ۾ مصرين رسم الخط ايجاد ڪئي ۽ مختلف ٻولين جا ماڻهو انهن کي مختلف شڪلين ۾ اختيار ڪندا ويا پر رسم الخط جي هي ڪهاڻي به هاڻ پراڻي ٿي چڪي آهي. چين جي رسم الخط يا الفابيٽ (لکڻ جو طريقو) ته شروع کان ئي ڌار هئي، جنهن کي ڪڇون جي پٺيء تي ٺهيل نشانن واري طريقي موجب جوڙيو ويو هو. هي رسم الخط مٿان کان هيٺ لکي ويندي آهي ۽ ڏور اوڀرجي ملڪن جاپان، ويٽ نام، ڪوريا۽ ڪمبوڊيا وغيره ان قسم جي لکائي واري طريقي کي پنهنجي لپي (رسم الخط) طور اپنائي رکيو آهي. انهن کان هٽي ڪري مهرڳڙهه جا باشندا، جن جو واپار ڏيساور تائين ڏور پکڙيل هو، انهن جي هر واپاري خاندان جي هڪ الڳ مهر هئي. اهي شيون ٺاهيندا، اوسي پاسي جي ملڪن مان مال کڻي ۽ پاڻيء جي بحري جهازن ۾ سٿي ڏورانهن هنڌن ڏانهن کڻي ويندا هئا، انهن جي به هڪ ٻولي هئي ۽ سندن رسم الخط 8 هزار ق.م پراڻي آهي پر انهيء تجارتي ٻوليء کي سمجهڻ جون سموريون ڪوششون بي لاڀ بڻجي چڪيون آهن. ان ٻوليء جي جديد شڪل براهوي، تامل، تيلگو ۽ مليالم ٻولين کان ته سڀ واقف آهن پر اها ٻولي، جيڪا انهن مڙني ٻولين جي شروعات جو سبب بڻي، سا سمجهه ۾ نٿي اچي. هاڻ جيڪڏهن اسان جيريڪو جي تختين تي نظر وجهون ته اهي به ڪنهن. تصويري لکائي جو ڏس ڏين ٿيون. انهن جي سامهون اچڻ سان اسان کي لکائي جا ٽي پراڻا تصويري نمونا ملي پون ٿا. انهن ۾ چيني رسم الخط يا لکائي جو انداز پنهنجي هڪ الڳ تاريخ جوڙي وٺي ٿو ۽ مهر ڳڙهه ۽ جيريڪو جو اتهاس وري جدا ٿي وڃي ٿو. مهرڳڙهه جي ٻولي اڳتي هلي جهڙي طرح مختلف ٻولين کي جنم ڏنو، اهڙي طرح جيريڪو جي باري ۾ وري اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته قديم عبراني، عربي ۽ مصري ٻوليون ان مان نڪتيون آهن پر اها ڳالهه طئه نه پئي ٿئي ته ڪهڙي رسم الخط پهرين ٺهي، انهيء منجهيل صورتحال ۾ ويساهه يا وثوق سان فقط هڪڙي ئي ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته تصويري لکاوٽ يا خط جي ايجاد ٿيڻ سان انسان کي پنهنجي ڳالهه اڳتي پهچائڻ جو هڪ وسيلو ضرور ملي ويو. انسان جڏهن انهن کي وڌيڪ بهتر نموني ٺاهڻ شروع ڪيو ته تصويرون سوڙهيون ٿينديون ويون ۽ ان مان مختلف ٻولين جا عام اکر جنم وٺڻ لڳا. پنهنجي مٿڀرائپ ثابت ڪرڻ ۽ قائم رکڻ جو جذبو ٻوليء جي مامري ۾ به پنهنجو ڪمال ڏيکاريندو رهيو. فاتح (کٽيندڙ) فقط مفتوحن (هارائيندڙن) جو ظالماڻو قتل عام ئي ڪونه ڪندا هئا. اهي سندن شهرن، عبادت گاهن، مفتوحن جي عروج جي اهڃاڻن کي ئي باهه جو بک نه بڻائيندا هئا پر انهن جي علمي خزاني کي پن ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندا هئا.
چين جي سماجي سائنس واري شعبي جي نائب صدر لي شين منگ (Li Shenming) چوي ٿو ته جيڪڏهن ٻولين جي بقا نه ڳولي وئي ته ايندڙ صدي شروع ٿيڻ کان اڳ اڌو اڌ ٻوليون ته هونئين مري کپي وينديون ۽ ان کانسواء ٻه هزار ٻيون ٻوليون ته هونئين مري کپي وينديون ۽ ان کانسواء ٻه هزار ٻيون ٻوليون به خطري ۾ گهيرجي وينديون ان جي معنيٰ اها ٿي ته جيڪڏهن شين منگ جو انديشو صحيح آهي ته ايندڙ صديء ۾ دنيا ۾ فقط ساڍا چار سؤ ٻوليون ئي باقي رهجي وينديون. ڇو؟ ڳالهه فقط ايتري آهي ته زبان به پنهنجي عظمت ۽ مٿاهين حيثيت ثابت ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي. برتري ۽ فوقيت ماڻڻ جي اها ڪشمڪش اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ سان ويتر تيز ٿي ويئي آهي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *