تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ادھ ادهورئي لوڪ: هڪ تهذيب جو الميو … نصير ڪنڀر

حفيظ خان جي هن ناول تي لکڻ جو هڪ سبب اهو به هو ته ,هن ناول جي تهذيبي ڪهاڻي بلڪل سنڌ جي ڪهاڻي جهڙي آھي .نه ته هن ناول بعد به ليکڪ جا ٻه ناول“ انواسي“ ۽ “ڪرڪ ناٿ“ مارڪيٽ ۾ موجود آھن .بهاولپور رياست جي وسيب تي لکيل هي سرائيڪي ٻولي جو ناول هاڻ ليکڪ خود اردو قالب ۾ آندو آھي. حفيظ خان جو جنم 1956 ڌاري بهاولپور ۾ ٿيو .تاريخ ۾ ماسٽر ڪرڻ بعد سول سروسز ۾ ھليو ويو. وري قانون جي ڊگري بعد سول جج ٿيو. اسلام آباد ۾ رهندڙ حفيظ خان شاعر, نقاد ناول نگار ,افسانه نويس, محقق مورخ ,مبصر ۽ ڊرامه نويس آھي جنهن جا ڪيئي ڪتاب شايع ٿيل آھن. هن ناول جي ڪهاڻي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان شروع ٿي 1970 ۾ پڄاڻي تي پهچي ٿي.انهي دوران هن رياست, اتي جي رهاڪن , ثقافت , سياست ڇا وهيو واپريو انهي کي ليکڪ تمام سادي ٻولي ۾ سنئين سڌي انداز سان چٽيو آھي.بهاولپور جي رياستي حيثيت ته ختم ٿي پر ون يونٽ بعد انهي کي صوبائي حيثيت به نه ملي سگهي.حڪومتي جبر ,لڏي آيلن جي وسيلن تي قبضه خوري, رياست جي والي جي عدم دلچسپي سان گڏ,ٻن نوجوان دلين جي هڪ نامڪمل رومانوي ڪهاڻي سموري ناول کي طلسمي سحر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي.
ڪهاڻي احمد پور جي نوجوان فياض کان شروع ٿئي ٿي.جنهن جو پيءُ نواب صادق احمد عرف “دولها سائين” جي فوج ۾ قلعي جو گارڊ آھي. پيءُ جي ڪوشش باوجود فياض فوج ۾ وڃڻ بجاءُ حڪيم رام لال وٽ طب جو ڪم سکي ٿو.فياض جي دلچسپي سبب هي حڪيم جو اعتماد حاصل ڪري تمام سٺو ڪم سکي وڃي ٿو .شھر جون عورتون هن جي وجاهت تي فدا ٿين ٿيون ,پر هي پنهنجي پروفيشن سان مخلص رهي ٿو .انهن عورتن ۾ حڪيم جي ڌي تلسي به آھي .دواخاني جي ڀر واري دڪاندار وادهو جو هڪ ڏينهن گهر ۾ زال سان جهيڙو ٿئي ٿو .جنون ۾ اچي وادهو جي زال هن کي دسي گهٽو ڏي ٿي .انهي حالت ۾ وادهو جي ماءُ جي رڙين تي فياض اچي هن کي بچائي ٿو. وادهو جي زال مهران فياض جي مردانگي تي موهت ٿئي ٿي .جيڪا واڌو جي ماءُ سمجهي وڃي ٿي سا پٽ جي نامردي کي لڪائڻ لاءَ چنن پير جي ميلي واري رات مهران کي فياض وٽ دواخاني تي“ تڏو مٽائڻ “ جي رسم لاءَ وٺي وڃي ٿي ڇو ته حڪيم رام لال ميلي تي ويل هوندو آھي .پر فياض انهي ڪڌي ڪم ڪرڻ جو کتو جواب ڏيندو آھي, تنهنڪري مهران ضد ۾ جنائي ڀوپي وٽ ويندي آھي ۽ حاملا ٿيندي آھي.انهي دوران سڄي رياست ۾ غير يقيني واري صورتحال رهي ٿي ته نواب صاحب بهاولپور رياست جو الحاق پاڪستان يا هندستان سان ٿو ڪري.ست ڊسمبر 1954تي نواب صاحب بهاولپور رياست جو الحاق پاڪستان سان 32لک وظيفي عيوض ڪري ٿو.هندن جي لڏپلاڻ شروع ٿي چڪي هئي. حڪيم رام لال پنهنجو گهر ۽ دواخانو فياض جي نالي ڪري خاندان وٺي محمد نواز جمعدار جي مدد سان سرحد پار هليو وڃي ٿو.پويان فياض ۽ وادهو جي وچ ۾ دواخاني جي مالڪي تي جهيڙو ٿي پئي ٿو .معاملو ڪورٽ۾ وڃي ٿو. اتان فياض ڪيس کٽي اچي ٿو.ته فياض جوچاچو حڪيم جو گهر رهائش لاءَ گهري ٿو جيڪو فياض ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو. فياض جو چوڻ ھو ته اها ملڪيت حڪيم رام لال جي امانت آھي هو واپسي جو چئي ويو آھي .آئون خيانت نه ڪندس يا هو واپس اچي اوهان کي ڏيئي وڃي. انهي ڳالهه تي فياض جو پيءُ ھن کي گهران ڪڍي ڇڏي ٿو.معاملو ڪورٽ۾ ھليو وڃي ٿو. انهي دوران ون يونٽ نافذ ٿيڻ سان رياست ۾ بلڪل بي يقيني ۽ مايوسي جو ماحول جڙي ٿو وڃي .
فياض ,هندن سکن جي لڏپلاڻ ,پنهنجن جي لاتعلقي ,وسيلن تي آيلن جي قبضه گيري کان مايوس ٿي ون يونٽ خلاف خان غفار خان جي جوڙيل “اينٽي ون يونٽ محاذ“ ۾ سرگرم ٿي وڃي ٿو .حڪومت ٻين اڳواڻن سان گڏ فياض کي به مينهن چوري ڪيس ۾ گرفتار ڪري ٿي .ڌڻي سائين نه هجڻ ڪري هي 10 سال جيل ۾ رهجي وڃي ٿو .پويان دواخانو مولوي ۽ گهر چاچي جي قبضي۾ ھليا وڃن ٿا. 10سالن بعد انساني حقن جي ٽيم جي جيل دوري دوران هن کي جيل مان آزادي ملي ٿي انهي ٽيم جي ميمبر سلمي بي بي هن کي پاڻ سان گڏ گهر وٺي وڃي ٿي سلمي سياست ۾ انٽري لاءَ ھن کي ڏاڪو ٺاهي استعمال ڪرڻ ٿي چاهي ڇو ته اڳوڻي قيادت ايوب خان جي آرڊيننس LEBDO۽ اگرتلاءُ ڪيس تحت جيلن ۾ ھوندي آھي .فياض اتان ڀڄي اناج منڊي ۾ مزدوري ڪندي وري حڪمت شروع ڪري ٿو ۽هن جو سٺو گذران هلي ٿو پر هن جي ذھن ۾ تلسي سان بي وفائي .حڪيم جي امانت نه سنڀالڻ, پنهنجن جا ڪلور, مقامي ماڻھن سان ويساگهاتيون .نواب جي غير ذميوار رويئي ۽ رياست جي خودمختيار حيثيت وڃڻ جهڙا وهلور ستائيندا رهن ٿا. انهي دوران بنگال ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ زور وٺي ٿي ايوب خلاف ڀٽو ميدان ۾ اچي ٿو. نيٺ ايوب يحيٰ کي اقتدار ڏيئي ڀڄي وڃي ٿو .هاڻ تحريڪ سنڌ جي ٻين صوبن ۾ به شروع ٿئي ٿي. ون يونٽ ته ختم ٿئي ٿو پر بهاولپور کي بجاءَصوبائي حيثيت ڏيڻ جي پنجاب ۾ ضم ڪيو وڃي ٿو انهي ڪري بهاولپور کي صوبائي حيثيت ڏيڻ لاءَ“بهاولپور متحده محاذ“ٺھي ٿو فياض وري دواخانو ڇڏي سرگرم ٿي وڃي ٿو .پراڻا ڪارڪن گڏ ڪرڻ سان گڏ ديوارن تي چاڪنگ ڪرائي ٿو. مرڪزي قيادت پنهنجي طاقت شو ڪرڻ لاءَجلسو رکي ٿي 24 اپريل 1970 تي بهاولپور جي فريد گيٽ وٽ جلسو ٿئي ٿو هزارين ماڻھو شريڪ ٿين ٿا .مرڪزي ليڊر خطاب ڪن ٿا. اوچتو حڪومت فائرنگ جو آرڊر ڏي ٿي. سوين ماڻھو مارجن ٿا .جلسي کي طاقت جي زور تي ختم ڪيو وڃي ٿو .ڪرفيو دوران لاشن کي پورڻ لاءَ ٽرڪون ڀري ريگستان ۾ پهچايا وڃن ٿا ڀٽن جي وچ ۾ کڏکوٽندي ڪجهه پراڻن لاشن جا ڍانچا ملن ٿا پوليس وڌيڪ محنت بجاءَ آندل مزدورن کي انهي ڍانچن مٿي لاش اڇلڻ جو حڪم ڏي ٿي پهريون لاش فياض جو هوندو آھي جيڪو هڪ سون جي دهري پاتل ڍانچي تي ڪرندئي پيوست ٿي ويندو آھي .اهو ڍانچو تلسي جو هوندو آھي.
حفيظ خان هن ناول جو پسمنظر ننڍي کنڊ جو ورهاڱو رکيو آھي پر بعد جي حالتن کي به سادي سڌي انداز ۾ بيان ڪيو آھي. هو لکي ٿو“ون يونٽ نو آبادياتي چال هئي.جنهن تحت لساني ثقافتي تاريخي شناخت کي غالب ثقافتي گروهن پنهنجي قبضي ۾ آندو “هن ناول کي رومانوي تاريخي ناول چئجي ته بهتر آھي .جنهن ۾ تلسي ۽ فياض جو اڻپورو عشق .مهران جو هڪ پاسائي عشق .ڀوپي جون عياشيون .سوڍي مل ۽ رادهي جا ناجائز تعلقات ننڍيو ننڍيو ڪهاڻيون ناول جي اڻت کي مڪمل ڪن ٿيون .سرائيڪي وسيب جي ماڻھن جي نفسيات ڪلچر ۽ لوڪ ڏاهپ کي ليکڪ سٺي نموني سهيڙيو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *