تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

اديب، ڪتاب، شعر ۽ افسانا … مظھر الاسلام/ ھمير گاد

سڀ کان اھم سوال اهو آھي ته اديب ڪنھن کي چئبو آهي؟ ڇا اهو شخص اديب سڏرائڻ جو حقدار آھي جيڪو صرف لفظن جو ڪاروبار ڪري يا صرف ڪتابن، شعرن ۽ افسانن جون ڳالھيون ڪري. پنھنجي در تي پنھنجي تخلص واري نالي جي تختي لڳائي ڇڏي.پاڙي ۾ رھندي به پاڙيوارن سان رابطو نه رکي. ان سوال جي اندر ئي هڪ نئون سوال پيدا ٿو ٿئي ته ڇا اديب هن معاشري جو فرد ناهي.؟ ڇا معاشري جي عام ماڻھو جا مسئلا اديب جا مسئلا نه آھن.؟ اسان ته سمجھئون ٿا اديب ٿيڻ ھڪ اضافي صلاحيت آهي ان لاءِ ھر اديب پھريان معاشري جو هڪ عام فرد آھي پوءِ اديب شاعر آهي، هڪ ڀيرو هڪ ٻار گاڏي جي ھيٺان اچي ويو، گاڏي وارو فرار ٿي ويو ٻار روڊ تي تڙپندو رھيو.اسان به هڪ شاعر دوست سان گڏ اُتي موجود هياسين. جڏھن اسان ٻار کي تڙپندي ڏٺو ته جلدي ۾ ھڪ ٽيڪسي واري کي اشارو ڪيو ۽ پنھنجي شاعر دوست کي چيو : اوهان ٻار کي سنڀاليو مان ٽيڪسي کي روڪيان ٿو ان کي اسپتال کڻائي ٿا ھلون. پر اسان جي شاعر دوست اسان کي ٻانھن کان پڪڙي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي چيو: ” ڇڏيو يار اھو اسان جو ڪم ناهي.“ ۽ پوءِ اسان جو جواب ٻڌڻ کان بنا ئي يڪدم اڳتي هليو ويو. ايتري ۾ اتي ماڻھن جو ھجوم گڏ ٿيو. انھن مان هڪ ھمراھ ان ٻار کي کنيو، اتي موجود ٻئي ھمراھ زبردستي ٽيڪسي روڪي ان ٻار کي اسپتال کڻي ويو. ماڻھن جو ھجوم جڏھن گهٽ ٿيو ته اسان نظر ڦيرائي پنھنجي شاعر دوست کي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان جو پري پري تائين ڪو پتو نه پيو.
اسان سوچيو اسان جو شاعر دوست ڪجهھ ڏينھن کان پوءِ ھڪ نظم لکندو جنھن جو عنوان هوندو” ٻار، رت ۽ حادثو“ يا ” رت جو سفر“ ۽ ھن نظم ۾ شاعر دل کولي سماج کي برو چوندو صرف اهو نه پر پنھنجي احساس ۽ جذبات کي اهڙي طرح بيان ڪندو ڄڻ ان ٻار سان پيش اچڻ واري حادثي جو سڀ کان گھڻو ڏک ان کي ئي ٿيو آھي. يقين ڪريو بلڪل ائين ئي ٿيو. اسان جو خيال بلڪل درست نڪتو ۽ ڪجھه ڏينھن کان پوءِ اسان جي شاعر دوست پنھنجو نظم پڙھي ٻڌايو جنھن جو عنوان هو” شام، رت ۽ گل“ ڇا اديب کي اهڙو ئي رويو اختيار ڪرڻ کپي؟ جو ڪوئي ان جي سامھون مري رهيو آھي، هن کي جلدي طبي امداد جي ضرورت آھي اديب ان کي تڙپندو ڏسي ٿو. هن جي ان وقت ڪا مدد نه ٿو ڪري پر گھر وڃي ان تي هڪ نظم يا افسانو لکي ٿو. ڇا اهو ئي اديب جو ڪردار آھي.؟ اديب شاعر کي گھرجي ته هو پنھنجي خول مان ٻاهر نڪري ۽ نه صرف تخليقي پر عملي طور تي به مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ حصيدار بڻجي. ادب کي به محدود ڪرڻ بدران ان جي دائري کي وسيع ڪرڻ کپي. صرف نظم، غزل يا افسانو ئي ادب ناهي ۽ نه ئي صرف شعر ۽ افسانو لکڻ وارو اديب شاعر آهي پر اديب شاعر جي تعريف تمام وسيع آھي. زندگي جي جدوجھد ۾ عملي طور تي حصو وٺڻ ۾ اديب جو وضو ڪونه ٽُٽي پوندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *