تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

اديب، ادبي لکڻيون ۽ عام تضاد!  …امجد عاجز منگي

ڏسجي ته هڪ اديب جو استاد اديب به ٿي سگهي ٿو پر حقيقت ۾ اديب ۽ ادب جي مختلف صنفن تي لکندڙ ماڻهو جو پوءِ اهو شاعر هجي يا نثر نويس، ڪهاڻيڪار ھجي يا ناول نگار، ڊرامه نگار هجي يا مضمون نگار، ترجمي نگار هجي يا محقق پر عام زندگي ۽ عام ماڻهو ئي سندس حقيقي استاد آهي ۽ اڪثر ڪري اديب جي لکڻين جو موضوع ئي عام زندگي ۽ عام ماڻهو آهي. نظر ڦيرائي ڏسجي ته اديب عام طبقي جو محتاج آهي ۽ اديب اصل ۾ ان عام طبقي جو شاگرد هوندو آهي. جنهن عام طبقي مان هو پرائي ۽ سکي ٿو. ادب عام زندگي آهي. هتي ٻه اهم سوال آهن. هڪ ته ڇا اڄ جو اديب پنهنجي لکڻين جهڙو آهي؟ ٻيو ته جڏهن عام ماڻهو ۽ عام زندگي ادب آهي ته اديب ان کان پاسيرو ٿي ڪري ڇو ٿو لکي؟
منهنجي نظر ۾ اڄڪلھه جو اديب پنهنجي لکڻين جي بلڪل ابتڙ نظر ٿو اچي يعني سندس لکڻين ۽ عام زندگي ۾ تضاد آهي. جيڪڏهن هڪ اديب پنهنجي ادبي تخليق ذريعي سماج کي مختلف هدايتون، سمجهاڻيون وغيره لکي ٿو ۽ وري سندس ئي عام زندگي ۾ ڏسجي ته اهي هدايتون ۽ سمجهاڻيون نظر نه اچن ته اها تخليق ڪهڙي ڪم جي؟ ان ڪري هڪ ته اڄ جي اديب کي پنهنجي لکڻين تي پورو پورو لهڻ گهرجي ۽ سندس قول و فعل ۾ هڪجهڙائي هجي.
ٻئي ڳالھه ته اڄڪلھه جي اديبن جي لکڻين ۾ ڪٿي آهي عام ماڻهو ۽ سندس عام زندگي؟ ڪٿي آهن سماج جا مسئلا؟ ڪٿي آهي عام ماڻهو جو ڏک ۽ درد؟ ڪٿي آهي سماج جو درد؟ جتي اسان عام ماڻهو ۽ عام زندگيءَ کي اديب جو وڏو استاد سمجهون ٿا ۽ شاگرد ئي استاد کي نظرانداز ڪري ته اها شاگردي ڪهڙي ڪم جي؟ اديبن جا موضوع رڳو حسن، عشق، گل، سونهن، خوشبو، سندرتا وغيره آهن! اسان اديبن کي وڏن لقبن سان ته ياد ڪندا آهيون پر مجموعي طور ڏسجي ته اسان جو اديب پنهنجي قوم سان سنجيده ناهي! اديب جي سنجيدگي ۽ سچائي جو اندازو سندس لکڻين مان لڳائي سگهجي ٿو. سنڌ جي ايڪڙ ٻيڪڙ اديبن کانسواءِ ڪنهن کي آهي قوم ۽ ڌرتي جو درد؟ ۽ ان قوم ۽ ڌرتي جو درد نه رکندڙ کي اديب سڏائڻ ۽ قوم ۽ ڌرتي جو ترجمان سڏائڻ ٺهڪي نه ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *