تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

ادب ۾ چوريون … مظھر الاسلام / ھمير گاد

مشاعري ۾ هڪ سينيئر شاعر پنهنجي هم عصر شاعر کي دل کولي داد ڏيئي رهيو هو ۽ ڀرسان ويٺل ماڻھن کي حيرت ٿي رهي هئي ته انهن ڪڏهن ڪنهن شاعر کي پنهنجي هم عصر شاعر کي ايترو داد ڏيندي ڪڏهن نه ڏٺو نه ئي ڪڏهن ٻڌو. هو هر هر هٿ مٿي ڪري نچي داد ڏيئي رهيو هو. واھه واھه ! سبحان الله، مڪرر مڪرر…جڏهن مشاعرو پنهنجي اختتام تي پهتو ته ڪنهن اٿي اچي ان داد ڏيڻ واري شاعر کي ٻانهن کان پڪڙي چيو: اوهان ته تمام سٺا شاعر ۽ سنجيده ماڻھو آھيو، اڄ اوهان کي ڇا ٿي ويو آھي.؟ ان شاعر جواب ڏنو” ڇا مان پنهنجي غزل تي به داد نه ڏيان.“ ۽ پوءِ داد ڏيڻ ۾ مصروف ٿي ويو.” واهه واهه“
ادب ۾ چورين جون وارداتون شروع کان ئي هلنديون اچن ٿيون پر اڄ تائين ڪا اهڙي سزا تجويز ناهي ٿي جنهن سان ادبي چورين کي روڪي سگهجي. عام طور تي ادبي چورين جي ٽريننگ اسڪول جي زماني کان شروع ٿيندي آھي جڏهن استاد ننڍن ننڍن ٻارن کي ان جي عمر ۽ ذھن کان وڏا مضمون گهر مان لکي اچڻ لاءِ چوندا آھن. سڀني کي خبر آ ته مضمون شاگرد پاڻ ناهن لکندا پر اهي مقابلي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪنهن کان لکرائيندا آھن ۽ پوءِ انعام حاصل ڪندا آھن. آھستي آھستي هن کي ٻين جي لکيل مضمون تي شھرت ڪمائڻ جو مزو اچي ويندو آھي.ڪاليج ۾ پهچڻ تائين هو ٻين جي لکيل غزلن ۽ نظمن جي سهاري شاگردن جي مشاعرن ۾ به شرڪت ڪندو آھي ۽ پوءِ اهڙو وقت به ايندو آھي جو جيڪڏهن ڪوئي لکي نه ڏي ته هو پراڻن رسالن ۾ ڇپيل غزل ۽ نظم کي وڏي فخر سان پنهنجي نالي سان پڙھندو آھي ۽ موقعو ملندس ته پنهنجي نالي سان ڇپرائي به ڇڏيندو.
هڪ ڀيري ڪنهن ڪاليج ۾ شاگردن جي مشاعري ۾ هڪ شاگرد نظم پڙھي رهيو هو، ججن ۾ ضمير جعفري به شامل هو ۽ اهو شاگرد چھري مان هن کي ڪونه سڃاڻيندو هو ۽ نه ئي ان کي اهو معلوم هو ته ججن ۾ ضمير جعفري به شامل آھي. جڏهن شاگرد نظم پڙھڻ شروع ڪيو ته ضمير جعفريءَ کي تمام گهڻي حيرت ٿي ته نوجوان هن جو ئي هڪ نظم پڙھي رهيو هو ۽ ان کي تمام گهڻو داد ملي رهيو هو. ضمير جعفري ان نوجوان کي چيو: واهه ! ڪنهن کان لکرايو اٿئي. نوجوان غصي واري لهجي ۾ چيو: ”اوهان کان“ ضمير جعفري خاموش ٿي ويو. آخر ۾ ان نوجوان کي انعام سان نوازيو ويو پر جڏهن ان کي ٻڌايو ويو ته ججن ۾ ضمير جعفري به شامل هو ته اهو نوجوان انعام وصول ڪرڻ کان بنا ائين غائب ٿي ويو بعد ۾ ان جي ڪا خبرئي ڪانه پئي.
هي چوريءَ جو اهڙو واقعو هو جنهن ۾ مال واپس ملي ويو يعني نظم آخر ۾ رهيو ضمير جعفريءَ جو، پر ڪيتريون چوريون اهڙيون آھن جنهن ۾ مال واپس ناهي ملي سگهندو ۽ چور نالو به ڪمائيندو آھي ۽ عيش به ڪندو آھي. انهن چورن جو طريقو اهڙو هوندو آھي جو چور پڪڙجي ناهي سگهندو. عام طرح سان اهڙا چور نئين لکڻ واري جي تخليقي گهر ۾ واردات ڪندا آھن ۽ ڇاڪاڻ ته نئين لکڻ واري جو نالو مشھور ناهي هوندو ان جي ڪري چوري پڪڙجي ناهي پوندي.
چورن جو هڪ قسم اهڙو به آھي جيڪي صرف غير ملڪي ادب مان چوريون ڪندا آھن ۽ اڪثر غير ملڪي افسانه يا نظمون صرف ترجمو ڪري پاڪستان جي اهم ادبي رسالن ۾ ڇپرائيندا آھن. هڪ ٻن افسانه نگارن جا چوري ٿيل افسانه ته پڪڙيا به ويا آھن.ڪجھه چور وري اهڙا آھن جنهن کي ڪو ويجهو دوست صرف اهو ٻڌائي ته ڦلاڻو اديب هن موضوع تي ڪو افسانو ٿو لکي ته هن جي لکڻ کان پهريان هو ساڳي شيءِ لکي ڪري ڇپرائي به ڇڏيندو. اهڙي طرح ڪتابن جا نالا چورائڻ جا به ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آھن. ڪيترائي ادبي چور اسان جي ادب ۾ وڏا بااثر ۽ معروف آھن ۽ انهن کان ماڻهو ائين ئي ڊڄندا آھن جيئن شھر جا ماڻھو شھر جي ڪنهن غنڊي کان ڊڄندا آھن. انهن چورن جا نالا هر ڪوئي ڄاڻندو آھي پر خوف کان ڪو پنهنجي زبان ناهي کوليندو. اسان به انهن جا نالا کڻڻ کان پرهيز ٿا ڪريون ان لاءِ جو اسان به انهن کان ڊڄون ٿا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *