تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

ادب ۽ سائنس … عرفان ڏاهري

هي موضوع جيترو وسيع آهي ته اوترو ئي دلچسپ ۽ قابلِ تحقيق به آهي،ڇاڪاڻ ته مختلف اديبن،شاعرن، نقادن ۽ سائنسدانن طرفان علم ادب ۽ سائنس جو تقابلي اڀياس ڪرڻ کان پوءِ اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته،انهن جي وچ ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ ۽ اهي هڪٻئي جي لاءِ ڪيترو فائديمند ثابت ٿي سگهن ٿا؟ ڇا هن سائنسي دور ۾ ادب جي ڪا حيثيت ۽ اهميت به آهي؟ ڇا هن ترقي پذير گوبل وليج ۽ ٽيڪنالوجي واري دور ۾ ادب پنهنجو بچاءُ ڪري سگهي ٿو؟ ڇا هاڻي ادب جو ڪو ڪارج رهيو آهي؟ ڇا سائنس ادب جي جاءِ ولاري سگهي ٿي ۽ اها ادب جي وجود کي ڪو ڇيهو رسائي سگهي ٿي ؟ وغيره وغيره. ان قسم جي سوالن تي مختلف ماهرن طرفان پنهنجا پنهنجا نظريا پيش ڪيا ويا،جن ۾ سي پي سِنو (C.P Snow)،آءِ اي رچرڊس (I.A Rechards)،هڪسلي (Huxley)،مارٽن گرين (Martin Green)،ڊي جي ڪنگ هيلي (D.G King Hele)،شيلي (Shelley)،پيڪاڪ (Peacock)،وليم ورڊس ورٿ (William Wordsworth) ۽ ميٿيو آرنلڊ (Mathew Arnold) جهڙن دانشورن، مفڪرن، ماهرن، اديبن، شاعرن، نقادن ۽ سائنسدانن طرفان مختلف قسم جا بحث ڪيا ويا.بهرحال ان بحث کان پهرين اسان کي اهو سمجهڻ ضروري آهي ته ادب ۽ سائنس ٻنهي کي الڳ الڳ واضح ڪجي ته اهي ڇا آهن ۽ انهن جو اصل ڪم ڪهڙو آهي؟
ادب بابت بيشمار وصفون ۽ وضاحتون مختلف اديبن ۽ محققن طرفان پيش ڪيون ويون آهن،جنهن جي باري ۾ ڪابه حتمي راءِ پيش نٿي ڪري سگهجي ته ڪهڙي وصف ادب بابت مناسب ۽ موزون آهي،پر هن بندي موجب؛ هڪ عربي محقق ” عمر فروخ“ ادب بابت جيڪا وصف بيان ڪئي آهي،سا مڙني کان موچاري ۽ معنيٰ خيز به آهي.هو ادب بابت ڪجهه هن ريت لکي ٿو ته، لفظ ادب جون ڪيتريون ئي معنائون آهن،تنهن مان هڪ معنيٰ ماڻهن کي کائڻ پيئڻ لاءِ سڏڻ ۽ دعوت ڏيڻ آهي،ٻي معنيٰ نفس کي مهذب بڻائڻ ۽ تعليم و تربيت ڪرڻ آهي.ادب جي هڪ معنيٰ عام ميڙاڪن يا مجلسن ۾ گفتگو ڪرڻ به آهي،هڪ معنيٰ حسنِ سلوڪ سان پيش اچڻ به آهي،حڪمت ڀريل ڪلام کي به ادب سڏيو ويندو آهي،جنهن ۾ ڪا حڪمت لڪيل رهي ٿي يا جنهن مان ڪا چڱي نصيحت حاصل ڪئي وڃي ٿي يا ڪا صحيح ڳالهه ٻڌائي وڃي ٿي،پر هتي ادب جي معنيٰ ۽ مقصد ڪجهه ٻيو آهي،ان جو اطلاق بهترين ڪلام جي لاءِ ڪيو ويندو آهي،چاهي اهو نثر ۾ هجي يا شعر ۾،ان اعتبار کان اديب اهو آهي،جنهن ۾ ادب جو ذوق هجي ۽ جنهن ۾ ادبي تخليق جي صلاحيت موجود هجي. (تاريخ الادب العربي،ص؛42)
مطللب ته جنهن شيءِ ۾ اهي سڀئي خاصيتون موجود هجن، سا ئي ادب جي دائري ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي، نه ته ٻي صورت ۾ اها ادب جو حصو نٿي بڻجي سگهي!
اهڙي ريت،هر اها شيءِ جيڪا تجربي ۽ مشاهدي جي ذريعي حاصل ڪئي وڃي،تنهن کي سائنس چئبو آهي. ادب وانگر سائنس جي شروعات به يونان کان ئي ٿي ۽ ڪنهن دور ۾ ان کي عملي فلسفو (Practical Philosophy) سڏيو ويندو هو. ان علم جي شروعات يونان ۾ ان وقت ٿي جڏهن يونان ۾ پاپائيت جو عروج هو ۽ّ عام ماڻهو جي ڪابه حيثيت ڪونه هئي،تنهنڪري اتي هڪ اهڙو طبقو پيدا ٿيو،جنهن ماڻهن ۾ روشن خيالي آندي ۽ کين هر ڳالهه تي غور و فڪر ڪرڻ ۽ سوچڻ سمجهڻ تي آماده ڪيو! جن ماڻهن اهڙي قسم جي ڪوشش ڪئي تنهن کي ”سوفسٽ“ ( جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته تصوف جي شروعات به ان طبقي کان ئي ٿي) سڏيو ويندو هو ۽ هڪ عظيم فلاسافر سقراط جو تعلق به ان طبقي سان ئي هو، پر بعد ۾ ان عملي فلسفي کي سائنس جو نالو ڏنو ويو،تنهڪري ان وقت کان وٺي هن وقت تائين سائنس جو اهوئي ڪم آهي، ته سموري انسانذات جي مادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ عقليت کي زور وٺرائڻ، ڪنهن به شيءِ بابت ٺوس ثبوتن جي بنياد تي تحقيق ڪرڻ،ريتن رسمن ۽ عقيدن جي پنجوڙ ۾ مان نڪري بنا ڪنهن رنگ،نسل ۽ مذهب جي انسانيت جي خدمت ڪرڻ وغيره، اهڙي ريت سائنس جي ذريعي ڪنهن سائنسدان جو ڪم آهي، مشاهدي ۽ تجربي جي بنياد تي سوچي سمجهي ڪنهن حتمي راءِ تي پهچڻ ۽ پنهنجو نظريو پيش ڪرڻ ! جيتوڻڪ ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ادبي دنيا ۾ به تجربي ۽ مشاهدي کان ئي ڪم ورتو ويندو آهي پر ان ۾ خالص احساسيت ۽ جذباتيت جي اڇل هوندي آهي،جڏهن ته سائنس ۾ انهن جي مدد سان رڳو ظاهري حقيقتن کي مدلل انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي.
ادب ۽ سائنس جي چٽاڀيٽي جو عمل لڳ ڀڳ 19 هين صدي کان ڪيو ويو ۽ جيڪڏهن ڏسجي ته ان دور ۾ سائنس جو تمام گهڻو عروج هو،جنهن جي ڪري ادب تي سندس گهرا اثرات پيا ۽ ان جي اهميت و افاديت کي هڪ وڏو ڌچڪو لڳو،جنهن جي نتيجي ۾ مختلف ماڻهن اندر ان قسم جا ڪجهه اڦواهه ڦهلجڻ شروع ٿي ويا ته هاڻ ادب جو زوال ۽ سائنس جي ترقي ٿي رهي آهي! ان قسم جي صورتحال ۾ مختلف شعبن سان لاڳاپيل فردن ڀرپور حصو ورتو،جنهن ۾ ادب ۽ سائنس جو باقاعده موازنو ڪري اها حقيقت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڇا اهي دعوائون درست آهن،جيڪي ادب جي سونهن ۽ ساک کي ڏينهون ڏينهن متاثر ڪري رهيون آهن،سو اهڙي ڳنڀير صورتحال ۾ مختلف ماهرن طرفان مختلف قسمن جا خيالات ۽ رايا پيش ڪيا ويا، جن ۾ ڪجهه ماهرن طرفان اهو ثابت ڪيو ويو ته ادب ۽ سائنس ڪي ٻه مختلف شيون ناهن، پر اهي ته هڪ ئي شيءِ آهن. جيئن هڪسلي (Huxley) ان بابت لکي ٿو ته،
“Science and Literature are not two things,but two sides of one thing.”
پر هڪ انگريزي شاعر ۽ پادري ” جان هينري نيومين “ سائنس ۽ ادب ۾ ڪجهه هن ريت فرق ٻڌائي ٿو ته،” ادب ماڻهو سان لاڳاپيل هوندو آهي،جڏهن ته سائنس فطرت سان لاڳاپيل هوندي آهي.“
”Literature stands related to man as science stands to nature; it is his history.“
اهڙي ريت ”پروفيسر لارڊ رابرٽ برٽن“ اسان کي ٻڌائي ٿو ته،”1600ع کان 1700ع جي وچ ڌاري سائنس جو ڪم فلسفي جي شعبي کان ورتو ويندو هو، جنهن کي اڳتي هلي بعد ۾ 18 هين صدي ڌاري سائنس جو نالو ڏنو ويو.ان دور سان تعلق رکندڙ فلاسافرن لاطيني ۽ يوناني ٻولي جي شاعرن جي شاعريءَ مان ڀرپور استفادو حاصل ڪيو،جنهن جي بنياد تي ئي انهن پنهنجا مشاهدا ۽ تجربا به بيان ڪيا ته گڏوگڏ سائنسي علم جي لاءِ هڪ سڌي راهه به هموار ڪئي. پر تنهن هوندي به جيئن جيئن سائنس پنهنجي ترقي جو منزلون طئي ڪيون ته مختلف نقادن طرفان اهو رايو عام ٿي ويو ته هاڻ هن سائنسي دور ۾ ادب ۽ شاعريءَ جي ڪابه اهميت باقي نٿي رهي سگهي! ۽ هاڻ اهو وقت بلڪل ئي ويجهو آهي جو شاعري پنهنجو سمورو اثر رسوخ وڃائي ويهندي! ” ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن،جيڪي چون ٿا؛ ته ادب مستقل طور تي مرجهائجي ويندو،انهن جو اهو به خيال آهي ته جيڪو ميدان هن وقت ادب جي هٿ ۾ آهي،اهو مستقل طور سائنس جي طرف هليو ويندو،ليڪن ائين نه ٿو ٿي سگهي! ڇاڪاڻ ته اهو ممڪن نه آهي جو انسانيت جي دلچسپي قدرت ۽ ڪائنات ۾ تمام گهڻي عرصي تائين رڳو سائنسي علمن تائين محدود رهي! (عظيم سائنسی مضامين،ص؛ 91)
ان ڳالهه سان بلڪل ئي سهمت ٿي سگهجي ٿو ته شروعاتي يا اوائلي دور ۾ ادب جو مقصد فقط ئي فقط وندر ۽ ورونهه ڪرڻ هو، پر اهڙي صورتحال گهڻي عرصي تائين ادبي دنيا ۾ پنهنجو پير ڄمائي نه سگهي ۽ جيئن جيئن دنيا جي ٻين علمن ۾ ترقي ٿيڻ لڳي ته گڏوگڏ ادب به پنهنجو رخ تبديل ڪيو ۽ آخرڪار اهڙو وقت آيو جو ادب براءِ ادب وارو نظريو گهڻي دير تائين پنهنجا پير کوڙي نه سگهيو ۽ ان جي جاءِ اچي ادب براءِ زندگي واري نظريي حاصل ڪئي،اهڙي صورت ۾ ادب کي زندگيءَ جي تفسير ۽ تنقيد چيو ويو،جنهن جو مقصد رڳو انساني زندگيءَ کي سڌارڻ هو! ۽ ادبي دنيا ۾ جيڪي هن وقت تائين ترقي پسندي، انسانيت پسندي، سوشلزم، رومانويت ۽ جديديت وغيره جهڙيون تحريڪون،رجحان ۽ لاڙا آيا آهن سي محض انسانذات جي فلاح و بهبود واسطي ئي آيا آهن، جن سموري ادبي دنيا کي هڪ نئون ويس پهرايو آهي ۽ ان کي اهو مان ۽ مرتبو عطا ڪيو آهي،جنهن جي کيس وقتي ضرورت هئي ۽ بالاّخر اهو وقت اچي ويو جو علامه آءِ آءِ قاضي چواڻي؛اديب جو ڪم آهي،تاديب ڪرڻ جنهن مان ثابت ٿي ٿو ته موجوده دور ۾ سماجي اصلاح ۽ سڌاري جو ڪم هاڻي سائنسدان سان گڏوگڏ اديب تي به هڪجيترو لاڳو ٿي ويو،پر ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي ته سائنس ڪجهه قدم اڳتي وڌي انساني زندگي ۾ تمام گهڻيون سهولتون ۽ سولائيون آنديون آهن ۽ ان کي وڌ کان وڌ بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،پر ان سان گڏوگڏ ادب به پنهنجي وس ۽ قوت آهر هر دور ۾ ان قسم جون ڀرپور ڪوششون ورتيون آهن ۽ هاڻ ادب بابت اها دعويٰ ڪري سگهجي ته اهو به هاڻي سائنس وانگر هڪ جهموري حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي.
تنهنڪري اسان کي ان حقيقت جو اعتراف ڪرڻو پوندو ته ادب ۽ سائنس ڪڏهن به هڪ نٿا ٿي سگهن ۽ نه ئي اهي هڪٻئي کي ختم ڪري سگهن ٿا. ها باقي ” جيستائين سائنس جذبات سان ملي جلي نٿي وڃي،دل ۽ تخيل جي قابلِ قبول نٿي بڻجي،ته اها هڪ غير نامياتي مادي وانگر آهي ۽ جيڪڏهن اها ملي جلي هڪ ٿي وڃي ته ادب بڻجي سگهي ٿي“ ۽ اها ئي ڳالهه ادب تي به لاڳو ٿئي ٿي ته جيستائين ادب مڪمل طور تي سائنسي روپ اختيار نٿو ڪري ته اهو فقط ادب ئي رهندو! تنهنڪري اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته،سائنس ۽ ادب جا دائرا ۽ حدون هڪ ٻئي کان الڳ الڳ آهن ۽ ان سان گڏوگڏ انهن جا قانون ۽ قاعدا به پنهنجا پنهنجا آهن،جنهن جي ڪري انهن ٻنهي جي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اهميت ۽ حيثيت آهي،جنهن جي مڃڻ کان ڪنهن کي به ڪڏهن ڪن لاٽار ڪرڻ نه گهرجي!

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *