تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ادبي ۽ فڪري تنقيد جا محرڪ! …ليکراج ميگھواڙ

جيستائين تخليقڪار سماج کي گھرائيءَ سان نٿو سمجھي، سماجي ارتقا تي گھري نظر نٿو رکي، تيستائين ھُو اھڙو ادب تخليق نٿو ڪري سگھي، جيڪو سماج کي ترقيءَ سان ھمڪنار ڪرائي سگھي. دنيا جي مڙني علمن ۽ فنن جو سرچشمو يونان ئي آهي، ادب جا جيڪي اصول افلاطون ۽ ارسطوءَ جوڙيا، صديون گذرڻ باوجود به اڄ جو شارح انهن جي چوگرد ئي ڦري ٿو.
ادب کي اديبن مخلتف مفهومن ۾ اڪلائي پيش ڪرڻ جي ڪوشش هر دور ۾ ڪئي آھي، پر ادب جو نچوڙ يا حاصل نتيجو وڃي هڪ ئي ڏاڪڻ تي بيهي ٿو: ادب اهو علم آھي، جيڪو انسان جي دل ۽ ذهن جي شعوري فڪري قوت وڌائي ٿو، انسان جي خيالن ۾ بلندي آڻي نزاڪت ۽ قلب ۾ خوشي ۽ سرور جي ڪيفيت پيدا ڪري ٿو.
ادب تي يورپ جي نظر وري مختلف آهي، يورپي عالمن جي راين ۾ تضاد ضرور آهن، پر ادب جي حقيقي وضاحت پڻ ملي ٿي. ميٿيو آرنولڊ ادب بابت چيو ته “ادب انساني زندگيءَ جي تنقيد ۽ ان جو تفسير آهي.” جڏھن ته هيگل جو چوڻ ته” قدرت انسان ۾ جن سرمدي شين کي امانت طور رکيو آهي، تن جي اظهار کي ادب چئجي ٿو.” ميڪلن ادب جي معنيٰ بابت چيو ته” ادب به هڪ تاريخ آهي.”  آرنولڊ سڪورس ادب جي مفهوم بابت تمام دلچسپ لکيو ته” اها تمام معلومات جيڪا ڪتابن مان حاصل ٿئي، اها ادب آهي.” ته وري بروڪ هڪ هنڌ لکيو ته” لائق مردن ۽ عورتن جي لکيل احساسن ۽ خيالن کي اهڙي نموني سان ترتيب ڏيڻ ، جو پڙهندڙ کي خوشي حاصل ٿئي، اھو ادب آهي.” سنڌ ڄائي عالم علامه آءِ آءِ قاضي مطابق “ادب” لفظ “دب” ماب ورتل آهي، جنهن جو مطلب آهي: “ پٽ تي ريڙهيون پائڻ” لغت جي لحاظ کان معنى: “ريڙهيون پائيندڙ ٻار کي پنڌ سيکارڻ.” سنڌي اصطلاحي معنى ۾ ” اڻ گهڙيل ڪاٺ کي رندو هڻڻ.” ۽ ماضي ۾ اهو فن سيکاريندڙ استاد کي اديب چئبو هو. انهن سمورن جي الڳ راءِ کي توهان ميڙي به سگهو ٿا ۽ ڊاهي به سگهو ٿا ڇاڪاڻ جو انهن ماڻھن وانڱر توهان به شعوري فڪري تنقيدي ميڄالو رکو ٿا.
“ادب براءِ زندگيءَ” جو مفهوم ڇا آھي؟
ادب برائي زندگيءَ جو مقصد اهو آهي ته انساني زندگي جيئن آهي،جهڙي آهي، ان جي هوبهو تصوير چٽي وڃي، جيئن ان جو ڪو به پاسو يا پهلو اڻ ڇهيو رهجي نه وڃي! ادب زندگيءَ جو ترجمان آهي.”ادب نه فقط زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿو، پر ان تي تنقيد به ڪري ٿو. زندگيءَ جي سمجهاڻي به ڏئي ٿو ۽ ان جو تفسير پڻ ٻڌائي ٿو. ادب ۾ بهتر خيال ۽ روز مره جي بهتر زبان استعمال ٿئي ٿي.
جي تخليقڪار رڳو ادب کي ذات جو اظهار سمجهي ته پوءِ سندس تخليقي ادب سندس اندر جي روحاني ڪائنات جو محض پرتوو بڻجي رهجي ويندو پر سماجي تغير/تحرُڪ جو مُحرڪ نه ٿو بڻجي سگهي. جديد ادب اسان وٽ تجربن جي صورت ۾ آيو آھي، تجريديت، وجوديت، شعور جي روءِ وغيرہ ٻاھرين ٻولين جي ادب مان اسان وٽ آيا آھن. وجوديت ۾ حياتيءَ کي اڪارج سمجھيو ويو، ھن وڏي ڪائنات ۾ تخليقڪار  حياتيءَ ۾ پنھنجي ئي وجودي شناخت ڳوليندو رھجي وڃي ٿو، پنھنجي ئي جوھر جي تلاش تائين محدود ٿي وڃي ٿو. ادب ۾ اھڙو اظھار تخليقڪار کي انفراديت پسند بنائي ڇڏي ٿو. 
ويڳاڻپ، مايوسي اصل ۾ تڏھن جنم وٺندي آھي جڏھن تخليقڪار جي پنھنجي آدرشي آئيڊيولاجيءَ سان سماج سان ٽڪراءَ ۾ايندو آھي جيڪو ھڪ وقتي ۽ ارتقائي مرحلو ھوندو آھي پر ان لمحي جي سچائي ڪا ابديت ڪونه رکندي آھي سماج جي تخليقڪار ڏانھن اھڙي موٽ، تخليقڪار کي مايوس ڪندي آھي ڇوته ھن جو نج آدرشي خاڪو معصوم ھوندو آھي جيڪو ٽُڪرا ٽُڪرا ٿيڻ لڳندو آھي نتيجي ۾ تخليقڪار حياتيءَ جي رڳو تاريڪ پھلوءَ کي پسندو رھندو آھي ۽ حياتيءَ جي باقي روشن پھلوئن کان مُنھن موڙي جذباتي بنجي ويندو آھي ۽ تخليق ۾ پڻ مايوسيءَ کي شدت سان عڪسبند ڪندو آھي اھڙيءَ طرح حياتيءَ جا منفي پھلو سندس تخليق ۾ بسيرو ڪري ويھي رھن ٿا. اھڙو ادب حياتيءَ کي نوان پيمانا ميسر نٿو ڪري سگھي ۽ حياتيءَ جي ابديت جي مادي تقاضائن جو نمائندو نٿو بنجي سگھي .
ادب ھوننءَ به اھڙو تخليق ٿيڻ گھرجي جيڪو زندگيءَ جي تحرڪ جو امين ھجي اديب کي سماج جو جوڳي بنائي رکي نه ڇڏي پر سماج جو رھبر بڻائي عوام کي ننڊ لاءِ نه ھمتائي پر ذھن سوچ کي نئين تازگي بخشي حياتيءَ جي رازداريءَ کي جيڪو ادب کولي ٿو سو ئي ادب بدلاءُ جو باني ھُوندو آھي حياتيءِ جي حقيقين کان فراريت اختيار ڪري رڳو ادب ۾ آرٽسٽڪ سينگار ڪرڻ ڪا عظيم فتح نٿي چئي سگھجي.  

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *