تازا ترين
  • *ڪراچي:احتساب عدالت قومي ناڻي کي 3 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ بابت ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو *احتساب عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مختيار ڪار سوڌو سمورن جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي *جوابدارن ۾ مختيار ڪار محمد سالڪ، عبدالعزيز، شاهد، واحد بخش، زمان، شاهد رضا شاهه ۽ لال محمد شامل *جوابدارن تي ملير ضلعي ۾ سرڪاريزمينن تي غير قانوني الاٽمينٽ جو الزام آهي:نيب*
  • *ڏوڪري ويجهو ناري مبينا طوراغوا ٿي وئي، وارثن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج *ڳوٺ جکرا واسين جو 18ورهين جي نوشاد عرف ريما چنو جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو *جوابدار رانجهن منگي ناري کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري: مظاهرين*
  • *بهاولنگر: سي ٽي ڊي جي عارف والا روڊ تي ڪارروائي، دهشتگرد گرفتار *ڪارروائي دوران العاعده سان تعلق رکندڙ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو: سي ٽي ڊي *دهشتگرد جي قبضي مان مختلف قسم جو خطرناڪ مواد هٿ ڪيو ويو: سي ٽي ڊي*
  • *سکر: سپيڪو جي ڊائريڪٽر فنانس پاران بجلي چوري ڪرڻ جو انڪشاف *ڊائريڪٽر فنانس سيپڪو جي بنگلي جي بجلي ورھين کان ڊائريڪٽ ھلڻ جو انڪشاف *امداد ميراڻي جي بنگلي ۽ اوطاق ۾ ڊائريڪٽ ڪنيڪشن لڳل ھئا: ڇاپا مار ٽيم جو انچارج *سيپڪو چيف جي هدايتن تي ڇاپا مار ٽيم جي گهوٽڪي ويجهو بجلي چوري خلاف ڪارروائي*
  • *آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ترڪي جي دفاع واري وزير جي ملاقات: آءِ ايس پي آر *ترڪ دفاع واري وزير علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي: آءِ ايس پي آر *ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي شراڪت داري ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي: آرمي چيف*
  • *لاهور: ايس ايس پي سيد جنيد ارشد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس *عدالت جوابدار جنيد ارشد کي وڌيڪ 10 نومبر تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو *جنيد ارشد تي عهدي جو ناجائز استعمال ڪرڻ جو الزام آهي: نيب*
  • *ڪراچي ۾ 5 هزار گيلن کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ واٽر ٽينڪرز تي شهر ۾ داخلا تي پابندي *ڊِي آءِ جي ٽريفڪ ملير، ڪورنگي، ايسٽ، ويسٽ جي ايس ايس پيز کي خط لکي ڇڏيو *شهر ۾ صرف 5 هزار گيلن پاڻي کڻي ويندڙ ٽينڪرز کي اجازت هوندي: ڊي آءِ جي*وڌيڪ وزن کڻندڙ ٽينڪرز حادثن جو سبب بڻجندا آهن: ڊي آءِ جي ٽريفڪ*
  • *همايون شريف ويجهو نينگري پاران مبينا آپگهات وارو معاملو *ڳوٺ وڏا ڏئيا واسڻ 17ورهين جي نيلم ڏئيو جي مبينا آپگهات جو ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس ورتو *پوليس نينگري جي والد خلاف ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو *نينگري جي وارثن سندس موت کي آپگهات قرار ڏنو هو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد گلبهار ڏئيو فرار*
  • *دولتپور صفن ويجهو قومي شاهراهه تي پراڊو گاڏي جي ٽڪر ۾ واٽهڙو پيرسن فوت *جوکيا موڙ وٽ حادثي ۾ پيرسن چڻو ولد کيڏو خان ڀٽي فوت ٿي ويو، لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو *پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو*
  • *هنڱورجا ويجهو سڳيون لنڪ روڊ تي ڦر دوران مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ٿي وئي *مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ڳوٺ مٺو خشڪ واسي سليم ولد امداد خشڪ نالي سان ٿي: ايس ايڇ او هنڱورجا *
  • *سبي: مٺڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي مزده ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 9 مسافر زخمي *حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو*
  • *پشاور: پارا چنار جي علائقي شلوزان ۾ ٽن ڄڻن جو قتل، 6 جوابدار گرفتار *گذريل ڏينهن ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا : ڊي پي او*
  • *راجنپور ۾ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي ڊيلرن خلاف آبادگارن جو احتجاج، گڏهه ڪاهي ريلي ڪڍي وئي *آبادگارن زراعت کاتي جي عملدارن جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو*

احسان فراموش جو الٽراسائونڊ‎ … منظورھاليپوٽو

دنيا ۾ احسان فراموشي ڪري ڪجھه غلط روين پھاڪن جنم ورتو آھي مثال چڱائي ڪئي وير پرايئي اڄ ڪلھه چڱائي جو دور ئي ناھي ان قسم جا کوڙ سارا پھاڪا چوڻيون موجود آهن. حديث مبارڪ ۾ آھي ھڪ نيڪي جي بدلي ڏھ دنيا ۾ ستر آخرت ۾ ملنديون پوءِ احسان ڪرڻ کان لنوائڻ نه گھرجي مھينو کن اڳ مون پنهنجو ميگزين ۾ احسان جتائڻ يعني ڪنھن تي احسان ڪري ان کي باربار خوامخواھ ياد ڏيارڻ خوار ڪرڻ بابت مضمون لکيو ھو جنھن جا عڪس سوشل ميڊيا تي پڻ رکيا ھئا ان مضمون کي ڪافي مڃتا ملي ھئي احسان جتائڻ جي سببن جون سڀ شاخون اڄوڪي مضمون احسان فراموشي سان ملڻ ڪري چند سٽون ٻيھر دھرائجن ٿيون مثال ماڻھو ڪيل احسان وساري ويھن ٿا شڪريو ادائي نـ ٿا ڪن ان ئي سبب جي انسان کي مجبورن احسان ياد ڏيارڻو لازم ٿيو پوي، احسان فراموشي احسان جتائڻ جي عمل کي جنم ڏئي ٿي يقينن ٻئي عمل غير اخلاقي ڪمن ۾ شمار ٿين ٿا. احسان فراموشي جو مطلب ڪنھن جو احسان سڌو توڙي اڻسڌي طرح نـ مڃڻ کي احسان فراموشي چئبو آھي پر لازمي ناھي زبان سان چئجي اوھان جو ڪو احسان ناھي اوھان جي مٿان ڪنھن مائٽ يا دوست جو جيڪڏهن احسان ھجي پوءِ دوست کي ضرورت وقت اوھان ڄاڻي واڻي مدد نـ ڪريو ان کي احسان فراموشي چئبو آھي پر کوڙ اھڙا رويا جيڪي فاعل ۽ مفعول يعني احسان ڪندڙ ۽ وٺندڙ جي وچ ۾ لاشعوري سبب اھڙي قسم جي گفتگو جنھن کان ٻئي ڌريون بلڪل اڻواصف ھونديون آھن پر اھو احسان فراموشي ۾ شمار آھي جيڪي ڪجهھ ھن طرح آھن.
ڪو دوست اوھان جي رھنمائي ڪري مثال اخبار يا انٽرنيٽ لنڪ تي نوڪري جي اشتھار بابت اوھان کي ھمدري طور اطلاع ڏئي اوھان شڪريو ادا ڪرڻ بدران اھو چئو ته مون اپلاءِ ڪري ڇڏيو آھي يا مون اھا ايڊورٽائيز پڙھي ڇڏي آھي مونکي ان ڳالھه جي اڳواٽ معلومات آھي اھو احسان فراموشي ۾ شامل ليکبو. جيڪڏهن ڪو دوست بازار وڃي رھيو آھي اوھان ان کي ڪو سامان وٺي اچڻ لاءِ ائين چئو تـ وڃي تـ پيو ھي سامان وٺيو اچ ڪھڙي تڪليف ٿيندي بجاءِ اوھان شڪريو ادا ڪرڻ جي اوھان احسان فراموشي کي هٿي پيا ڏيو جيڪڏهن ڪو سرندي وارو شخص اوھان جي ڪامدد ڪري ان جي جواب ۾ اوھان جيڪڏهن اھو سوچيو تـ اھو انھن جو فرض آھي ڪو احسان ناھي ڪيو يا ڪو شخص اوھان کي پنهنجي سواري تي کڻي منزل تي پھچائي بدلي ۾ مھرباني چوڻ جي اھو فرمايو پويان منھنجو پٽ ڀائيٽو بـ آيو پئي مان پھچي وڃان ھا يا ڪا نـ ڪا سواري اچي ھا پھچي وڃان ھا اھا بـ بلڪل احسان فراموشي آھي
ڪڏھن دوست ڪال ڪري ان کي چئجي يا سوچجي پيڪج ڪرايو اٿئي تڏھن ڪال ڪئي اٿئي يا ڪنھن دوست پاران ججھي مقدار ۾ مليل تحفو مثال خشڪ ميوو يا ڪي ٻيون شيون ججھو مقدار ڏسي چئجي سستا مليا آھن ڇا يا ڪيتري جا آھن يا ھي شيون تـ اسان وٽ بـ کوڙ آھن مان بـ دوستن کي پاڙي ۾ ورھائي ڇڏيندس يا اھو چئي ڏيون ايترا ڇا ڪنداسين اھو سڀ ڪجهھ احسان فراموشي آھي ادا ھي ڪم ڪري اچجان ٻيا بـ کوڙ دوست آھن جيڪڏهن انھن کي چوندس تـ بـ ڪري ڇڏيندا ڄڻ اوھان ان ماڻھو کي پنهنجو ڪم چئي بـ ان تي احسان پيا ڪريو‚ جيڪڏهن دوست کان ڪا ضرورت واري شي ھن طريقي سان گھرجي اھا شي تو وٽ واڌاري پئي اجايو پئي خوامخواهه استعمال ۾ بـ ڪانـ پئي اچي مونکي ڏيو مان حفاظت بـ ڪندس ڄڻ اوھان ان کان اھا سندس شي وٺي سندس مٿان بار بڻيل ھلڪو ڪري اوھان ان تي احسان پيا ڪريو اھا ئي اعليٰ قسم جي احسان فراموشي تـ آھي. ياد رکڻ گھرجي احسان فراموشي ھڪ ھڪ خواري آهي ان ڪري ڪوشش ڪريو پنھنجا ڪم پاڻ ڪريو ھروڀرو ننڍڙي ڪم لاءِ ڪنهن کي تڪليف نـ ڏيو پاڻ کي تڪليف ڏيو ٻي صورت ۾ احسانن جي بدلي ۾ ڪٿي اوھان کي ھر شخص مفاھمت نـ ڪرڻ ڪري اوھان جو نالو ۔ احسان فراموشن جي ٽاپ لسٽ ۾ لکيو ويندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *