تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

احسان جتائڻ ھڪ غليظ بيماري … منظور ھاليپوٽو

دنيا ۾ زبان سان ڪيل غيراخلاقي حرڪتن ۾ گلا غيبت ٺٺول طنز منافقت چاپلوسي ڪوڙ ساڙ حسد نازيبا لفظ الزام تراشي تڪبر گارگند وعدا خلافي احسان فراموشي حوصلا شڪني ڌوڪي بازي جھڙن گناھن ۾ احسان جتائڻ غليظ ۾ غليظ عملن مان ھڪ آھي جيڪڏھن مٿي ذڪر ڪيل ڏوھن جي ماپي جو جدول ٺاھينداسين تـ احسان جتائڻ سڀ کان وڏي ۾ وڏي ڏوھن ۾ سرفھرست ھوندو مولا علي جو فرمان آهي ته جيڪو اوھان جي نظر ۾ ننڍي ۾ ننڍو ڏوھ آهي اھوئي وڏي ۾ وڏو ڏوھه آھي. تڏھن تـ چوندا آھن ترار جو زخم ڇثي ويندو آھي زبان جو زخم ناھي ڇٽندو. حضرت علي عليھ السلام جو فرمان آهي ته ڳالھائڻ کان اڳ لفظ انسان وٽ قيد ھوندا آھن پر ڳالھائڻ کان پوءِ انسان لفظن وٽ قيد ھوندو آھي‚ ٻئي ھنڌ فرمايو اٿن انسان ڄمڻ کان وٺي ٽن سالن اندر ڳالھائڻ سکي ويندو آھي پر ڪڏھن ڪيئن ڳالھائجي اھو سکڻ ۾ عرصو لڳي ويندو آھي آڳاٽي وقت ۾ زبان سان ڪيل قول ملڪ جو وڏي ۾ وڏو اثاثو ھوندو ھو، ايتري قدر ڪيل قول تحت بادشاھيون تخت ملڪيت ترڪ ڪري ڇڏيندا ھئا پر زبان کي خراب نـ ٿيڻ ڏيندا ھئا پر افسوس اڄ جي دور ۾ گھڻي کان گھڻو غلط استعمال زبان جو ٿئي ٿو جنھن ۾ احسان جتائڻ سڀ کان اڳتي نڪرندو پيو وڃي احسان جتائڻ مطلب ڪنھن تي احسان ڪري ان کي سڌو سنئون توڙي مختلف طريقن سان محسوس ڪرائڻ احسان جتائڻ ۾ اچي ٿو. احسان جتائڻ سان اڳيون شخص احسان محرومي ۾ هليووڃي ٿو ۽ پڻ ڪڏھن ڪڏھن اھڙي قسم جو احسان جتائڻ سان عزت نفس مجروح ٿئي ٿي.
احسان جتائڻ جا سڌا اڻ سڌا مختلف طريقا آھن مثال طور ڪنھن کي چانهھ پياري وري ڀڇڻ چانهھ ڪيئن ھئي سٺي ھئي؟ ھڪ شخص جي ننڍڙي مدد ڪري انداز سان وري بار بار ڀڇڻ تـ ڀائو ٻيو ڪو حڪم‚ ڪنھن کي روزگار سان لڳائي پوءِ ھرواري پگھار ملڻ جو ڀڇڻ يا وري ڀڇڻ ادا ھاڻ گھر جو گاڏو ڪيئن پيو ھلي ڪو تحفو ڏيڻ بعد جڏھن دوست استعمال ڪري تـ اٿي چئجي ھي شي واھه جي ٺھي ٿي تمام ڀلي ٿي لڳي‚ ڪنھن کي رت جي بوتل ڏئي پوءِ سال بعد بـ پڇڻ ھاڻ تـ ٺيڪ آھين طبيعت ڪيئن اٿس ‚ خاص ڪري ڪنهن واقفڪار پنھنجي سواري تي سواري تي کڻڻ بعد وري جڏھن ڪٿي لھي تـ چئجي ڪنھن مھل پھچين ها جلد پھچي وئين نه منھنجي نظر ۾ ڳوٺ ۾ پاڻي جي ٽانڪي لڳرائي ان تي پيءُ ڏاڏا جو نالو لکرائڻ مطلب مٿي ذڪر ڪيل اھڙي قسم جا جملا احسان جتائڻ ۾ اچن ٿا احسان جتائڻ جو وڏي ۾ وڏو نقصان اھو آھي جو انسان جو ڪيل احسان لڙھي وڃي ٿو‚ جتائڻ جون عادتون خاص ڪري سياسي ماڻھن ۾ ھونديون آھن ان سان گڏ ڪڏھن پگھار تي ڪم ڪري سرڪاري ملازمن ۾ استاد مون اوھان جي ٻارن کي پڙھايو آھي جيڪا ڳالهھ تـ سچي آھي آھي پر اھڙي انداز ۾ بيان ڪرڻ احسان جتائڻ ۾ اچي ٿي ڪڏھن ڪڏھن مرشد سائين نظرانو وٺڻ جي چڪر ۾ اھو فرمائي احسان جتائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪندا آھن تـ تون ڏاڏا جي دعا سان ڄائو ھئين ‚توڙي جو مذھبي پيشوا اجورو وٺڻ بعد بـ جذبات ۾ فرمائيندا آھن اسان نـ ھجون اوھان جي مئلن کي غسل ڪير ڏياريندو جنازو ڪير پڙھائيندو نڪاح ڪير پڙھائيندو ان قسم جا اجتماعي توڙي انفرادي طور تي احسان جتائڻ جا مثال دنيا۾ موجود آھن.
منھنجي خيال مطابق اگر ڪنھن دوست جي ڪا مدد ڪريو ٿا تـ ڪو شش ڪيو ڪجھ وقت ان جي سامھون ئي وڃڻ جي ڪوشش نـ ڪريو ڪنھن تي احسان ڪري ان سان لڳاتار بغير مقصد ضرورت جي رابطي ۾ رھڻ ڪي ماڻهو وري ڪنھن جي مدد ڪري پوءِ سوشل ميڊيا تي ان کي ڳولي ڳولي لائيڪ پيا ڏيندا آھن اھا احسان ياد ڏيارڻ جتائڻ جي حدن ۾ اچي ٿو ان قسم جي حرڪتن کا گريز اچجي ٻي صورت ۾ ڪيل احسان جي خودڪشي سمجھي ڇڏيو‚ اسلام ۾ ايتري قدر رازداري جي سخت پابند ڪيو ويو آهي تـ خيرات ڏيڻ مھل بـ ساڄي ھٿ سان خيرات ڏيو تـ کاٻي ھٿ کي بـ خبر نـ ھجي‚ اسان کي يقين ڪرڻ گھرجي تـ احسان جو بدلو احسان آهي پوءِ اسان کي گھرجي احسان جتائڻ ڇڏي ڏيون‚ احسان ڪيئن ڪجي ان جا پروٽوڪول اسٽينڊر مقرر ٿيل آھن ڪنھن دوست کي بنيادي ذاتي استعمال جي شيءَ وٺي ڏيڻ جي بجاءِ ان جي نقد مدد ڪجي تـ وڌيڪ بھتر لڳندو‚ڇو تـ اوھان ھٿن سان مليل ڪپڙا چيپل ٽوپي ٿي سگھي اوھان سان گڏ محفل ميڙاڪي ۾ پائي احساس ڪمتري ۾ وڃي سگھي ٿو ۽ ٿي سگھي ٿو اوھان سان گڏ ھجي پوءِ اھي شيون استعمال ڪرڻ گوارا نـ سمجھي ۽ اوھان جي مشڪوق نظر احسان جتائڻ جي زمري ۾ اچي وڃي پوءِ اوھان جو احسان جو جنازو کڄي ويندو‚ احسان صرف ھڪ صورت ۾ ياد ڏيارڻ گھرجي جڏھن ڪو شخص اوھان تي ذميواري رکي جيڪو اوھان جي بس ۾ نـ ھجي ان شخص جو ھڪ اڌ اوھان ان جو ڪم ڪري چڪاھجو ان صورت ۾ رازداري سان ويھي سمجھائجي اڳ ۾ ھي ڪم وس ۾ ھئا تنھنجا ڪم ڪياسين ھاڻ ھي اسان جي وس ۾ ناھي‚ احسان جتائڻ جا ڪجهھ خاص سبب بـ آھن معاشرتي قدرن جو علم نـ ھجڻ سبب احسان وٺڻ بعد شڪريو ادائي وساري ويھون ٿا گھٽ ۾ گھٽ احسان ڪندڙ کي مھرباني جا لفظ سندس حق آھن‚ ڪڏھن وري راڄ ۾ سرگرم رھندڙ ڪارڪن چڱا مڙس اھو چئي احسان جتائجي ويندا آھن اسان راڄ جو ھميشه ساٿ ڏنو آھي ۔ راڄ لاءِ ڪشالا ڪٽيا آھن دراصل اھي راڄڌڻي راڄ جي ڪري مليل شھرت عزت وساري ويھندا آھن ‚ خاص ڪري احساس ڪمتري ۾ مبتلا ماڻھو اھڙي قسم جي حرڪندا آھن ۽ ڪنھن بـ ميدان ۾ نئون اڀرندڙ ماڻھو پنهنجو پاڻ کي مڃائڻ لاءِ احسان جتائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي حضرت علي جو قول آھي نيڪي ڪري وساري ڇڏيو ‚ مذھب اسان کي احسان جتائڻ کان ڪيترا دفعا منع ڪري ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *