تازا ترين
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*

اجرڪ وارو ماسڪ ۽ اجرڪ واري نمبر پليٽ: سوشل ميڊيا تي بحث…اشو آف دي ڊي

سوشل ميڊيا تي اجرڪ واري ماسڪ ۽ اجرڪ واري نمبر پليٽ جي حوالي سان بحث هلي رهيو آهي، جڏهن ته اجرڪ از اور پرائيڊ هيش ٽيگ ٽرينڊ پڻ هلايو ويو جيڪو ٽاپ ٽرينڊ ۾ چوٿين نمبر تي رهيو، اهو ٽرينڊ ان وقت شروع ٿي ويو جڏهن وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گل پاران اجرڪ واري ماسڪ جي حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري مٿان تنقيد ڪئي وئي، نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ شهباز گل چيو ته صوبائي ڪارڊ کيڏڻ جو ته ٻڌو هو پر صوبائي ماسڪ کيڏڻ وارو عمل پهريون ڀيرو ڏسي رهيا آهيون، جڏهن ته ٽوئيٽ ڪندي شهباز گل لکيو ته سنڌي اجرڪ سنڌ جو خوبصورت ڪلچر ۽ صدين جي پراڻي ثقافت جو وارث آهي، سنڌي اجرڪ پاڪستان جي آرٽ ۽ ڪرافٽ جو اهم ترين حصو آهي، مهرباني ڪري ان خوبصورت شيءِ کي پنهنجي سياست لاءِ استعمال نه ڪريو. شهباز گل جي ان بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ردعمل شروع ٿي ويو، اجرڪ بابت هلايل ٽرينڊ ۾ رحيمه پنهور، نفيسه شاهه، عروسه کٽي، انعم علي ڏيپر، اقصيٰ جمالي، شرميلا فاروقي، ريکا مهيشوري، سيد امير علي شاهه، منصور احمد، نبيها انصاري، ميهوش عباسي، ذيشان ملڪ، ساحره يوسفزئي، انعم لغاري، ريحام خان، سيد ناصر شاهه، اجمل جمالي، سڪندر بلوچ، ناز بلوچ، خرم خواجه، سعيد سانگري، ميان عمر، سيد اويس شاهه، مصطفيٰ عبدالله، انعم علي ڏيپر، نديم بوزدار، اسد ممتاز رڏ، مهڪ مغل، شاهنواز روشن، سيما عابد، اقرا بتول ۽ ٻين هزارين ماڻهن حصو ورتو جن نه رڳو پنهنجون پنهنجو اجرڪ واريون تصويرون شيئر ڪيون پر هالي ووڊ کان بالي ووڊ تائين جي اداڪارن تائين اجرڪ واريون تصويرون شيئر ڪيون ويون، شهيد بينظير ڀٽو جون پڻ اجرڪ واريون تصويرون شيئر ڪيون ويون، پوپ فرانسس جي به اجرڪ واري تصوير شئي ڪئي وئي. پوسٽون شيئر ڪندي لکيو ته اجرڪ سنڌ جي سڃاڻپ آهي، اجرڪ سنڌ جو فخر آهي، اجرڪ جي حوالي سان تنقيد برداشت نه ڪئي ويندي. ان کانسواءِ فيس بوڪ تي پڻ اجرڪ واري ماسڪ ۽ اجرڪ واري نمبر پليٽ جي حوالي سان بحث شروع ٿي ويو جنهن ۾ بحريا ٽائون کي سنڌ جي زمين ڏيڻ واري معاملي تي پڻ پوسٽون شيئر ڪيون ويون. فيروزه لاشاري لکيو ته سنڌ حڪومت سنڌين کي اجرڪ واري نمبر پليٽ ڏئي ملڪ رياض کي سنڌ جي 500 ايڪڙ زمين ڏئي ڇڏي آهي، هن لکيو ته اسان سڀ سنڌي آهيون، سنڌي هجڻ تي فخر آهي، سنڌ جي ثقافت سان مذاق بند ڪيو وڃي، پوري سنڌ ۾ ثقافتي ماڳ تباهه ٿي رهيا آهن، ماڻهو پاڻي لاءِ سڪي رهيا آهن، تعليم ۽ صحت جا مسئلا حل ناهن ٿيا. امر سنڌو لکيو ته اجرڪ تي ايڏي تڪليف ڇو ٿي رهي آهي؟ احسان الله لکيو ته اجرڪ تي ڪاوڙ ناهي هي جيڪا گيم کيڏندا آهن ان تي اعتراض آهي. ساجده ميمڻ لکيو ته اجرڪ نه پر بلاول سان ساڙ اٿن، الاهي بخش بڪڪ لکيو ته ديهه مول ڪوهستان ۾ 532 ايڪڙ بحريا گرين جي نالي سان ڏني وئي آهي جنهن جي مذمت ڪجي ٿي. سيد دائم علي شاهه لکيو ته ان کان اڳ 80 هزار ايڪڙ زمين ڏني وئي،سارنگ منير سومرو لکيو ته اسان اجرڪ واري نمبر پليٽ ملڻ تي خوش آهيون، زمين ڏني وئي آهي.جاويد مهر لکيو ته اجرڪ واري نمبر پليٽ جي آجيان ڪريون ٿا ۽ زمين ڏيڻ جي مذمت ڪريون ٿا. ماجد سمون لکيو ته اجرڪ واري ماسڪ تي ماڻهو خوش ٿيا آهن. مجاهد شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسان رڳو اجرڪ ۽ سموسن واري معاملي تي رڙيون ڪري رهيا آهيون 500 ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي، جئي پرڪاش لکيو ته بحريا کان اڳتي لوڻي ڪوٽ ويجهو به لکين ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي. حسين منصور لکيو ته چپ واري نمبر پليٽ ماڻهن جي پرائيويسي ۾ مداخلت ۽ آزادي جي بنيادي حق جي سنگين خلاف ورزي آهي. قاضي آصف پڻ لکيو ته اجرڪ کان ايڏي تڪليف ڇو آهي؟ دلشاد ڀٽو لکيو ته گاڏين جي اجرڪ وارين نمبر پليٽن يا اجرڪ وارن ماسڪ سان سنڌ جي تعليم، صحت، انفراسٽرڪچر سڌريو؟، غربت، بک، بدحالي، تنگدستي ۽ بيوسي، رشوت ختم ٿي وئي؟ اجرڪ واري نمبر پليٽ سان ماڻھن جي بک ختم ٿيندي ڇا گاڏين کان حاصل ٿيندڙ ٽيڪس ايمانداري سان سنڌ جي خزاني ۾ جمع ٿيندي؟ اجايو ماڻهن جو مسئلن تان ڌيان هٽايو پيو وڃي. سارنگ ساگر لکيو ته ان اجرڪ واري پليٽ تي منھنجي خيال ۾ ته ڏيڍ سال کان بحث جاري ھو ۽ ڪالهه منظوري ڏني وئي.اجرڪ واري نمبر پليٽ سان نقصان ڪھڙو آھي سا ته خبر نٿي پئي پر ان فيصلي کي سٺو ان ڪري به چئي سگھجي ٿو ته جيڪڏھن ڪنھن گاڏيءَ تي اھا نمبر پليٽ لڳل ھوندي ۽ صوبي کان ٻاھر اھا گاڏي ويندي ته ھر ماڻھوءَ کي اجرڪ جي ڊزائين مان ئي خبر پئجي ويندي ته گاڏي سنڌ جي آھي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *