تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

اجتماعي استعيفائن جو فيصلو نه ڪرڻ جو جواز ڪهڙو آهي؟

سوشل ميڊيا تي اي پي سي جي حوالي سان بحث شروع ٿي ويو، اشفاق آذر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نظام ايترو ئي خراب ۽ اسيمبليون جعلي آهن ته پوءِ اي پي سي وٽ اجتماعي استعيفائن جو فيصلو نه ڪرڻ جواز ڪهڙو آهي؟ جنهن تي بهاول کوسو لکيو ته ڳالهه ڳچي ۾ پوڻ وارو ڪم نه ڪندا، امر سنڌو لکيو ته استعيفائن سان ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ايندي، مير حسن مري لکيو ته ان اي پي سي جي ميزبانن ۾ شهباز شريف وٽ اخلاقي قدر ڪيئن ڳولهجن، علي عباس ڊيهو لکيو ته استعيفا ڏئي حڪومت لاءِ ميدان خالي ڇڏڻ بيوقوفي هوندو، عنايت الله ميمڻ لکيو ته هنن کي خبر آهي ته استعيفائن سان جمهوري نظام ويڙهڻو پوندو، صدارتي نظام آندو ويندو، عديل مهر لکيو ته بلاول جي اها غلطي آهي جو عمران خان جي ساڙ ۾ پنهنجي بنيادي دشمن کي پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي، جاويد سومرو لکيو ته صبر ڪريو اڄ نه ته سڀاڻي استعيفائن واري پاسي اچي ويندا، اي پي سي ٽريلر آهي.فاروق سومرو پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته نواز شريف جي ووٽ کي عزت ڏيڻ جي نعري سان ٽوئيٽر اڪائونٽ جي شروعات طبل جنگ هو ۽ اي پي سي ۾ تقرير لائن آف ايڪشن، ميان صاحب لائن آف ايڪشن ٻڌائي ڇڏي هاڻي فيصلو اي پي سي جي ٻين پارٽين کي ڪرڻو آهي، نواز شريف چيو ته يوسف رضا گيلاني چيو هو ته اسٽيٽ ود ان اسٽيٽ آهي، پر ڳالهه گهڻي اڳتي نڪري چڪي آهي هتي اسٽيٽ ابوو اسٽيٽ بڻجي چڪي آهي. مجاهد شاهه پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته سينيٽ ۾ اڪثريت باوجود ڪجهه نه ڪري سگهيا، اي پي سي ڪري وري ڇا ڪندا؟ ڪٺ پتلي حڪومت خلاف ڊڄڻي اپوزيشن جو ميلوآهي.نثار کوکر پنهنجي پوسٽ ۾ هڪ نجي ٽي وي چينل جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي لکيو ته نواز شريف جي تقرير ايتري وزندار هئي جو غيرسرڪاري چينل به پيمرا جو خوف ٽوڙي ڇڏيو، صحبت ٻرڙو پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته نواز شريف چيو آهي ته اسان جي جدوجهد وزيراعظم عمران خان خلاف ناهي پر ان کي اقتدار ۾ آڻيندڙن خلاف آهي. نورالهديٰ شاهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته جبر هيٺ رهندڙ عوام ليڊر جي واتان مزاحمت جو ٻڌي زنده ٿي ويندو آهي پر زنده ٿيندي ئي مزاحمت جو عملي قدم گهرندو آهي، اپوزيشن پارٽين خاص طور نواز ليگ ۽ پ پ کي پنهنجي سروائيول لاءِ عملي مزاحمت ڪرڻي پوندي، عوام هاڻي نواز شريف جي بيان کان اڳيون بيان گهرندو ۽ هر بيان جو عملي مظاهرو گهرندو، نه ته سڀ غرق ٿي ويندو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *