تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

آن لائين ڪلاسز ۽ غريب شاگردن لاءِ مشڪلاتون … عامر مهيسر

عالمي وبا ڪورنا وائرس جي ڦهلجڻ کان پوءِ سموري دنيا جو سوشل نظام تبديل ٿي ويو آھي، ھڪ نئين دنيا تخليق ٿي رھي آھي، ان نئين تبديليءَ ۾ صرف اھي ملڪ يا اھي قومون زندھ رھي سگهنديون جيڪي انهن تبديلين لاءِ تيار ھونديون ۽ پنهنجي صلاحيت پيدا ڪري وٺنديون، ڪورونا وائرس جتي سموري دنيا جي معيشت کي ڌڪ رسايو آھي اتي تعليمي سرگرمين کي پڻ محدود ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ سميت پاڪستان ۽ سموري دنيا جا تعليمي ادارا ڪورونا وائرس سبب بند پيل آھن، استاد ۽ شاگرد گهرن تائين محدود ٿي ويا آھن، سنڌ جي ڪجھه نجي اسڪولن ۽ ڪاليجن تعليمي سرگرميون بحال ڪرڻ لاءِ پهرين جون کان نئون تعليمي سال شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي جيڪو آن لائين ڪلاسز ھلائڻ جو سوشل ميڊيا ذريعي اعلان پڻ ٿي چڪو آھي، پاڻ هن اڄوڪي ويهڪ ۾ آن لائن ڪلاسز جي System بابت ڳالھه ٻولھه ڪنداسين.
منهنجي ذاتي راءِ مطابق آن لائين ڪلاسز جي شروعات سان پروفيسرس ۽ ليڪچررز کي پهرين مرحلي ۾ ھيٺين Steps مان گذرڻو پوندو
1ـ آن لائين ڪلاسز وٺڻ لاءِ سمارٽ موبائيل فون، ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ جو هجڻ ضروري آهي.
2ـ سمارٽ موبائيل فون، ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ سان گڏوگڏ تيز ترين (Fast Speed) انٽرنيٽ جي سهولت لازمي آھي.
3ـ موبائل فون يا ليپ ٽاپ جي بيٽري چارج ڪرڻ لاءِ بجلي جو هجڻ نهايت ئي ضروري آهي،
جنهن کانپوءِ پروفيسر، ليڪچرار ۽ استاد صاحب پاڻ وٽ موجود ڪنهن به عنوان تي انٽرنيٽ سان ڳنڍيل سمارٽ موبائيل فون، ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ ذريعي پنهنجا ليڪچر ڪري سگهندا ۽ ساڳين ئي مٿين ٽن مرحلن مان شاگردن کي به گذرڻو پوندو جيڪي پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ ويهي ڌيان سان ليڪچر، سبق ٻڌي ۽ ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا ان ئي طريقي سان نئين سال جي تعليمي سرگرمين کي بحال ڪري سگهجي ٿو، مٿي جيڪي شيون بيان ڪيون آھن اھي سڀ شيون دنيا جي ترقي يافتا ملڪن ۾ ته ممڪن ٿي سگهن ٿيون پر پاڻ سنڌ ۾ ٿا رھون سنڌ تي ڳالهائينداسين ته ڇا اھي سڀ شيون سنڌ ۾ ممڪن آھن؟ يا ٿي سگهن ٿيون؟ سموري سنڌ جي شهرن کي ڇڏي اسان سنڌ جي دل ۽ روشنين جو شهر سڏجندڙ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نواب شاھ، ميرپور خاص جي ڳالھه ڪريون ته ڇا انهن شهرن ۾ بجلي جي بحران سان گڏوگڏ ڪجهھ ڪجهھ ڪٿي ڪٿي انٽرنيٽ جو به بحران آھي جڏھن سنڌ جي انهن وڏن شهرن ۾ بجلي جو بحران آھي ته سنڌ جي ٻهراڙين جي حال جي ڪنهن کي خبر ناھي،
سنڌ جي نجي اسڪولن ۾ صرف اميرن جا ٻار نٿا پڙھن پر پورھيتن، مزدورن ۽ غريبن جا ٻار به پڙھي رھيا آھن، سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جو حال ڏسي پورھيت، مزدور، غريب والدين پنهنجي پيٽ کي مٺيون ڏئي ڪري به پنهنجي ٻچن کي سٺي تعليم ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ موجود سٺن نجي اسڪولن ۾ پڙھائي رھيا آھن پاڻ بکن تي ويهي به پنهنجي ٻچن کي علم جهڙي زيور سان نوازين ٿا، سنڌ جي نجي اسڪولن جون تمام ڳريون فيسون ھئڻ باوجود به مسڪين والدين پنهنجي ٻچن کي سٺي تعليم ڏياري رھيا آھن، ڪڏھن انهن جي ٻچن کي خرچي جا پئسا آھن ته ڪڏھن ناھن پر پوءِ به سندن جا ٻار ان حال تي ھلي رھيا آھن، جيئن سنڌي ۾ چوڻي آھي جهڙو ديس تهرو ويس ائين ئي غريب والدين جا ٻار پنهنجي والدين جي غريبي ڏسي غريبي حال تي ھلي رھيا آھن ڪڏھن ڪا فرمائش نه ڪئي اٿئون اھو صرف سوچي ته اڄ اسان وٽ ڏکيا ڏينهن آھن سڀاڻي جو سج اسان سڀني لاءِ سکن جو سج ٿي ڪري ضرور اڀرندو، اڪثر غريبن جا ٻار پنهنجي والدين جي غريبي ڏسي کين وڌيڪ تڪليف نه ڏيندا آھن پڙھائي ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڻ ٽيوشن پڙھائي ان مان پئسا ڪمائي ڪجهھ پاڻ تي خرچ ڪندا آھن ته ڪجهھ وري نجي اسڪولن جون ڳريون فيسون ھئڻ ڪري والدين کي ڏيندا آھن ته جيئن فيس ادا ڪرڻ وقت ڪا تڪليف سندن والدين کي پيش نه اچي.
سنڌ ۾ اڪثر ڪري بجلي جي اکٻوٽ ھلي رھي آھي ڪٿي ڪٿي ته بجلي جو نانءُ نشان به ناهي هوندو ان صورتحال ۾ انهن علائقن جي شاگردن لاءِ اھو آسان ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته هو ان صورتحال ۾ آن لائين ڪلاسز وٺي سگهن؟ سنڌ جي اڪثر علائقن جي گهرن ۾ بجلي نه هجڻ سبب جيڪو شاگرد اونهاري جي سخت ڪاڙهي کان بچڻ لاءِ وڻن جي ڇانو ۾ پٺا اگهاڙا ڪري وقت گذاريندو هجي اهو آن لائين ڪلاسز ڪيئن وٺي سگهندو؟؟ غريب، پورھيت، ھاري، مزدور جي گهرن ۾ ڪي اي سيون (Air Condition) ناھن ھونديون انهن وٽ پکا به وڏي مشڪل سان ھوندا آھن انهن جا ٻار انهن ڪمپينن جا مهانگا مهانگا انٽرنيٽ پئڪيج ڪٿان ڪرائي سگهندا؟؟
ڇا لوهار، هاري، موچي ۽ پورهيت جي پُٽ لاءِ موجودھ حالتن ۾ آن لائين ڪلاسز وٺڻ سولو ۽ ممڪن هوندو، سنڌ جي نجي اسڪولن جي انتظاميا کي کپي ته جيڪي اوھان پاليسيون جوڙيون آھن انهن تي ٿورو غور ڪرڻ جي ضرورت آھي، ڇو جو اھي سڀ شيون اوھان ڪري سگهو ٿا اوھان پنهنجي ٻارن کي به مهيا ڪري ڏئي سگهو ٿا ڇو جو اوھان وٽ وڏا وسائل موجود آھن ۽ ٻين اميرن جا ٻار به سڀ ڪجھه ڪري سگهن ٿا انهن وٽ به وسائل موجود آھن پر غريبن جي ٻارن جو ڇا ٿيندو، سنڌ سرڪار کي گهرجي ته ان معاملي کي سنجيدگي سان سوچي ۽ جلد سخت اپاءُ وٺي امير ۽ غريب جي ٻارن ۾ تفريق کي ختم ڪيو وڃي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *