تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

آن لائن ڪلاسز..حفيظ آريسر

داني ابا توکي خبر آهي ته ھن ملڪ جي ماڻھن جو حال ڪھڙو آھي، آئون اڻ پڙهيو ماڻھو پتو ڪونھي ته سنڌ جي اديبن سٺو خط لکڻ لاءِ ڪھڙيون شرطون رکيون آھن، ھنن ڳالھين کي خط نه سمجھه بس ڳالهيون ئي سمجھه، سو ھي ڳالھيون توسان انڪري ڪريان پيو جو تون پڙھيو لکيو مڙس آھين، سماجي مسئلن کي سائنسي بنيادن تي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو آھين، انڪري آئون توکي سماجي سائنسدان سمجھان ٿو، پھرين مونکي لڳندو ھو ته فطرت جي ڳجهارتن کي سمجھڻ لاءِ سائنس جي اصولن کي سمجهڻ ضروري آهي پر پوءِ خبر پئي ته سماجي مونجھارن کي اڪلائڻ لاءِ به ھڪڙي سائنس آھي ۽ لکين سائنسدان آھن، جنھن مان ھڪڙو پاڻ واري يونيورسٽي ۾ اڪبر بادشاھ ٿيو ويٺو آهي، توکي ته خبر آھي وائرس پوري دنيا کي وائڙو ڪري ڇڏيو آھي، لکين ماڻهو موت سان گڏ بيروزگاري ۽ بک جو شڪار ٿيا آهن، ٻارن کان پوڙھن تائين، ڪيبين واري کان ايمازون جي مالڪ تائين سب روزگار متاثر ٿيا آھن، پوري دنيا جي صحت جو نظام جھري پيو آهي ۽ تعليم جو نظام پوري طرح بند ٿي ويو آهي، ٿر جي تارن سان ٽمٽار رات ۾ ھوائي جھازن کي ڏسندي ڪو عرصو ٿيو آھي ۽ ٻيا انيڪ ڪاروبار بند ٿي ويا آهن پر پاڻ اڄ صرف تعليم تي ڳالهائينداسين، تون سوچيندو ھوندين ته ھي اڻ پڙهيو ماڻھو مون جھڙي سماجي سائنسدان سان تعليم تي ڪھڙو بحث ڪندو پر تون غلط پيو سوچين منھنجو وڙھڻ جو ڪو به پروگرام ڪونھي، توکي منھنجي تعليم پرائڻ جي ڪٿا ٿو ٻڌايان.
وائرس کان اڳ ۾ پاڻ ٻئي ھڪڙي ڪلاس ۾ پڙھندا ھئاسين، خير تون سائنسدان ٿي وئين ۽ آئون اڻ پڙهيو اھو الڳ بحث آھي پر ايترو مڃ ته پاڻ ھڪڙي ڪلاس ۾ پڙھندا ھئاسين مٿان چائنا وارن جي مھرباني سان وائرس اچي ويو ۽ رئيس وڏي واري ٽيم پھرين تعليم کي تالا لڳايا ۽ خيرن سان پاڻ پراڻن گھرن ۾ وڃي پھتاسين، اپريل ۾ اڪبر بادشاهه اعلان ڪيو ته شاگرد اسامينٽس ٺاھي اي ميل ۾ موڪلين، آئون پريشان ٿي ويس پاڻ حرامپاين تي ھريل اسامينٽس ڪھڙي نموني ٺاھيندا ھئاسين اھا توکي خبر آهي سو اچي پريشان ٿيس، ڳوٺ ۾ ڪنھن وٽ ڪمپيوٽر نه ھجي، پوءِ ڪنھن وٽان ڪي بورڊ کينم، ڪنھن کان ليپ ٽاپ، وري پن سن ڪري انٽرنيٽ جو پيڪج ڪرائي، اسامينٽس ڊٻو دوداڻي کي سو رپيا ڏئي انٽرنيٽ تان ڪاپي ڪرائي اڪبر بادشاهه جي ڇاڙتن کي اي ميل ۾ موڪلي سک جو ساهه کنيم، ھينئر ٽن مھينن کان ناري جي شاخ وھي آئي سو پاڻ سڄو ڏينهن ان ۾ ھوندا آھيون ھتي وائرس اڃان ڪونه پھتو آھي سو ان جو ايڏو خوف ڪونھي پر مٿان وري اڪبر بادشاهه اعلان ڪيو آھي ته اسين شاگردن جي تعليمي نقصان کي نظر ۾ رکندي آن لائن ڪلاس شروع ڪريون ٿا، تون اعتبار ڪر انھي خبر مونکي جھوري وڌو، ھاڻ وري ڪٿان آڻيان ليپ ٽاپ، ان ۾ انٽرنيٽ ۽ مٿان توکي ته خبر آھي ھي ڪلاسز ۾ ڪھڙو ٿا پڙھائن جو آن لائن پڙھائيندا، پر ڪالهھ کان اڪبر بادشاهه واري يونيورسٽي پنھنجي معياري تعليم جو سلسلو زونگ ۽ ٽيلينور جي ٿورن سان ڇاڇري کان واھي پانڌي تائين پھچائڻ شروع ڪيو آهي، سو مون به فيصلو ڪيو آهي ته آئون انھي املهه ڪم مان ضرور فائدو وٺندس،
توکي ته ياد ھوندو ته پاڻ پين ڪاپي کان بنا ڪلاس ۾ ايندا ھئاسين ته اوڄاڳيل استاد چوندو هو ته ڪلاس ۾ اچڻ لاءِ پين، ڪتاب ضروري آھن، پر خير ھاڻ جديد تعليمي نظام ۾ پين ۽ ڪاپي جي ضرورت ڪونھي رھي، بس ھڪڙو انٽرنيٽ ۽ ٻيو موبائل گھرجي، پر پاڻ وٽ اھي ٻئي شيون ڪونه آھن، نيٺ ڀلو ٿئي نجيب جو ويچاري چيو ته منھنجو موبائل پراڻو آهي پر انٽرنيٽ ھلي ويندو تون آن لائن ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ ۾ دير نه ڪر، پنج سئو امان ڍڳي جو گيهھ وڪڻي ڏنا سو رخ ڪيم شھر جو ته جيئن انٽرنيٽ جو پيڪج ڪرائي سگھان، ابا خبر پئي ته لاڪ ڊائون کلي ويو آھي پر لاريون اڃان نٿيون ھلن پوءِ بس بوھ واري ٽريڪٽر ٽالي ۾ چڙھي وڃي شھر ۾ لٿس انٽرنيٽ واري کي ٽي سؤ ڏئي ھفتي جو پيڪج ڪرائي شام جو سانجھي مھل واپس گھر پھتس، ٻي ڏينھان ڪلاس ھجن اڳي وھنجڻ ڪاٽن جي ڪپڙا پائڻ پاڻ واڻائڻ وارو چڪر ھوندو ھو اھو ھاڻي جديد تعليمي نظام ڪونهي بس منھن ڌوئي وڃي ڪيمرا جي سامھون ويھڻو ھو، مون به ايئن ڪيو پر اسان وٽ ماڻهو فون تي ڳالهائڻ لاءِ جاين کان ٻاھر ويندا آهن، ھي ته آن لائن ڪلاس ھو سو مون ھيڪر پوري گھر جو انچ انچ ماپيو پر انٽرنيٽ جا سگنل ڪون آيا نيٺ چڙھي ويس چوئنوري تي پر سوچيم ته ڪلاس ۾ سڀ کلندا پوءِ ڪيڏانھن وڃان ھا ھيٺ انٽرنيٽ به نٿي ھليو پو سوچيم ته جاءِ تي چڙھي ٿو وڃان من سگنل ملن پر پوءِ سوچيم پاڙي وارا لغڙ اڏائڻ ڪونه ڏيندا ھئا جڏھن انھن جون نينگريون اسان سان گڏ بلور راند ويٺيون رمنديون ھيون، ھاڻ ته اھي به وڏيون ٿي ويون آهن ۽ اسين به، خير پاڙي جو خيال رکندي اھو خيال ترڪ ڪيم، پوءِ وري داناءُ خيال ذھن ۾ آيو ننڍي ھوندي کٻڙن تي چڙهي سڄو ڏينهن پيرون پيا کائيندا ھئاسين ته ھينئر به اتي ويھي پڙھي سگھجي ٿو، پر عمر ۽ وزن وڌڻ جي سبب سوچيم ڪا ٽاري ٽٽي پئي ته موراڳي ٽنگ ڀڄي پوندي ۽ معذوري جي ڊپ کان مون آن لائن ڪلاس وٺڻ وارو فيصلو واپس ورتو ۽ نجيب کي موبائل واپس ڪري وري وڃان پيو شاخ تي الله خير سلا رھي زندگي ته ڪڏھن ملنداسين نه ته محبتون سلامت.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *