تازا ترين
  • *ٺل: ناري آسيا ٻرڙو جو اغوا ڪيس 10ڄڻن خلاف داخل، وارثن ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو *ناري جي ڀاءُ غلام قادر، ڪملو، حيات ٻرڙو سميت 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو *آسيا ٻرڙو کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: مظاهرين *
  • *مٽياري پوليس جي کيبر ڀرسان منشيات فروشي خلاف ڪارروائي، ڳوٺاڻن ۽ اهلڪارن ۾ چڪريون، 3 اهلڪار زخمي، 2 ڳوٺاڻا گرفتار*
  • *وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت ٽاسڪ فورس جو اجلاس *هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو جا 58 ڪيس سامهون آيا: اجلاس ۾ بريفنگ *هلندڙ سال سنڌ ۾ 20، ڪي پي ۾ 21، بلوچستان ۾ 14 ۽ پنجاب ۾ 3 ڪيس رپورٽ ٿيا *
  • *ڪراچي شھر ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر پوليس اھلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ *15 ڏينهن دوران ھڪ ٻئي اھلڪار تي ٽارگيٽ ڪلرز جي فائرنگ *ڪورنگي سيڪٽر پنج ۾ اھلڪار اصغر تي فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ ڪري زخمي *واقعي جو آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس، ايس ايس پي کان رپورٽ طلب *
  • *کپرو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ *سوين آبادگارن ۽ هارين ٽائرن کي باهيون ڏيئي کپرو سانگهڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو *
  • *جهول واسي پيرسن ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾فوت *55 ورهين جو ظفر کرل وائرس سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو *
  • *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ مقامي منتقلي وارا ڪورونا وائرس جا نوان 29 ڪيس ظاهر *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي طور انگ 172 ٿي ويو *
  • *شهدادپور پوليس پاران شهرين کي گرفتار ڪري لکين رپيا رشوت وٺڻ جو انڪشاف *ايس ايس پي سانگهڙ حيدرآباد واسي جي درخواست تي 3 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *جٽيا چوڪي انچارج عابد زرداري، مصطفيٰ ڪوري ۽ ذوالفقار چانڊيو ڪوارٽر گهاٽ *
  • *سنجهورو: نامياري محقق، ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پٽ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي *
  • *قاضي احمد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار زال کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار حاجي جتوئي ننڊ ستل صوبيا جتوئي تي ڪهاڙين جا وار ڪيا *
  • *ميان صاحب ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڦرلٽ جو الزام *پوليس ڳوٺاڻن جا 25 ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، اهلڪارن تي تشدد جا الزام *
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، ننڊ ستل عورت کي گوليون هڻي قتل* ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ هٿياربند رفعت لاشاري تي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويا *
  • *داد لغاري ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، چڱو مڙس گوليون هڻي مرڻينگ *سعيد احمد بوزدار کي ويهڪ واري جاءِ تي گولي هنئي وئي، اسپتال منتقل *
  • *ڀريا سٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 7ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *مسافر بس ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي، زخمين ۾ فهيم راجپوت، سجاد گوپانگ ۽ ٻيا شامل *
  • *عمرڪوٽ ۾ ڏيڊ مھينو اڳ مبينا قتل ٿيل جنتا مالهي واري واقعي جو اي آءِ جي حيدرآباد پاران نوٽيس *جنتا مالهي جي وارثن جي اي آءِ جي حيدرآباد سان ملاقات *اي آءِ جي پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم *

آن لائن تعليمي نظام ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال….!! مھـــاوير واسو

ڪورونا وبا سبب دنيا ۾ جيڪا اٿل پٿل پيدا ٿي آهي ان ۾ دنيا ۾ ڪافي تبديليون اچي رهيون آهن. هن عالمي وبا سبب جيڪي شيون ۽ جيڪي سسٽم ناڪارا ٿي رهيا آهن، انهن لاءِ انسانن وڏي پئماني تي سوچڻ شروع ڪيو آهي. دنيا جون جيڪي شيون آٽوميٽڪ يا سسٽم ميٽڪ هيون اهي Manual تي اچي ويون آهن ۽ جيڪي شيون Manual هيون اهي سسٽم ميٽڪ ٿي رهيون آهن، جنهن تي جيڪو سسٽم موزون لڳي ٿو اهو ماڻهو استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي.هن عالمي وبا سبب جتي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي اتي زندگي جا ٻه شعبا جيڪي بنيادي حيثيت رکن ٿا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، انهن ۾ صحت ۽ تعليم وڌيڪ بري نموني متاثر ٿي رهيا آهن. ان ڪري دنيا جا اسڪالر، ڊاڪٽرز، علم دوست ڪورونا وبا سبب نقصان کي گهٽ ۾ گهٽ ڪرڻ لاءِ تدبيرون سوچي رهيا آهن.
انسان جڏهن به ڪا تجرباتي طور تي ڪا شيءِ ايجاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان کي شروع شروع ۾ ناڪامي نصيب ٿي آهي يا وري بهتر کان بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ جي رفتار انتهائي سست حاصل ٿي آهي. ان ڪري ڪورونا وبا کي جڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ ماهرن جون ٽيمون تجربن ڪرڻ ۾ رات ڏينهن مصروف آهن. صحت جي شعبي ۾ آخرڪار ڪاميابي ضرور ٿيندي. باقي رهيو سوال تعليم جي فراهمي لاءِ دنيا جا لکين ڪروڙين شاگرد گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن ان لاءِ ماهر تعليم، استاد، دنيا جون رياستون منصوبابندي ڪري رهيا آهن انهن منصوبابندي ۽ حڪمت عملي ۾ آن لائين تعليمي سرشتو پڻ هڪ بهتر تجويز آهي.آن لائين تعليمي سرشتو دنيا جي هر علائقي واسين لاءِ برابري طور ڪتب آڻڻ ۾ تمام گهڻا چئلينج سامهون آهن. ان مان سڀ کان وڏو چئلينج غربت آهي. آن لائين ايجوڪيشن سسٽم امير ۽ وچولي طبقي جي شاگردن لاءِ ته ڪارگر آهي پر انتهائي غريب شاگردن جي تعليمي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ آن لائن تعليمي سسٽم تائين رسائي مشڪل ترين چئلينج آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪو مزدور ڏهاڙي 200 کان300 رپيا ڪمائي ٿو ان لاءِ اينڊرائيڊ موبائيل، موبائل ڪارڊ، ليپ ٽاپ يا ڪمپيوٽر خريد ڪرڻ سندن پهچ کان ٻاهر آهن.آن لائين تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي غريب توڙي امير شاگردن لاءِ ٻيو ڪو رستو موجود ئي نه آهي سواءِ آئين لائين تعليم حاصل ڪرڻ جي لوازمت پورا ڪرڻ جي، پر ان ڏس ۾ غريب ۽ ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ شاگرد تمام گهڻو متاثر ٿين ٿا. ان لاءِ سليبس جي هڪجهڙائي هئڻ لازمي آهي جيڪڏهن سليبس هڪ جهڙو هوندو پوءِ ڇو نه علم جي ترسيل جا طريقا مختلف ڇو نه هجن پر هڪ جهڙو علم دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين با آساني پهچي سگهي ٿو. ان لاءِ اسان وٽ علم کي گهر گهر باآساني پهچائڻ لاءِ ماهرن جا رايا فورمن ذريعي هنگامي بنيادن تي گڏجاڻيون سڏائڻيون پونديون.
جيئن هينئر لاڪ ڊائون سسٽم جا مختلف سسٽم رائج ڪيا پيا وڃن، جيئن سمارٽ لاڪ ڊائون، ڪرفيو لاڪ ڊائون وغيره وغيره تيئن علم جي ترسيل به مختلف نوعيتن جي هئڻ گهرجي.آن لائن تعليم لاءِ هاڻي اها ڳالهه انتهائي ضروري ٿي وئي آهي ته ان تصور کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ مختلف سسٽم ۽ جوڙيا وڃن، جتي آن لائين سسٽم ڪارگر نه آهي ته اتي USB اسڪول سسٽم هلائجي. جتي Zoom ايپ سسٽم سولو نه آهي اتي Whatsapp ڪلاسز هلايا وڃن. جتي ڪمپيوٽر سسٽم فعال نه آهي. اتي مختلف ورڪ شيٽ، سبجيڪٽ وائيز Glossaries، Concise ڪورس ڪري ليڪچرز، ڊمانسٽريشن سبقن جي وڊيوز تيار ڪري والدين ڏانهن موڪلڻ گهرجن. ٻيا اهڙا ڪيترائي Alternate سسٽم رائج ٿي سگهن ٿا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *