تازا ترين
  • *دادو بار جي وڪيلن پاران ڪيميڪل مليل کير جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو *وڪيلن ڪيميڪل مليل کير جو وڪرو بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو *انتظاميه جي ملي ڀڳت سان کير ۾ صرف ۽ شيمپو ملهايا وڃن ٿا جنهن سان گڙدا ۽ ڦڦڙ ختم ٿين ٿا: وڪيل*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ انٽري ٽيسٽ وارو معاملو *انٽري ٽيسٽ صوبو وٺندو يا وفاق، معاملو حل نه ٿي سگهيو *سنڌ جي صحت کاتي، وفاق ۽ پي ايم سي پاران جواب جمع ڪرايو ويو *عدالت 28 آڪٽوبر تي پي ايم سي جي قيام بابت وڪيلن جا دليل طلب ڪري ورتا*
  • *سيٺارجا: ڳوٺ نانگو دفتري ۾ باهه لڳڻ سبب مغيري برادري جا ڪيترائي گهر سڙي رک *اطلاع باوجود فاربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ڪنگري جي ڪچي ۾ لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس جو آپريشن، 6ڌاڙيل مارجي ويا *مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ ربنواز عرف ربو ناريجو، وحيد رند، اقبال ناريجو، ارباب ناريجو ۽ پٺاڻ عرف پٺو ناريجو شامل *مارجي ويل ڌاڙيل اقبال ناريجو ۽ ٻين مٿان 10-10لک رپيا انعام رکيل هو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو *مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان راڪيٽ لانچرز، مشين گنز ۽ ٻيا جديد هٿيار هٿ: پوليس *آپريشن دوران ڌاڙيلن جي20 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو: پوليس *
  • * فشر مين ڪو آپريٽيوسوسائيٽي جي اڳوڻي چيئرمين خلاف غير قانوني ڀرتين وارو ريفرنس *نثار مورائي خلاف ريفرنس آخري مرحلي ۾ آهي: نيب پراسڪيوٽر *ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن: احتساب عدالت جو حڪم*
  • *ڪراچي: اسپارڪو روڊ تي اسڪول جي سڪيورٽي گارڊ جو لاش هٿ *گارڊ ڊيوٽي دوران پنهنجي ئي هٿيار سان اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي: پوليس*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس سبب معطل ٿيل بائيو ميٽرڪ سسٽم بحال *چيف جسٽس اطهر امن الله جي هدايت تي ڊپٽي رجسٽرار سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو *درخواست داخل ڪرڻ وقت سائلن کي بائيو ميٽرڪ بيان حلفي جي تصديق ضروري هوندي *چيف جسٽس ڪورونا سبب بائيو ميٽرڪ بيان حلفي تصديق کي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو*
  • *اسلام آباد: راڻي باغ جانورن جي مرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي *عدالت رڇن جي پرڏيهه منتقلي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي *اين او سي جاري ٿيڻ بعد رڇن کي پرڏيهه منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي: ڊپٽي اٽارني جنرل *هڪ رڇ کي اردن ۽ ٻئي کي بلغاريه منتقل ڪيو ويندو: درخواستگذار جو وڪيل*
  • *گهوٽڪي: پنجاب واسڻ فنڪارا عليشاهه تي بااثرن پاران مبينا تيزاب هارڻ جي ڪوشش وارو مامرو *گهوٽڪي: رحيميار خان پوليس وڏيري امان الله ڪلوڙ بعد هارون ڪلوڙ کي به گرفتار ڪري ورتو *دوستي نه رکڻ تي امان الله، هارون ۽ تپيدار ارشاد ڪلوڙ تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويس: عليشاهه*
  • *ڊکڻ ويجهو هفتو اڳ قتل ٿيل عبداللطيف ککراڻي جي وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو *ڳوٺ شير خان ککراڻي واسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت نبي شاهه بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باهيون *هفتو گذرڻ باوجود عبداللطيف ککراڻي جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين*
  • *هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪرائيندڙ محمود اختر نقوي خلاف آئيني درخواست *محمود اختر نقوي سبب ادارن ۽ عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي: درخواستگذار *محمود اختر نقوي نه وڪيل آهي ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر آهي: درخواستگذار*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف ڪرپشن وارو ڪيس *اعجاز جکراڻي جي فرنٽ مين غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل نه منتقل ڪرڻ خلاف اپيل *عدالت نيب کان جواب طلب ڪري ورتو *غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل منتقل ڪرڻ بدران جيڪب آباد ۾ رکيو ويو آهي: درخواست*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ميرپورخاص: عمرڪوٽ روڊ تي حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص فوت *رات دير سان ڪار جي ٽڪر ۾ نامعلوم شخص زخمي ٿي پيو هو، لاش سول اسپتال ۾ پيل*

آن لائن تعليمي نظام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪجهه هدايتون … غلام مصطفيٰ بالادي

چين جي شهر وھان مان شروع ٿيل ڪرونا وائرس انتهائي ٿوري وقت ۾ هڪ وبائي صورتحال اختيار ڪري ويو. جيئن ته وائرس بنا دير هڪ انسان مان ٻئي انسان ۾ منتقل ٿئي ٿو، تنهن ڪري تقريبن دنيا جي هر ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جهڙي وبا جو زور ٽوڙڻ خاطر عالمي لاڪ ڊائون ڪيو ويو. ڪورونا وائرس جي ڪري ڪروڙين ماڻهن جي زندگي اثر انداز ٿي. ڪورونا وائرس دنياوي تعليمي سرشتي کي حد درجي تائين محروم ڪيو. هڪڙي پاسي وبائي صورتحال ڪري اسان جا شاگرد آن لائن ڪلاسن ذريعي نئين ٽيڪنالاجي سان متعارف ٿيا ۽ گهر ويٺي آرام سان ڪيتريون ئي نيون شيون پڻ سکي سگهيا. ٻئي طرف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ انٽرنيٽ جي بهتر سهولت نه هئڻ ڪري آن لائن ڪلاس ڪنهن حد تائين ناڪام به رهيا. جيئن ته ٽيڪنالاجي جو استعمال دنيا جي معيشيت سان گڏوگڏ هر جڳھه تي حاوي نظر اچي رهيو آهي ۽ مغربي ملڪ پنهنجو تعليمي سرشتو جديد هائبرڊ سسٽم ڏي کڻي وڃي رهيا آهن، ساڳي جڳهھ 21 صدي ۾ به اسان جا شاگرد انٽرنيٽ جي بهتر سهولت فراهم نه هئڻ ڪري آن لائن ڪلاس وٺڻ لاءِ سخت پريشان نظر اچن ٿا. هينئر جڏهن ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وبا ۾ واضع طور ڪمي نظر اچي رهي آهي ته حڪومت سخت ايس او پيز ڏيندي تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر WHO سڀني ملڪن کي ڪورونا وائرس جي ٻي لهر جو چتاءُ پڻ ڏئي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڪورونا جي ٻئي لهر پاڪستان ۾ آئي ته حڪومت کي نه چاهيندي به تعليمي سرشتي کي بند ڪرڻو پوندو ۽ وري تعليمي ادارن کي آن لائين ڪلاسن ذريعي گذارو ڪرڻو پوندو ۽ ملڪ کي هڪ دفعو ٻيهر لاڪ ڊائون طرف وڃڻو پوندو.
حڪومت کي شاگردن جي تعليم خاطر آن لائن تعليمي سرشتي کي واڌ ڏيڻ لاءِ هر ممڪن سهولت مهيا ڪرڻ جي سخت کان سخت ضرورت آهي. جنهن لاءِ هيٺين شين جو خيال انتهائي ضروري آهي.
1-حڪومت کي ٽيڪنالاجي ڪمپنين سان رابطو ڪري انهن کي هدايت ڏيڻ کپي ته اليڪٽرانڪ شيون مناسب قيمت ۾ وڪرو ڪيون وڃن ته جيئن هر شاگرد آرام سان خريد ڪري پنھنجي پڙهائي ڪري سگهي.
2- حڪومت ٽيليڪميونيڪيشن جي عملدارن کي هدايت ڪري ته هو سڄي ملڪ ۾ پنهنجو نيٽ ورڪنگ نظام خاص طور تي ملڪ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ بهتر کان بهتر ڪن. ان سان گڏوگڏ شاگردن لاءِ انٽرنيٽ جا خاص پيڪيج مناسب شرح ۾ متعارف ڪرايا وڃن ته جيئن هر شاگرد آساني سان ان کي مالي طور تي برداشت ڪري سگهي ۽ فائدو وٺي سگهي
3- حڪومت جي تعليم کاتي کي پنهنجي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڏيکاريندي نصاب ۾ تبديلي ڪندي ‘ٽيڪنالاجي جي استعمال’ جهڙا سبق وجهڻ جي سخت ضرورت آهي جيئن ايندڙ نوجوان نسل ٽيڪنالاجي مان سٺي طرح واقف هجي.
4-حڪومت کي e-learning جهڙا پروگرام متعارف ڪرڻ گهرجن. تازو ئي سنڌ ۽ پنجاب حڪومت پرائمري جي ٻارن لاءِ e-learning پروگرام متعارف ڪرايو آهي جنھن ۾ آساني سان ٻار پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو. اهڙا ئي پروگرام سيڪنڊري ۽ وڏن درجن لاءِ به متعارف ڪرائڻ جي پڻ سخت ضرورت آهي. اي-لرننگ کان وٺي ڊجيٽل لائبريرين تائين ، اهي سڀ شيون شاگردن جي سکيا کي هر طرح سان وڌائي سگهن ٿيون. جيئن ڏکڻ آفريڪا ۾ ٻار گورنمينٽ جي اسپانسر ٿيل ريڊيو ۽ ٽيليويزن پروگرامن ذريعي تعليمي سکيا وٺي رهيا آهن.
5- جيئن ته اسان جا سرڪاري اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جا استاد ٽيڪنالاجي کان گهڻا واقف ناهن، حڪومت کي گهرجي ته هر سرڪاري استاد لاءِ آن لائن ٽيڪنالاجي جي سکيا لاءِ ٽريننگ سيشن شروع ڪرايا وڃن جيڪو هر استاد لاءِ لازم قرار ڏنو وڃي ته جيئن استاد آن لائن ڪلاس وٺڻ کان سٺي طرح واقف هجن ۽ شاگرد کي بهتر انداز ۾ سکيا ڏئي سگهن. جيڪڏهن اسان جي حڪومت مٿيان سڀ خيال پنهنجي اولين ترجيح رکي ٿي ته ان مان شاگردن کي تمام گهڻو فائدو رسندو ۽ ملڪي تعليمي نظام به گهڻي حد تائين بهتري طرف وڌندو. يقيني طور تي هي عمل اسان جو هائبرڊ سسٽم ڏانهن پهريون قدم هوندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *