تازا ترين
  • *حيدرآباد: سلاوٽ پاڙي ۾ 11 هزار ڪي وي واري تار ڪري پئي، رهواسي خوف ۾ مبتلا*
  • *سکر ۾ پرسرار نموني گم ٿي ويل 2 ٻارڙا جنسار عرف جنار ۽ عدنان عرف دعنان هٿ، هڪ شڪي گرفتار*
  • *جيڪب آباد: مغوي زال ۽ نياڻي کي بازياب ڪرائڻ بدران پوليس اهلڪار طعنا ڏيندا آهن: جيڪب آباد ۾ پيرسن پوليس اهلڪار جو احتجاج * جيڪب آباد: حاجي سليم منهنجي زال ۽ ڌيءُ کي اغوا ڪيو آهي، پوليس بازياب نه ٿي ڪرائي: اڪرم لاشاري * جيڪب آباد: اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار قالو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو: پوليس *
  • *گهوٽڪي ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا * گهوٽڪي: ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت سان رابطو ڪيو: عدالت * گهوٽڪي: سيد اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي تي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي *
  • *ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: نجي ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پورهيتن، مهاڻن ۽ ٻين جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: مقامي مهاڻن کي چيڪنگ بعد ڇڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ سندن قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿئي: مظاهرين * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: سڪيورٽي گارڊز جا جائز مسئلا حل ڪري ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي: مطالبو *
  • *جيڪب آباد:”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان نڪيش ڪمار تي تشدد، رتورت * جيڪب آباد: سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص نڪيش ڪمار * جيڪب آباد: واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي *
  • ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن،چورن کي نه ڇڏيندس ، 4سال سڪون سان گذارڻ لاءِمشرف جيان اين آر او نه ڏيندس:وزيراعظم جي اپوزيشن تي تنقيد*بلاول لبرلي ڪرپٽ آهي، سندس نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو،نواز شريف لاءِ گارنٽي گهري ته شهباز شريف ڊراما شروع ڪيا *اسلام آباد۾فضل الرحمان جي سرڪس مان ڪمزوردل واراوزيرگهٻرائجي ويا،مون سمجهايو ته ڪجهه نه ٿيندو:موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب *
  • فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا*دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع ۾ شادي تقريب دوران قتل ٿيل فنڪاره جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو*
  • پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو*شاهين ون ميزائل 650 ڪلوميٽرز تائين هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو: ڊي جي آءِ ايس پي آر*
  • جسقم چيئرمين سوڌواڍائي هزارڪارڪنن خلاف بغاوت جوڪيس*پيغامِ سنڌ مارچ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،دهشتگردي لاءِڀڙڪائڻ۽رياستي ادارن خلاف نعريبازي جاالزام *
  • پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ مل کي تباهه ڪيو ويو: سُپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو: وفاقي سرڪار جو موقف رد*اسٽيل ملز جي ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، پگهارون ڏيڻ لاءِ ملز جي زمين وڪرو ڪري رهيا آهيون: وفاقي سرڪار جو وڪيل*ملز جي زمين عوامي ملڪيت آهي، وڪرو نٿي ڪري سگهجي، اڳي گاڏيون، ٽرڪ ۽ راڪيٽ ٺهندا هئا، هاڻي ملز ۾ پيداوار ٻُڙي آهي: عدالت*
  • اوڪاڙه ڀرسان درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 8 لاش ڪڍيا ويا*ملڪو شيخو ويجهو واقعو پيش آيو، ٻيڙي ۾ 25 کان مٿي ماڻهو سوار هئا، وزيراعليٰ پنجاب طرفان رپورٽ طلب*
  • پي آءِ اي جا ٽشو پيپرز حجام جي دڪانن تي استعمال ٿيڻ لڳا*

آسٽريليا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا……ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو

نئين سال جي آمد تي دنيا ۾ سڀ کان نرالي ۽ خوبصورت آتش بازي جو مظاهرو ڪندڙ ملڪ آسٽريليا جي آبادي تقريبن 2 ڪروڙ 60 لک آهي. ان کانسواءِ ساليانو 60 لک جي قريب سياح آسٽريليا گھمڻ اچن ٿا. سال 2017ع مطابق آسٽريليا ۾ 5 لک پرڏيهي شاگرد تعليم پرائي رهيا هئا. جيئن ته آسٽريليا جي حڪومت پرڏيهي شاگردن جي داخلا وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي. ان لاءِ حڪومت طرفان دنيا جي شاگردن لاءِ ڪافي مثبت پاليسيون ۽ پلان ٺاهيا ويندا آهن، جن ۾ معياري تعليم ۽ سهولتن سان گڏ پارٽ ٽائيم نوڪري جي اجازت، مختلف فنڊنگس ۽ اسڪالرشپون به ڏنيون وڃن ٿيون. ڪورس دوران يا ڪورس کانپوءِ آسٽريليا جي صنعتن ۽ مختلف ادارن ۾ انٽرنشپ جا موقعا ڏنا وڃن ٿا. آسٽريليا نه فقط تعليم پر رهائش، قدرتي خوبصورتي ۽ امن امن جي حوالي کان ويندي راندين توڙي سياحت ۾ دنيا جي بهترين ملڪن ۾ شامل ٿئي ٿو، اهو ئي سبب آهي سڀ کان وڌيڪ ماڻهو آسٽريليا وڃڻ چاهين ٿا.
آسٽريليا ۾ يونيورسٽيون:

آسٽريليا ۾ اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ يونيورسٽين جو تعداد 43 آهي، جن مان صرف 2 پرائيويٽ آهن، باقي سموريون پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيون آهن، جن کي فنڊنگ آسٽريليا حڪومت ڪري ٿي. يونيورسٽين ۾ بيچلر پروگرام 3 کان 5 سال، جڏهن ته ماسٽرس هڪ کان 2 سال ۽ ڊاڪٽريٽ يعني پي ايچ ڊي پروگرام 3 کان 4 سال جو ٿئي ٿو. هتي يونيورسٽين کانسواءِ اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ادارا به آهن جن جو تعداد هڪ هزار کان به مٿي آهي، جتي انڊسٽري ۾ گھربل ڪورس ۾ سرٽيفڪيشن ۽ ڊپلوما ڪرايا وڃن ٿا. دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ آسٽريليا جون سڀ کان مشهور هي 8 يونيورسٽيون آهن. آسٽريلين نيشنل يونيورسٽي، يونيورسٽي آف ميلبرن، يونيورسٽي آف سڊني، يونيورسٽي آف ڪوئنسلينڊ، يونيورسٽي آف نيو سائوٿ ويلز، موناش يونيورسٽي، يونيورسٽي آف ويسٽرن آسٽريليا ۽ يونيورسٽي آف ايڊيليڊ. اهي يونيورسٽيون دنيا جي هڪ هزار يونيورسٽين جي ريڪنگ ۾ ٽاپ 150 ۾ شامل آهن. ان کان سواءِ باقي سموريون يونيورسٽون به ٽاپ هڪ هزار ۾ شامل آهن.
داخلا حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار:

آسٽريليا جي يونيورسٽين ۾ تعليمي سال جي شروعات فيبروري کان ٿئي ٿي، ان ڪري داخلا لاءِ درخواست ڪجهه مهينا اڳ ڏيڻ گھرجي. جيتوڻيڪ، درخواست ڏيڻ کان ويندي ويزا لڳڻ ۽ آسٽريليا پهچڻ تائين 3 مهينن کان 18 مهينا به لڳي سگھن ٿا، ان جا سبب داخلا سيشن، ويزا، پئسا، انگريزي جي ٽيسٽ IELTS ۽ ٻين گھرجن سميت شاگرد جي گھريلو ۽ ذاتي مسئلا به ٿي سگھن ٿا، درخواست ڏيڻ کان داخلا ٿيڻ ۽ فارملٽيز پوريون ڪرڻ ۾ صبر جي ضرورت آهي. آسٽريليا ۾ ٻئي سيمسٽر جولاءِ ۾ به سيشن ٿئي ٿو، جنهن ۾ به داخلا وٺي سگھجي ٿي. مجموعي طور، آسٽريليا جا سمورا ادارا خودمختيار آهن يا مختلف رياستن جي پاليسي مطابق هلن ٿا، جنهن ڪري هر يونيورسٽي جي پاليسي مختلف آهي. تنهن ڪري شاگرد کي پنهنجي پسند جي يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي ڏنل معلومات غور سان پڙهڻ گهرجي. ان هوندي به رهنمائي لاءِ هي ويب سائيٽ ڪافي ڪارائتي آهي.
www.studyinaustralia.gov.au

آسٽريليا ۾ فيس:

آسٽريليا ۾ تعليم جيئن ته ڪافي مهانگي آهي ان ڪري عام شاگرد افورڊ نٿو ڪري سگھي، اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي جاکوڙ ۽ مستقل مزاجي سان ريسرچ ڪري ڪا فنڊنگ حاصل ڪرڻي پوي ٿي. فيس افورڊ ڪندڙ اميدوار لاءِ اهو مسئلو نه آهي. سراسري طور تي، انڊرگريجوئيٽ شاگرد لاءِ سالياني في11 هزار کان 25 هزار آمريڪي ڊالر آهي، ماسٽرس جي في 15 هزار کان 28 هزار آمريڪي ڊالر آهي، جڏهن ته پي ايڇ ڊي 10 هزار 28 هزار ڊالر ٿي سگهي ٿي. فيس مختلف شعبن جي حوالي سان مختلف به آهي. جيئن هيومنٽيز ۽ سوشل سائنس ۾ ڪجهه گھٽ پر انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ميڊسن ۾ وڌيڪ آهي.
آسٽريليا ۾ رهائش ۽ خرچ:

پرڏيهي شاگردن کي آسٽريليا ۾ رهڻ لاءِ سالياني آمدني ڏيکارڻ لازمي آهي، پر لازمي طور 15 هزار آمريڪن ڊالر تائين هئڻ گهرجي. پر جي ڪو شاگرد پنهنجي گھرواري يا مڙس سان وڃڻ چاهي ٿو ته 5270 ڊالر وڌيڪ هجڻ گھرجن. ايئن جي ٻار آهن ته پهرين ٻار لاءِ 2880 آمريڪن ڊالر ۽ باقي ٻارن لاءِ 2250 الڳ الڳ هجڻ گھرجن.
فنڊنگ ۽ اسڪالرشپس:

آسٽريليا حڪومت ڪافي اسڪالرشپس ۽ فنانشل ايڊ پروگرام شروع ڪيا آهن، جن ۾ پرڏيهي شاگردن کي مختلف پروگرام ۾ ساليانو 200 ملين ڊالر ڏنا وڃن ٿا. جن ۾ آسٽريليا ايوارڊ ۽ انٽرنيشنل پوسٽ گريجوئيٽ ريسرچ اسڪالرشپ پروگرام IPRS شامل آهي. ان کانسواءِ به مختلف تنظيمن ۽ يونيورسٽين طرفان الڳ سان به اسڪالرشپس ميسر ڪيون وڃن ٿيون. جن جا تفصيل هن ويب سائيٽ www.studyinaustralia.gov.au. تي ڏسي سگهجن ٿا.
ملندڙ اهم اسڪالرشپون:

مجموعي طور بين الاقوامي شاگردن لاءِ آسٽريليا جي حڪومت طرفان IPRS تحت چئن 4 قسم جا فنڊ ملن ٿا، جن جا تفصيل هن ريت آهن. مختصر مدي واري ريسرچ فيلوشپ: هي گريجوئيٽس توڙي پوسٽ گريجوئيٽس شاگردن لاءِ مخصوص فنڊ آهي، جيڪو 6 مهينن جو ڪورس لاءِ آهي، جنهن ۾ ملندڙ رقم وڌ ۾ وڌ 24500 آسٽريلين ڊالر آهي.
پروفيشنل ڊولپمينٽ فنڊ:

هن ۾ 4 مهينن لاءِ اسڪالرشپ ملي ٿي، جنهن جي رقم 18500 آسٽريلين ڊالر آهي.
ووڪيشنل ايڊيوڪيشنل ٽريننگ فنڊ: هي ووڪيشنل ايجوڪيشن ۾ ڊپلوما پروگرام ۾ داخلا وٺڻ لاءِ مخصوص اسڪالرشپ آهي، جيڪا 2 کان اڍائي سالن لاءِ ملي سگھي ٿي. هن ۾ سيمسٽر لاءِ 6500 آسٽريلين ڊالر رقم آهي، جڏهن ته هن پروگرام ۾ شاگرد کي وڌ ۾ وڌ ملندڙ رقم 131000 آسٽريلين ڊالر آهي.
پوسٽ گريجوئيشن ڪورسن واري اسڪالرشپ: Endeavour Postgraduate Scholarship پوسٽ گريجوئيٽ ڪورسس لاءِ آهي. جنهن ۾ ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جا فل ڊگري پروگرام شامل آهن. ماسٽرس جي شاگردن کي هر سيمسٽر جا 15 هزار ۽ وڌ ۾ وڌ فنڊنگ 140500 آسٽريلين ڊالر آهي، پي ايڇ ڊي ۾ پورن 4 سالن لاءِ وڌ ۾ وڌ ملندڙ فنڊنگ 272500 آسٽريلن ڊالر آهي.
آسٽريليا ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت:

آسٽريليا ۾ شاگردن کي سيمسٽر هلندي 2 هفتن ۾ 40 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي، ته جيئن اهي پنهنجي خرچن جو پورائو ڪري سگهن. جڏهن ته موڪلن ۾ اهڙي ڪابه ڪنڊيشن نه آهي، شاگرد وڌ کان وڌ ڪم ڪري پئسا ڪمائي سگھي ٿو. پر شاگرد کي صرف ان تي ڀاڙڻ نه گھرجي، ڇاڪاڻ ته کيس ويزا ئي ان شرط تي مليل ته هو آسٽريليا ۾ پڙهائي ۽ رهائش جو خرچ ڀرڻ جي قابل آهي.
نوڪري ڪرڻ جا امڪان:

جيڪي شاگرد آسٽريليا ۾ 2 سال يا وڌيڪ عرصو رهيا آهن ۽ پنهنجي ڊگري ڪاميابي سان حاصل ڪري چڪا آهن، سي ورڪ پرمٽ لاءِ ويزا جي درخواست ڏيئي سگھن ٿا، جنهن تحت کين 2 سال ڪم ڪرڻ جي اجازت ملي سگهي ٿي. ان قسم جي ويزا لاءِ شاگرد کي Skilled Occupation List ۾ پنهنجو نالو داخل ڪرائڻو پوي ٿو. جنهن کان پوءِ اسپيشل ورڪ ويزا يا ٽيمپرري گريجوئيٽ ويزا ڏني وڃي ٿي. هن قسم جي ويزا جا ٻه قسم آهن. Graduate Work Stream ويزا انهن گريجوئيٽس کي ڏني ويندي آهي جن جي فيلڊ آسٽريليا جي ليبر مارڪيٽ ۾ ڊمانڊ هجي ٿي. ٻي،Post Study Work Stream ويزا آهن، جنهن لاءِ بيچلر، ماسٽر يا پي ايچ ڊي جو ريگيولر ڪورس ڪيو هجي، ان ۾ بيچلر ۽ ماسٽرس ڪورس وارن لاءِ ويزا 2 سال آهي، جڏهن ته ريسرچ ۾ ڪيل ماسٽرس وارن لاءِ 3 سال ۽ پي ايڍ ڊي وارن لاءِ 4 سال ورڪ ويزا ڏني وڃي ٿي.
ورڪ پرمٽ دوران ئي ماڻهو پرمننٽ اميگريشن يا رهائش لاءِ اپلاءِ ڪري سگھي ٿو، جنهن لاءِ گھربل ڪاغذات به مختلف به ٿي سگھن ٿا.
آسٽريليا ۾ ويزا جو طريقيڪار:

ويزا لاءِ سمورا تفصيل هن ويب سائيٽ www.homeaffairs.gov.au/Trav/Stud تي موجود آهن، جتي آن لائين اپلاءِ ڪبو آهي. بين الاقوامي شاگرد لاءِ Student Visa (Subclass 500) ڪيٽيگري موجود آهي. بهرحال، ويزان لاءِ هي شيون ضروري آهن:
1- توهان جي آسٽريليا جي ڪنهن تعليمي اداري ۾ داخلا ٿي هجي ۽ داخلا يا ايڪسيپٽنس ليٽر مليل هجي۽ اهو ڪورس CRICOS ۾ رجسٽرڊ هجي.
2- فنائنس پروف، پنهنجي فنائنشل اڪائونٽ ۾ فيس کانسواءِ رهائش لاءِ 15 هزار آمريڪي ڊالر هئڻ گهرجن، جي والدين وغيره سپورٽ ڪن ٿا ته پوءِ انهن جي سالياني آمدني 45 هزار آمريڪن ڊالر جي لڳ ڀڳ هئڻ گهرجي.
3- ميڊيڪل ۽ هيلٿ انشورنس.
4- انگريزي ٻولي تي عبور جو سرٽيفڪيٽ.
5- ڪيريڪٽر سرٽيفڪيٽ يا پوليس ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ.
6- تعليمي سرٽيفڪيٽس سميت، تصويرون، پاسپورٽ جي ڪاپي ۽ مٿي بيان ڪيل گھرجن سميت ويزا درخواست فارم 157A جمع ڪرائڻ گھرجي.
7- ويزا درخواست ۾ گھٽ ۾ گھٽ 4 هفتا لڳي سگھن ٿا، اميدوار کي ويجهي ڪائونسل خاني گھرائي انٽرويو به ڪري سگھن ٿا.
آسٽريليا جا شاگردن لاءِ مشهور شهر:

سڊني آسٽريليا جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي، تيز زندگي ۽ رنگن سان ڀرپور شهر، جتي دنيا ۾ 50 نمبر تي ايندڙ بهترين “يونيورسٽي آف سڊني” ۽ 45 نمبر تي ايندڙ ي“ونيورسٽي آف سائوٿ ويلز” به آهي. ٻيون يونيورسٽيون ۽ ادارا به آهن. ميلبرن آسٽريليا جي گادي جو هنڌ ۽ ڪلچرل شهر آهي، جتي ميلبرن، موناش يونيورسٽيون دنيا ليول تي 41 ۽ 60 نمبر تي آهن موجود آهن. برسبين Brisbane هي آسٽريليا جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي، جتي دنيا ۾ 47 هين نمبر تي ايندڙ ڪئنسلينڊ يونيورسٽي آهي ۽ ڪئنسلينڊ يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي ۽ گرفٿ يونيورسٽي شامل آهن. پرٿ Perth ۾ يونيورسٽي آف ويسٽرن آسٽريليا، ڪرٽن، مرڊوچ ۽ نوٽري ڊيم يونيورسٽيون آهن. ايڊيليڊ Aidelaide ۾ يونيورسٽي آف ايڊيليڊ، يونيورسٽي آف سائوٿ آسٽريليا ۽ فلنڊرس يونيورسٽي شامل آهن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *