تازا ترين
  • *حيدرآباد: سلاوٽ پاڙي ۾ 11 هزار ڪي وي واري تار ڪري پئي، رهواسي خوف ۾ مبتلا*
  • *سکر ۾ پرسرار نموني گم ٿي ويل 2 ٻارڙا جنسار عرف جنار ۽ عدنان عرف دعنان هٿ، هڪ شڪي گرفتار*
  • *جيڪب آباد: مغوي زال ۽ نياڻي کي بازياب ڪرائڻ بدران پوليس اهلڪار طعنا ڏيندا آهن: جيڪب آباد ۾ پيرسن پوليس اهلڪار جو احتجاج * جيڪب آباد: حاجي سليم منهنجي زال ۽ ڌيءُ کي اغوا ڪيو آهي، پوليس بازياب نه ٿي ڪرائي: اڪرم لاشاري * جيڪب آباد: اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار قالو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو: پوليس *
  • *گهوٽڪي ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا * گهوٽڪي: ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت سان رابطو ڪيو: عدالت * گهوٽڪي: سيد اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي تي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي *
  • *ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: نجي ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پورهيتن، مهاڻن ۽ ٻين جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: مقامي مهاڻن کي چيڪنگ بعد ڇڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ سندن قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿئي: مظاهرين * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: سڪيورٽي گارڊز جا جائز مسئلا حل ڪري ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي: مطالبو *
  • *جيڪب آباد:”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان نڪيش ڪمار تي تشدد، رتورت * جيڪب آباد: سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص نڪيش ڪمار * جيڪب آباد: واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي *
  • ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن،چورن کي نه ڇڏيندس ، 4سال سڪون سان گذارڻ لاءِمشرف جيان اين آر او نه ڏيندس:وزيراعظم جي اپوزيشن تي تنقيد*بلاول لبرلي ڪرپٽ آهي، سندس نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو،نواز شريف لاءِ گارنٽي گهري ته شهباز شريف ڊراما شروع ڪيا *اسلام آباد۾فضل الرحمان جي سرڪس مان ڪمزوردل واراوزيرگهٻرائجي ويا،مون سمجهايو ته ڪجهه نه ٿيندو:موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب *
  • فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا*دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع ۾ شادي تقريب دوران قتل ٿيل فنڪاره جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو*
  • پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو*شاهين ون ميزائل 650 ڪلوميٽرز تائين هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو: ڊي جي آءِ ايس پي آر*
  • جسقم چيئرمين سوڌواڍائي هزارڪارڪنن خلاف بغاوت جوڪيس*پيغامِ سنڌ مارچ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،دهشتگردي لاءِڀڙڪائڻ۽رياستي ادارن خلاف نعريبازي جاالزام *
  • پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ مل کي تباهه ڪيو ويو: سُپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو: وفاقي سرڪار جو موقف رد*اسٽيل ملز جي ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، پگهارون ڏيڻ لاءِ ملز جي زمين وڪرو ڪري رهيا آهيون: وفاقي سرڪار جو وڪيل*ملز جي زمين عوامي ملڪيت آهي، وڪرو نٿي ڪري سگهجي، اڳي گاڏيون، ٽرڪ ۽ راڪيٽ ٺهندا هئا، هاڻي ملز ۾ پيداوار ٻُڙي آهي: عدالت*
  • اوڪاڙه ڀرسان درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 8 لاش ڪڍيا ويا*ملڪو شيخو ويجهو واقعو پيش آيو، ٻيڙي ۾ 25 کان مٿي ماڻهو سوار هئا، وزيراعليٰ پنجاب طرفان رپورٽ طلب*
  • پي آءِ اي جا ٽشو پيپرز حجام جي دڪانن تي استعمال ٿيڻ لڳا*

آزٽيڪ جي آخري شهزادي جي بقا جي شاندار ڪهاڻي….

16 هين صديءَ ۾ جڏهن آزٽيڪ شهزادي دي گريٽ موڪٽيزوما جي گهر جنم ورتو، ان وقت وٽس نالي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو، پر جڏهن 50 سالن جي ڄمار ۾ هن وفات ڪئي، ان وقت 6 شادين مان ست ٻار ۽ هڪ وڏي اسٽيٽ کانسواءِ شاهي خاندان جو ورثو ڇڏيو جيڪي اڃا تائين برقرار رهندا پيا اچن.
جڏهن هوءَ 10-1509ع ۾ ڄائي، ان وقت سندس نالو اهڙو رکيو ويو، جنهن جي معنيٰ آهي “اعليٰ شخص جي ڌيءُ”. جيئن ته هو پنهنجي پيءُ ڪوڪٽيزوما ۽ ٽيوٽلالڪو جي واحد ڌيءُ هئي، ان ڪري هوءَ ئي انهن جي واحد وارث بڻي.
پهرين هن آزٽيڪ شهزادي ايٽليڪسٽزن سان شادي ڪئي پر هو جلد مري ويو ۽ هوءَ 10 سالن جي ڄمار ۾ بيواهه بڻجي وئي. 8 نومبر 1419ع تي اسپين ميڪسيڪو تي ڪاهه ڪئي ۽ مونٽيزيوما محل جو گهيرو ڪيو ويو.
آزٽيڪ شهزادي جو پيءُ ان گهڙي دوران ماريو ويو، ته ان وقت کيس پنهنجي چاچي بادشاهه ڪيوٽلاڪ سان پرڻايو ويو، ان دوران آزٽيڪ قبيلي جا ماڻهو اسپين جي لشڪر سان وڙهي رهيا هئا، اسپين جي ماڻهن ۾ ماتا جي بيماري هئي، جيڪا هتان جي ماڻهن ۾ به پکڙجي وئي، ايئن 1520ع ۾ بادشاهه ڪيوٽلاڪ ان بيماري وگهي مري ويو، پويان شهزادي هڪ ڀيرو ٻيهر بيواهه بڻجي رهجي وئي.
ٽيون ڀيرو هن 1521ع ۾ بادشاهه ڪاٽيموڪ سان شادي ڪئي، اسپين جي ويڙهه اڃا جاري هئي، آزٽيڪ قبيلي جي ماڻهن کي ماتا جي بيماري تباهه ڪري ڇڏيو هو، يعني وڏي انگ ۾ ماڻهو ان بيماري وگهي مري ويا هئا، نتيجي ۾ اسپين جي ماڻهن جو انگ وڌي ويو، جن بادشاهه کي ٻيڙي ذريعي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
پر هرنان ڪورٽيس جي فوج کيس پڪڙي ورتو. ان سان اسپين جي جنگ ختم ٿي وئي، پر اسپين جي هٿان مقامي ماڻهن جو قتلام بند نه ٿيو، رتوڇاڻ جاري رهي، 1525ع ۾ بادشاهه کي ڪورٽيس ڦاهي ڏياري ڇڏي ۽ شهزادي ٽيون ڀيرو بيواهه بڻجي وئي.
مرڻ وقت ڪاٽيموڪ بادشاهه ڪورٽيس کان هڪڙي اپيل ڪئي ته سندس محل جي عورت، خاص ڪري هن جي زال سان بهتر رويو رکيو وڃي، ڪورٽيس سندس اها اپيل منظور ڪئي ۽ شهزاديءَ کي اسپين ۽ آزٽيڪ ثقافتن جي ڪڙي طور ڏٺو ۽ ساڻس رويو به اهڙو رکيائين.
اسپين جي ماڻهن پاران کيس مسيحيت جي باري ۾ پڙهايو ويو، جنهن کانپوءِ هو ڪيٿولڪ بڻجي وئي، سندس نالو ڊونا آئزبيل رکيو ويو. جون 1526ع ۾ هن اسپين جي هڪ شخص “الونسو ڊي گريڊو” سان شادي ڪئي، ايئن اسپين جي حڪومت کي ميڪسيڪو ۾ وڏو معاوضو/ٽيڪس ڏيڻ لڳي، هن پنهنجي دولت استعمال ڪندي مذهبي ڌرين کي به خوش ڪيو.
جڏهن الونسو ڊي گريڊو فوت ٿي ويو، ان وقت هوءَ 17 سالن جي هئي، جنهن کانپوءِ ڪورٽيس کيس پنهنجي گهر ۾ منتقل ڪيو، پر انهن ڪڏهن به شادي نه ڪئي، ان دوران هوءَ ڳورهاري ٿي وئي، ته ڪورٽيس کيس پيڊرو گيليگو سان پرڻائي ڇڏيو، پر ڊونا آئزبيل ڪڏهن به پنهنجي ڄاول ڌيءُ جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي. ايئن بادشاهه ڪورٽيس آهستي آهستي ساڻس عشق ۾ مبتلا ٿي ويو.
ڊونا کي پنجين مڙس مان پٽ ڄائو، جنهن جو نالو انينڊريڊ گيليگو موڪٽيزوما رکيو ويو. جڏهن گيليگو 1532ع ۾ گذاري ويو، ته ڊونا آئزبيل جان ڪينو ڊي ساوريدا سان شادي ڪئي، اهو هن جو ڇهون ۽ آخري مڙس هو، ان مان هن کي 5 ٻار ٿيا، جن جا نالا پيڊرو، گونزيلو، جان، آئزبيل ۽ ڪاتلينا ڪونو ڊي موڪٽيزوما رکي ويا ويا.
جڏهن ڊونا آئزبيل گذاري وئي، ان کان اڳ هن وصيت ڪئي هئي ته سمورن انڊين غلامن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ انهن جون جيڪي به رهتون هجن، اهي ادا ڪيون وڃن. وصيت ۾ هن پنهنجي ملڪيت جو پنجون حصو ان ڌيءُ کي ڏيڻ جي به هدايت ڪئي، جيڪا کيس ڪورٽيس مان پيدا ٿي هئي.
هن پنهنجي رياست جي آمدني جو وڏو حصو پهرئين پٽ جان ڊي اينڊريڊ کي ڏيڻ جي وصيت ڪئي. هن جا سڀ ٻار سٺي تعليم پرائي ويا، ٻه ڌيئرون ال ڪنوينٽو ڊي لا ۾ راهبائون بڻجي ويون، جڏهن ته هن جي پٽن ڊيوڪ آف موڪٽيزوما ڊي ٽلٽينگو جو خطاب حاصل ڪيو، جيڪو اڃان تائين نسل در نسل هلندو پيو اچي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *