تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

آزاد نظم … هاڻوڪي جمهوريت … سومرو غلام حيدر حنفي

چون ٿا ته رشوت پنجوڻ تي وڌي آ
مهانگائي ڏهوڻ تي ٿي آ
بدانتظامي ليڪو لنگهي آ
ويچارا پڇن ٿا هيئن ڇو آ
سياڻا چون ٿا هي هاڻوڪي جمهوريت آ

جي آفيسر ڀتي تي ڀرتي ٿيندا
سي وياج سان گڏ مور ڪڍندا
اچن جيڪر عدل انصاف وارا
ته ٿين مسئلا سڀ سڻاوا
دعا ڪريو اي “حنفي” هميشه
ته ٿين سکيا ديس وارا

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *