تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

آزاد نظم … مظھر عباسي

ڪاش ! مون ۾ ڪجهھ وڌيڪ سگهھ هجي ها ،
ته ڌرتي جو سينو چيري،هر هلايان ها،
سرسبز آباديون ۽ شهر اڏيان ها ،
هر هنڌ باغ ۽ بستان ۽ عبادتگاهون جوڙيان ها ،
تان جو ساري دنيا ،
هڪ الهڙ ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ وانگر لڳي ها !
پوءِ ان الهڙ ڇوڪريءَ / دل ڌُتاريندڙ ڌرتيءَ کي ،
مان ڪنوار وانگر ڀاڪر پائي،ڇاتي سان لڳايان ها ،
۽ کيس مٿي کڻي وڏي واڪ چوان ها ته ،
ته اي ڪائنات جا مالڪ! هڪ نظر منهنجي دنيا کي به ڏس !
ڪيڏي نه سهڻي ۽ من موهيندڙ بنائي اٿم هيءَ دنيا!
جنهن کي تو بيڪار پٿر سمجھي، پاتار ۾ ڦٽو ڪيو هو ،
تنهن کي مون پيار ۽ پگھر سان ،
املهھ ماڻڪ ۾ بدلائي ڇڏيو آهي_
چتائي ڏسينس ۽ ٿورو تون به خوش ٿيءَ
ڏس! ته ڪينئن نه سج جي ڪرڻن،
هاءُ ! سونهري ڪرڻن۾،
بلور وانگر چمڪي رهي آهي منهنجي دنيا !
مان ته جيڪر تو کي خوشيءَ سان واپس ڪريان،
پر ڇا ڪريان؟ ائين ڪري نٿو سگھان،
ڇاڪاڻ ته تو کان وڌيڪ پياري اٿم پنهنجي ٺاهيل دنيا!!!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *