تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

آزاد نظم … لاڪ ڊائون … نـــاچيز ميمڻ

مان چاھيان ٿو ته
اِھو احساس ھاڻ برقرار رھي ته
گھر وارن سان گڏ وقت گُذارڻ به ڪنھن نعمت کان گھٽ ناھي
مان چاھيان ٿو ته
اڄ جو نسل معمولي ڳالھين ۾ وقت وڃائڻ بجاءِ
ھروڀرو به ڪتابن سان چَنبڙيل رھي
ته جيئن ھن ملڪ کي ڪجهه باشعور ماڻھو ملي سگھن.
مان چاھيان ٿو ته
منھنجو ڪو پراڻو دوست مون کي روز ڪال ڪري مونکان حال حوال وٺي.
پر مان ائين بلڪل نٿو چاھيان ته
توبه جا در ائين ئي بند ھُجن.
مان ائين به نٿو چاھيان ته
مسجد ۾ نماز پڙھڻ تي پابندي ھُجي.
مان ائين به نٿو چاھيان ته
ڪنھن مزدور ماڻھو وٽ کائڻ لاءِ اٽي جي لَپَ به نه هجي
مان ائين به نٿو چاھيان ته
گَھران اعلاج لاءِ نڪتل ڪو مريض پوليس جي ڪَري
اسپتال پُھچڻ کان پھرين ئي رستي ۾ پنھنجا پَساھ پورا ڪري.
مان ائين به نٿو چاھيان ته
ملڪ ۾ “ھميشه” خوف ۽ “حراس” ڇانيل ھُجي.
مان ته پاڻ چاھيان ٿو ته
سڀئي مسلمان گڏجي الله تعاليٰ کان دعا گُھرن ته جيئن ھن وَبا کان سَڄي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي سگھي.
مان ائين نٿو چاھيان ته
دنيا سدائين لاڪ ڊائون ۾ رَھي.
بس مان رڳو اھو ٿو چاھيان ته
صبح 8 کان شام 5 تائين ورڪنگ ٽائيم وارو اِھو قانون ائين ئي برقرار رَھي.
ته جيئن اڄ جو ھر انسان پنھنجي زندگي جو اصل مزو ماڻي سگھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *