تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

آرسي … سومرو شبير

ڪمري مان ٻاھر نڪري ڏٺم ته زال رڌڻي ۾ مصروف ھئي.
سري وڃي سندس ويجھو ٿيم ته ڏٺم ھو پگھر ۾ شل ھئي.
“اڄ ته ڏاڍي گرمي آھي”
ان جملي تي ھن مڙي مون ڏي ڏسي چيو
“۽ اڄ ڪم به گھڻو آھي”
”ھون……… ”
ھون چوڻ تي ھو مڙي مون سامھون ٿي بيٺي.
“پوءِ.. ھٿ ڇونٿو ونڊائين، ڪورونا جي ڪري سڄو ڏينھن گھر ۾ آھين،
پر مجال آ جو گھر جو ڪو ڪم ڪرين”
ھو ٿورو چڙي پئي.
“پر من، مان ڪھڙو ڪم ڪري سگھان ٿو، مون کي ته ڪو ڪم اچي به نٿو ”
ھو ذري گھٽ وڙھڻ تي لھي آئي.
“ڇو، اڳ ته ٻوڙ پچائيندو ھئين، ھاڻي پچائيندين ته ڇا تنھنجي شان ۾ ڪمي اچي ويندي. ”
“نه يار، اھا ڳالھه نه آھي، ان کي ورھيه گذري ويا آھن،
ھاڻي لوڻ، مرچ ۾ ھيٺ مٿاھين ٿي وڃين ته ؟ ”
مون آرسي مان کيس جواب ڏنو.
“پوءِ ٿانءُ ئي کڻي ڌوءَ”
ديڳڙي ۾ چمچو گھمائيندي ھن نئون حڪم صادر ڪيو.
“ان جو ته مون کي تجربو ڪونھي، ٿانءُ ڌوتا ته چوندين ھفتو ھلندڙ ٿانءُ جو صابڻ ھڪ ڏينھن ۾ کپائي ڇڏيئي”
اھو ٻڌي ھو مون ڏانھن منھن ڪري بيٺي، ھڪ نگاھه سان مون کي جاچي چيو.
“ان جو مطلب تون ڪنھن ڪم جو نه آھين، ڪو ڪم نه ڪندين؟ ”
”ڪندم نه! ”
“ڇا ڪندين؟ ”
“تون ڪم ڪار ڪري ٿڪجي پوندين ته مان توکي زور ڏيندم”
اھو ٻڌي ھن جي مک تي مرڪ تري آئي، مان کسڪي ويم.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *