تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

آئون نه جيئندي ان ري……ڪھاڻي …اصغر چانڊيو

پيرن فقيرن جي دعائن سان جعفر مائٽن کي اڌ وهي ۾ ٿيل اڪيلو پٽ ھئڻ ڪري ڏاڍو پيارو هوندو هو. ماءُ پيءُ ايئن سمجهندا هئا ته اسان جو لھي اڀري سڀ جعفر تي ٿو. جعفر اڃا ٻن سالن جو ٿيو ته سندس پيءُ وفات ڪري ويو. جعفر جي ماءُ کي روئي  ڳوڙها ڳاڙي آخر رب جي رضا تي راضي رھڻو پيو. جعفر جي پيءُ کان پوءِ سندن ڪمائڻ وارو ڪير به ڪونه هو، سندس ماءُ گهر جو سمورو بار مٿي تي کڻي پورھيو ڪرڻ لڳي. مزدوري تي رليون سبڻ، ٻني ۾ مرچ ڦٽي جو چونڊو ڪندي هئي، ان مان جيڪا مزدوري ملندي هئس، ان مان گهر جو اٽو ڀتو جعفر جو ڪپڙو لٽو وٺندي هئي. جعفر به ڪجھه وڏو ٿيو کيس اسڪول پڙھڻ لاءِ  اماڻيائين. جعفر پڙھڻ ويندو هو ته سندس ماءُ جي دل ۾ به هزارين خواب جنم وٺي چڪا هئا. جعفر سڄي اسڪول ۾ پڙھائي ۾ ڪافي  ھوشيار ھو، يتيم هئڻ ڪري  استاد به کيس ڀائيندا  هئا.  
جعفر جي ماءُ جي دل ۾ ھو ته جعفر وڏو ٿيندو ته سڀ لُڙ لھي ويندا. پرائمري پاس ڪري جعفر سوچيو ته هاڻ مزدوري ۾ اما سان هٿ ونڊائجي ته جيئن اسين پنهنجي گهر جو خرچ آساني سان ڪڍي سگهون. اھا ڳالھه جعفر گهر ۾ ڪئي ته ماءُ چيس ته: نه پٽ توکي اڳتي پڙھائي ڪرڻي آھي. تون پڙهه تنهنجي پڙھائي جو خرچ آئون پاڻھي مزدوري مان ڪندس. جعفر کي ماء طرفان مليل آٿت گهڻي مايوسي مان ڪڍي ڇڏيو. ماءُ ڪيل پورهئي جي جمع پونجي جعفر جي هٿ ۾ ڏني ۽ جعفر اڳتي پڙھڻ لاء شھر جو رخ ڪيو.  صبع جو اسڪول ويندو هو ۽ شام جو گهر پھچڻ سان پنهنجي ماءُ سان ڪم ۾ ھٿ ونڊائيندو هو. هڪڙو سال هو پنهنجي ماءُ جي پورهئي تي پڙھيو  نيٺ ھن سوچيو ته اما مزدوري ڪري ٿي، پاڙي وارن جون رليون سبي پراون گهرن جو ڪم ڪار ڪري ٿي، منهنجي ڪري پوءِ ڇو نه آئون به پڙھائي سان گڏ مزدوري ڪريان. جعفر سوچيو هاف ٽائيم ۾ ڇو نه چڻا کپايان ته ٻه ٽي رپيا ملي پوندا، ٻيو نه تڏهن به پڙهائي جو ڪجهه خرچ ڪڍي وٺندس.
جعفر صبع جو گهران چڻن جو ٿالهه ٺھرائي پاڻ سان گڏ کڻي ويندو هو، اسڪول جي ٽائيم اهو ٿالهه ٻاھر ڪنهن دڪان تي رکي ايندو هو ۽ موڪل مھل اهو ٿالهه کڻي اسڪول جي گيٽ وٺ بيهي رهندو هو. اهو قصو هلندو رھيو، تان جو جعفر ميٽرڪ تائين اھو ڪم جاري رکيو، پنهنجي پڙھائي جو سمورو خرچ انهي چڻن مان ڪڍيو. هن جي ماءُ به پيرسن ٿي وئي هئي، جعفر  جوان ٿي ويو. سوچيائن اڳتي پڙھجي ليڪن گهر جي حالتن جي حساب سان هن جو پڙھڻ به مشڪل ٿي پيو هو. هڪ ڏينهن ويھي ماءُ سان صلح مشورو ڪيائين ته امان مون کي ھاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي جو اڳتي هلي منهنجو مستقبل ٺھي وڃي. ماءُ چيس ابا تون اڳتي پڙھ منهنجي دل ۾ ھزارين خواب آھن جيڪي توکي ساڀيا ڪرڻا آھن تون وڃ منهنجون دعائون توسان گڏ آھن، خدا ڪندو ته تون سڀني کان اڳتي هوندين، جعفر سوچو اگر امان کي اڪيلو ڪري ويندس امان کي ڪير رڌي پچائي ڏيندو، ڪير کارائيندو. چيائين امان جيڪا پڙھائي ٿي اها ڪئي، آئون هتي ويجهو مزوري ڪندس پيو. توسان گڏ رھڻ ٿو چاهيان. جعفر مزدوري ڪري سڄي گهر جو سيڌو سامان سان گڏ رڌڻ پچائڻ جو ڪم به پاڻ ڪندو هو. هڪ ڏينهن جعفر ڪارخاني تي مزدوري تي ويل هو اچانڪ فون آيس ته تنهنجي امڙ بيمار ٿي پئي آھي، جعفر جلدي گهر واپس آيو ماءُ کي تيز بخار ٿي پيو هيس. هن ماءُ کي کڻائي اسپتال پھچايو گوريون دوائون ڪري گهر پهتو. هاڻ ھي ويتر پريشان ھو ٻيو ڏينهن گذريو مزدوري تي ڪارخاني تي ويل هو، پر هن کي پريشاني هئي، ته هڪ غربت ٻيو ڪو به سھارو ناھي امڙ بيمار آخر ڪيئن ڪجي. مون اوڻيھن سالن جي  زندگي ۾ هڪ ڏينهن به سڪون سان ناهي گذاريو، مون زندگي ۾ نه ڪجھه ڪمايو، انهن ئي سوچن ۾ هو ته هن کي اچانڪ دل ۾ سور پيو، هن سان گڏ ڪم ڪندڙ مزدورن جعفر کي کڻائي اسپتال پھچڻ وارا هئا ته رستي ۾ سندس ساه جو سڳو ٽٽي چڪو هو. اسپتال کان کڻائي گهر پهتا ته سندس ماءُ اڀ ڏاريندڙ اوڇنگارون سڀني ويٺلن جي سيني مان پار ٿيو ٿي ويون. مگر جعفر کي نه جاڳائي سگهيون. جعفر جي ماءُ  روئي روئي نيٺ پنهنجو ذھني توازن وڃائي ويٺي. اڄ به انهن گلين ۾ جعفر جي شادي جا ڳيچ ٿي ڳائيندي وتي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *