تازا ترين
  • *ملير ۾ الخدمت اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق*
  • *ڪراچي: حيدرآباد رينج جي 20 کان وڌيڪ انسپيڪٽرز کي پگهارون نه مليون، فاقا ڪاٽڻ تي مجبور*
  • *ميهڙ پوليس جي ڪارروائي: واپاري جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ڪيس ۾ 2 جوابدار گرفتار*
  • *ڀان سيد آباد ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران هڪ شخص مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب فوت*
  • ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن دوران هڪ ڄڻو فوت، ماءُ ۽ پٽ سميت 8 ڄڻا زخمي * سنڌڙي جي علائقي ھڱورنو وٽ اوور لوڊ هئڻ سبب رڪشا ڪلٽي، ڳوٺ مراد علي پھوڙ واسي پورھيت ناريو ڪولھي فوت * ٽنڊو محمد خان-بدين روڊ تي ٻارڻ اسٽاپ ويجهو تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار ٻه نوجوان محمد عامر ۽ ذوالقرنين سخت زخمي * دولتپور صفن ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان رضا حسين ۽ سندس امڙ زينب خاتون زخمي * شاھپورچاڪر ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلز ۾ ٽڪر سبب پيرسن عورت ۽ ٻار سميت 4 ڄڻا سخت زخمي *
  • *مٺي: 12 ورهين جي نينگر مبينا طور معمولي ڳالهه تان گهروارن سان ناراض ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو * ڳوٺ ڦل ترائي ۾ نينگر مهيش ڀيل مبينا ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو *
  • *ڦلهڏيون ۾ رورل هيلٿ سينٽر تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ واريون سهولتون نه ملڻ خلاف ڊاڪٽرز ۽ پي ايم اي طرفان احتجاج*
  • *خيرپور ۾ ملڪيت جي معاملي تان وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل، جوابدار گرفتار*
  • * راڌڻ: روزاني پنھنجي اخبار نئون ڳوٺ جي رپورٽر خورشيد لاکير تي تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او بھرام پنھور خلاف ڪيس داخل *
  • *اسلام ڪوٽ: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جي خدشي سبب ڪراچي ۾ فوت ٿيل ڪائونسلر جي گهرن کي پوليس پاران ڪڙو، شهر به بند * گذريل ڏينهن فوتي ڪائونسلر آڪاش منجياڻي جي وارثن اسلام ڪوٽ پهچي غريب شهرين ۾ امدادي سامان ورهايو هو * اسلام ڪوٽ: انتظاميا کي فوتي ۽ سندس گهرڀاتين جي ڪورونا وائرس بابت رپورٽ جو انتظار، رپورٽ اڄ شام ملڻ جو امڪان *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين 42 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا، متاثرن جو انگ 8 لک کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 10 ڏينهن ٿي ويا: ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ڪاروبار بند*
  • *هن وقت تائين وائرس سبب پنجاب ۾ 9، سنڌ ۾ 8، ڪي پي ۾ 6، بلوچستان ۾ هڪ ۽ گلگلت بلتستان ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا*
  • *ڪورونا وائرس: ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 2040 ٿي ويو*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ هادي بخش ۾ چورن هٿان ڀاڳيو قتل، 4 گهرڀاتي زخمي، ڳوٺاڻن پاران هڪ چور مبينا طور پوليس حوالي * نوراجا لڳ ڳوٺ ۾ 4مبينا چورن مزاحمت تي عبدالطيف ڀٽو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو * ايس ايڇ او بائيجي ٿاڻو پاران ڪو به چور حوالي ٿيڻ کان انڪار، ڳوٺاڻن جو احتجاج*

پنجاب ۾ وڌيڪ 137 ڪيس: ملڪ ۾ انگ 2222 ٿي ويو

پنجاب ۾ انگ 845 ٿي ويو، سنڌ ۾ 709، بلوچستان ۾ 164، ڪي پي ۾ 253، گلگت ۾ 184 ڪيس

ڪراچي/اسلام آباد(اسٽاف رپورٽر/بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ اربع ڏهاڙي ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 189 ڪيس سامهون آيا، جنهن بعد ملڪ اندر مجموعي ڪيسن جو انگ وڌي 2222 ٿي ويو، پنجاب ۾ اربع تي 137 وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن بعد ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي ۾ ڪيسن جو انگ وڌي 845 ٿي ويو، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ 33 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن بعد سنڌ صوبي ۾ ڪيسن جو انگ 709 ٿي ويو، تبليغين کي ڪورونا وائرس جي تصديق بعد حيدرآباد ۾ انگ 128 آهي، سکر ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 265 مريضن مان 23 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، لاڙڪاڻي ۾ 7 ڪيس، دادو ۽ جيڪب آباد ۾ هڪ- هڪ متاثر آهي، بلوچستان ۾ 10 ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد اتي انگ 164 ٿي ويو، خيبرپختونخوا ۾ 253 ڪيس رپورٽ ٿيل آهن، اتي ڪالهه(اربع تي) هڪ به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو، گلگت ۾ وڌيڪ 6 ڄڻن کي وائرس جي تصديق بعد انگ 184 ٿي ويو، آزاد ڪشمير ۾ وڌيڪ 3 ڪيس سامهون اچڻ بعد انگ 9 ٿي ويو، اسلام آباد ۾ هڪ به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو، اتي انگ 58 آهي. اهڙي ريت ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مجموعي ڪيسن جو انگ 2125 ٿي چڪو آهي. سنڌ ۾ 55 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جنهن بعد ملڪ ۾ صحتياب ٿي ويلن جو انگ 82 ٿي ويو.

نوابشاهه ضلعي ۾ موجود تبليغين مان 6 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق

نوابشاهه(رپورٽ: اياز ڏاهري) نوابشاهه ضلعي ۾ موجود تبليغين مان 6 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق. نوابشاهه جي عثمانيه مرڪز ۾ 249 ۽ دوڙ جي دارالجعميه عزيزيه حسينه ۾ 41 تبليغين کي قرطينه ڪيو ويو آهي، نوابشاهه ۾ موجود تبليغين مان 17 ۽ دوڙ وارن تبليغين مان 5 ڄڻن جي ٽيسٽ ڪئي وئي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته نوابشاهه وارن مان 5 ۽ دوڙ جي تبليغين مان هڪ کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. واضح رهي ته نوابشاهه ۾ موجود تبليغين مان 14 پرڏيهي به آهن، جن ۾ ٻن جو واسطو انڊونيشيا، ڇهن جو يمن، ٽن جو سوڊان ۽ ٽن جو الجزائر سان آهي، انهن ۾ هڪ ڪي پي ۽ هڪ پنجاب جو رهواسي به شامل آهي.

سنڌ ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻو ڪورونا وگهي فوت:انگ 9 ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ هڪ ڄڻي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو تصديق ڪندي چيو ته 59 سالن جو شخص ڪورونا وگهي فوت ٿي ويو آهي، جنهن جو تعلق ڪراچي سان آهي، جنهن کي 19 مارچ تي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، فوت ٿيندڙ مريض تازو سعودي عرب مان آيو هو، فوتي کي دم ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف پڻ هئي، وڌيڪ هڪ ڄڻي جي فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ سنڌ ۾ 9 ۽ ملڪ ۾ مجموعي طور 27 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ سميت ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جي مُدي ۾ 2 هفتا واڌ جو فيصلو: صوبن سان مشاورت بعد فيصلو ڪيو ويو:اسد عمر

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، کاڌي پيتي جون شيون ۽ دوائون ٺاهيندڙ فيڪٽريون ۽ گڊز ٽرانسپورٽ کولڻ جو فيصلو
14 اپريل کان اڳ ۾ هڪ وڌيڪ اجلاس ڪري فيصلو ڪيو ويندو ته لاڪ ڊائون اڃا به برقرار رکجي يا ختم ڪجي: رٿابندي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبن طرفان لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون جي مُدي ۾ وڌيڪ 2 ٻن هفتن تائين واڌ ڪئي وئي، جنهن بعد ملڪ ۾ 14 اپريل تائين لاڪ ڊائون جاري رهندو، وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر باجوه سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ڪورونا وائرس سبب ملڪ جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا، اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي رٿابندي واري وزير اسد عمر ٻڌايو ته وفاقي حڪومت ٻن هفتن لاءِ لاڪ ڊائون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هن چيو ته وفاق ۽ سمورن صوبن مشاورت سان فيصلو ڪيو آهي ته ٻن هفتن تائين بندش کي پوري ملڪ ۾ جاري رکيو وڃي ۽ اڄ گڏيل طور تي فيصلو ٿيو آهي ته پهرين اپريل کان 14 اپريل تائين موجوده صورتحال جاري رهندي، اسد عمر چيو ته 14 اپريل کان پهريان قومي رابطا ڪميٽي جي ٻيهر گڏجاڻي ٿيندي، جنهن ۾ فيصلو ڪنداسين ته لاڪ ڊائون گهٽائبي يا وڌائي ويندي، هن چيو ته کائڻ پيئڻ جي شين، دوائن جي فيڪٽرين کي کولي رکڻ تمام ضروري آهي، جڏهن ته گڊز ٽرانسپورٽ تي ڪا پابندي نه هوندي.هن چيو ته لاڳاپيل ڌرين خاطري ڪرائي آهي ته اين سي سي جي فيصلي تي عملدرآمد يقيني بڻائي ويندي، جڏهن ته 4 اپريل تي پرڏيهي ملڪ مان هڪ اڏام اسلام آباد، جنهن جي سمورن مسافرن کي ايئرپورٽ تي قرنطينه ۾ رکي ٽيسٽ ڪئي ويندي ۽ نيگيٽيو اچڻ بعد کين وڃڻ ڏنو ويندو. هن چيو ته ماضي ۾ پرڏيهه مان ايندڙن جي ڪري ڪورونا ڦهليو آهي.

ڪورونا جي وبا خلاف جنگ ۾ هيلٿ جو مک ڪردار آهي، ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊڪس به ڪورونا وائرس خلاف فرنٽ لائين تي آهن:عمران خان

خوش قسمتي سان پاڪستان ۾ ڪورونا جي پکيڙ ۽ فوتگيون يورپ کان گهٽ آهن

راولپنڊي (ڊيسڪ رپورٽ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا وڌڻي ۽ ڪيتري وڌڻي آهي هڪ هفتي اندر پتو پئجي ويندو، ڪورونا جي وبا خلاف جنگ ۾ هيلٿ جو مک ڪردار آهي، ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊڪس به ڪورونا وائرس خلاف فرنٽ لائين تي آهن، پوري قوم هيلٿ ورڪرز سان گڏ آهي حڪومت انهن جو ڀرپور ساٿ ڏيندي. راولپنڊي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته خوش قسمتي سان پاڪستان ۾ ڪورونا جي پکيڙ ۽ فوتگيون يورپ کان گهٽ آهن، پاڪستان ۾ فوتگين جي شرح گهٽ آهي، پر ملڪ ۾ ڪورونا جي وبا ڪيتري پکڙجندي اهو هڪ هفتي اندر پتو پئجي ويندو. وزير اعظم چيو ته سرڪاري اسپتالن جي صورتحال 70 جي ڏهاڪي تائين بهتر هئي جنهن کانپوءِ خراب ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته ماضي جي سرڪار صحت ۽ تعليم طرف ڌيان ئي نه ڏنو هو.

ڦلهڏيون ۾ رورل هيلٿ سينٽر تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ واريون سهولتون نه ملڻ خلاف ڊاڪٽرز ۽ پي ايم اي طرفان احتجاج

ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف طرفان ڀڳوانداس ميگھواڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو
ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ ماسڪ، ھينڊ گلائوز، سنيٽائيزر ۽ ڪٽس مھيا ناهن ڪيا ويا:اڳواڻ

ڦلهڏيون (ن پ ا) ڦلھڏيون ۾ رورل ھيلٿ سينٽر تي ڪورونا وائرس کان بچاءَ واريون سهولتون نه ملڻ خلاف ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف ڦلهڏيون رورل هيلٿ سينٽر تي عبدالرشيد سومرو ۽ ڀڳوانداس ميگھواڙ جي اڳواڻي ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرز، نرسز ۽ ٻي عملي جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ماسڪ، ھينڊ گلائوز، سنيٽائيزر ۽ ڪٽس مھيا نه ڪيون ويون آهن، جنهن سبب سندن حياتيون داءُ تي لڳايون ويون آهن. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ گهربل سهولتون فراهم ڪري سندن حياتيون بچايون وڃن.

قيدين جي آزادي بابت اسلام آباد هاءِڪورٽ جو فيصلو غيرقانوني قرار:ڪير به پاڻ کي بادشاهه سمجهي فرمان جاري نٿو ڪري سگهي:سپريم ڪورٽ

سڀ کان پهرين هاءِ ڪورٽن جي دائري اختيار جو جائزو وٺڻو آهي، ملڪ ۾ جيڪو به ڪم ڪرڻو آهي قانون مطابق ڪرڻ گهرجي: چيف جسٽس
ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪير به پاڻ کي بادشاهه سمجهي فرمان جاري ڪري:ڪورونا وائرس بابت قيدين جي آزادي جي ڪيس ٻڌڻي دوران ريمارڪس
سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس سبب جيلن کان قيدين جي آزادي خلاف اپيل تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته قيدين جي آزادي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو قانون مطابق ناهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به ڪنهن بادشاهه شاهي فرمان جاري ڪيو آهي، ملڪ ۾ قانون مطابق ڪم ڪرڻو آهي، ڪير به پاڻ کي بادشاهه سمجهي فرمان جاري نٿو ڪري سگهي. چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ بينچ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران جيلن مان قيدين کي آزاد ڪرڻ خلاف داخل ڪيل اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته سڀ کان پهرين هاءِ ڪورٽن جي دائري اختيار جو جائزو وٺڻو آهي، ملڪ ۾ جيڪو به ڪم ڪرڻو آهي قانون مطابق ڪرڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪير به پاڻ کي بادشاهه سمجهي فرمان جاري ڪري، ڪهڙي قانون تحت ڏوهارين کي آزاد ڪري سگهجي ٿو؟. چيف جسٽس چيو ته اڳ ئي ڏوهارين کي پڪڙڻ وڏو مشڪل آهي، ڏوهارين جو ڪو هڪ ٺڪاڻو ناهي هوندو، پوليس به ڪورونا معاملي م مصروف آهي، اهڙي حالتن م ڏوهارين کي ڪيئن روڊ تي نڪرڻ ڏيون؟ چيف جسٽس چيو ته ڪراچي ۾ قيدين کي ضمانتون ملڻ بعد ڌاڙا شروع ٿي ويا آهن، ڪراچي ڊفينس جو علائقو ڦورن جي ڪنٽرول ۾ آهي، ڊفينس ۾ ڏوهاري رات جو ڪورونا وائرس جي مريض جي چيڪنگ جي بهاني ڌاڙو هڻي ويندا آهن. چيف جسٽس چيو ته جڏهن کان هاءِ ڪورٽ ضمانتون ڏنيون آهن ڌاڙا وڌي ويا آهن، زميني حقيقتون سامهون رکي فيصلا ڪرڻ گهرجن. چيف جسٽس چيو ته ڪرپشن ڪرڻ وارو جو ڪاروبار به لاڪ ڊائون سبب بند ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ ڪرپشن جي ڏوهارين کي به آزاد ڪيو ويو آهي. اٽارني جنرل عدالت کي چيوته آئون سنڌ جي معاملي تي ڪوبه تبصرو نٿو ڪرڻ چاهيان، جنهن تي چيف جسٽس چيوته ڪرپشن ڪندڙن کي روز پيسا ڪمائڻ جو چسڪو لڳل آهي، ڪرپشن جي بک روزي جي بک کان وڌيڪ آهي، ڪرپشن ڪندڙن کي موقعو نه مليو ته هو ٻيا ڏوهه ڪندا. جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيلون خالي ڪرڻ سان ڪورونا وائرس ختم نه ٿيندو، قيدين جي تحفظ جي لاءِ قانون ۾ طريقو موجود آهي، جڏهن ته جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته قانون چوي ٿو ته متاثر قيدين کي قرنطينه ۾ رکيو وڃي. اٽارني جنرل چيو ته جيلن م ڪورونا وائرس پکڙيو ته الزام سپريم ڪورٽ تي لڳندو، جنهن ته چيف جسٽس چيو ته عدالت قانون کي ڏسندي آهي، جنهن جي الزام جي پرواهه ناهي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم سان 829 قيدين مان 519 قيدي آزاد ٿي چڪا آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيوته ڏوهارين کي ائين ڇڏڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، آزاد ٿيندڙ ڏوهاري ٻين جون زندگيون خطري ۾ وجهي ڇڏيندا. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته قيدين جي آزادي واري فهرست ڪنهن تيار ڪئي آهي، سڀني پنهنجي عزيزن کي آزاد ڪيو هوندو؟ جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 26 مارچ تي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ فهرست به تيار هئي، لڳي ٿو ته فهرست اڳ ئي تيار ڪئي وئي هئي. جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته ڇا نيب ڪيسن ۾ ملوث جوابدار به معمولي ڏوهن ۾ اچن ٿا؟، جيڪي ڪورونا جا متاثر هوندا آهن انهن کي قرنطينه م رکيو ويندو آهي، جيلن مان قيدين کي ڇو آزاد ڪيو پيو وڃي اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته جيڪي قيدي آزاد ڪيا پيا وڃن اهي خطرناڪ آهن، سڪون سان ويٺل ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ وڌيون پيون وڃن.

ملير ۾ الخدمت اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق

ملير (رپورٽر) ملير ۾ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، گلشن حديد واسي ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ بعد ڪرونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو آئي آهي، ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو پاڪستان اسٽيل اسپتال جو اڳوڻو ايم ايس ۽ ھن وقت الخدمت اسپتال گلشن حديد جو انچارج ۽ علائقي جو ناليوارو ڊاڪٽر آھي.

حيدرآباد رينج جي 20 کان وڌيڪ انسپيڪٽرز کي پگهارون نه مليون، فاقا ڪاٽڻ تي مجبور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد رينج جي 20 کان وڌيڪ انسپيڪٽرن جون 4 مهينن کان پگھارون بند، فاقا ڪاٽڻ تي مجبور، حيدرآباد رينج جي 20 کان وڌيڪ انسپيڪٽرن کي 4 مهينن کان پگھارون نه ملي سگھيون آهن، جنهن ڪري اهي فاقاڪشي ڪاٽڻ تي مجبور آهن. “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي انسپيڪٽرن ڄاڻايو ته اسان 2016 کان حيدرآبادرينج ۾ مقرر هئاسين، ڪليم امام جي دور ۾ اسان کي بدلي ڪري نوان انسپيڪٽر مقرر ڪيا ويا ۽ اسان کي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جنهن تي اسان آر پي او آڏو احتجاج ڪيو ۽ چيو ته 5 سالن کان ڊيوٽيون ڪريون پيا، من پسند انسپيڪٽرن کي مقرر ڪرڻ لاءِ اسان کي بدلي ڪيو ويو. انسپيڪٽرن چيو ته آر پي او اسان کي هدايت ڪئي ته اوهان منهنجي آفيس ۾ آمد ڪرايو، اسان آر پي او آفيس ۾ آمد ڪرايو، آءِ جي سنڌ تبديل ٿيو ۽ مشتاق مهر چارج سنڀالي ته هن بدلين ۽ مقررين جا آرڊر ڪينسل ڪري ڇڏيا. ان باوجود اسان کي ساڳين عهدن تي مقرر نه ڪيو ويو، هاڻي نه سي پي او وڃي سگھون ٿا ۽ نه ئي ساڳين عهدن تي مقرر ڪيو وڃي ٿو، جنهن ڪري 4 مهينن کان پگھارون بند آهن، ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هنن آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي اپيل ڪئي ته اسان جو مسئلو حل ڪرائي پگھارون جاري ڪرايون وڃن.

سيوهڻ پوليس باءِ پاس وٽ مدرسي ۾ ترسيل 37 تبليغين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

تبليغين کي عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ ۾ قائم آئسو ليشن وارڊ منتقل ڪيو ويو
عائشه مدرسي ۾ تبليغي جماعت جا ماڻهو گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان رهيل هئا:علائقي واسي

سيوهڻ (ن پ ا) سيوهڻ پوليس باءِ پاس وٽ مدرسي ۾ ترسيل 37 تبليغين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ ۾ قائم آئسو ليشن وارڊ منتقل ڪري ڇڏيو، موري ڀرسان 12 تبليغين کي پوليس مدرسي ۾ ويهاري روينيو عملو ۽ پوليس اهلڪار مقرر ڪري ڇڏيا آهن. پوليس موجب سيوهڻ باءِ پاس تي عائشا صديقيه نالي قائم مدرسي ۾ ترسيل 37 تبليغين کي هٿ ڪيو ويو آهي جن کي عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ ۾ قائم آئسو ليشن وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته عائشه مدرسي ۾ تبيليغي جماعت سان تعلق رکندڙ ماڻهو گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان رهيل هئا ۽ چوندا هئا ته لاڙڪاڻي وينداسين پر گاڏيون نٿيون ملن. ذريعن جو چوڻ آهي ته 37 تبليغين مان 17 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جون علامتون ظاهر ٿيون هيون جنهن کانپوءِ 20 ڄڻا مدرسي اندر قرنطينه ٺاهي ويهي رهيا... هوڏانهن موري ڀرسان داد واهه وٽ مدرسي ۾ ويٺل 12 تبليغين کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي کين مدرسي ۾ ويهاري ڇڏيو ۽ مدرسي ٻاهران روينيو عملو ۽ پوليس اهلڪار مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

لاڪ ڊائون بابت قومي اتفاق جُڙي پيو، گهربل مقصد حاصل ٿيندو:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ)سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب وفاق طرفان لاڪ ڊائون جي حوالي سان ڪيل فيصلي کي سٺو عمل قرار ڏيندي چيو ته لاڪ ڊائون جي حوالي سان هاڻي قومي اتفاق راءِ جُڙي رهي آهي، جيڪو سٺو عمل آهي، هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا کي روڪڻ جو اهو واحد طريقو آهي، انشاءَ الله هاڻي لاڪ ڊائون جو گهربل مقصد حاصل ڪيو ويندو، اميد آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون امدادي ڪمن ۾گڏجي ڪم ڪنديون.

وزيراعظم پاران سنڌ ۾ گڊز ٽرانسپورٽ روڪڻ تي ڪاوڙ: رينجرز کي رڪاوٽون هٽائڻ جي هدايت ..گڊز ٽرانسپورٽ تي پابندي ناهي لڳائي، عمران خان کي غلط آگاهه ڪيو ويو: سنڌ سرڪار

وفاقي ڪابينا پاران 1200 ارب جي معاشي پئڪيج سوڌو اي سي سي جي فيصلن جي توثيق
ايڪسپورٽرن جا 2 ارب جا چانور خراب ٿي رهيا آهن: فيصل واوڊا جي وزيراعظم کي شڪايت

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وزيراعظم سنڌ ۾ گڊز ٽرانسپورٽ کي روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رينجرز کي رڪاوٽون هٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عمران خان چيو آهي ته اٽي سميت خوراڪ جي کوٽ يا شين جي اگهن ۾ واڌ برداشت نه ڪنداسين. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ اندر ججهي تعداد ۾ ڪڻڪ جا ذخيرا موجود هئڻ باوجود مختلف شهرن ۾ اٽي جي کوٽ جي شڪايت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، وزيراعظم معلوم ڪيو ته جڏهن اٽو ۽ ڪڻڪ وڌيڪ مقدار ۾ موجود آهي ته پوءِ کوٽ ڇو پيدا ٿي رهي آهي ۽ ڪير کوٽ پيدا ڪري رهيو آهي؟ وزيراعظم اٽي جي قيمتن ۾ اضافي توڙي کوٽ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي فوڊ سيڪيورٽي جي وفاقي وزير کي فوري ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم چيو ته عام واهپي جي شين ۾ کوٽ يا قيمتن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، ان حوالي سان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ذريعن مطابق وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وفاقي وزيرن حڪومتي قدمن کي عوام اندر بهتر طور اجاگر نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، مختلف وفاقي وزيرن درست قدمن کي بروقت اجاگر نه ڪرڻ جون شڪايتون ڪيون، ذريعن مطابق وفاقي وزير فيصل واوڊا ايڪسپورٽرن جي پورٽ تي سامان کي روڪڻ جي مامري بابت شڪايت ڪئي، هن چيو ته چانورن جي ايڪسپورٽرن جو 2 ارب ڊالرن جو مال خراب ٿي رهيو آهي، ايڪسپورٽرن لاءِ گذريل هفتي هدايت ڪئي وئي هئي پر وزيراعظم جي هدايت باوجود ان تي اڃا تائين عملدرآمد نه ٿيو آهي، جنهن تي وزيراعظم ايڪسپورٽرن جو سامان روڪڻ واري شڪايت تي نوٽيس وٺندي ملڪ اندر گڊز ٽرانسپورٽر سميت ايڪسپورٽرن جي سامان کي نه روڪڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته لاڳاپيل وزارت ۽ اختياريون ان مامري کي فوري طور تي ڏسن، جڏهن ته رينجرز کي هدايت ڪئي ته گڊز ٽرانسپورٽ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون هٽايون وڃن، ذريعن مطابق اجلاس دوران وفاقي وزير مراد سعيد گڊز ٽرانسپورٽ کي کولڻ واري فيصلي باوجود ان تي مڪمل طور تي عملدرآمد نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي ۽ چيو ته ٽرڪ اڏن تي هوٽل بند آهن، ان ڪري سامان ڍوئيندڙ مزدور توڙي ڊرائيورن کي ڪجهه کائڻ لاءِ نه ملي رهيو آهي، ان ڪري ٽرانسپورٽ هلڻ ۾ مشڪلاتون آهن، ڪابينا ۾ ٽرانسپورٽرن لاءِ مخصوص ڇپرا هوٽل کولڻ جي تجويز به پيش ڪئي وئي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ٿيل فيصلن بابت پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ 6 نقاطي ايجنڊا تي منظوري لاءِ غور ٿيو، اجلاس دوران وزيراعظم ملڪ اندر ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ان کي روڪڻ ۽ عوام تي ان جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، ڪابينا کي وزيراعظم جي صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ ڊاڪٽر فيصل ڪورونا جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني. هن چيو ته وزيراعظم نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي ۾ اتفاق راءِ سان چئني صوبن پاران ملڪ ۾ گڊز ٽرانسپورٽ کولڻ واري فيصلي ڪرڻ باوجود ان تي مڪمل طور تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي وزيراعظم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، فردوس عاشق اعواڻ مطابق وزيراعظم اهڙي ناراضگي تڏهن ظاهر ڪئي جڏهن ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته بدقستي سان سنڌ صوبي ۾ گڊز ٽرانسپورٽ کولڻ واري فيصلي تي روح مطابق عملدرآمد نه ٿيو آهي، سنڌ ۾ پورٽ ذريعي سڄي ملڪ جو سامان اچي ٿو پر انتظامي مامرن ڪري اتي مسئلا آهن، ايڪسپورٽرن جي سامان کي به مسئلا درپيش آهن، ڪراچي پورٽ تي ليبر جي آمد، لوڊنگ جي عملي وارا به نه آهن، ان ڪري سپلائي چين دير جو شڪار آهي، جنهن تي وزيراعظم عمران خان رينجرز کي گڊز ٽرانسپورٽ جي هلڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، وفاقي ڪابينا اي سي سي جي 30 مارچ تي ٿيل اجلاس جي فيصلن جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا عالمي ليبر ڪانفرنس جي 15 عالمي پروٽوڪولن جي به منظوري ڏني، وزيراعظم مائينز سيڪٽر، بٺن ۽ تعميراتي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي رجسٽريشن نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته انهن شعبن جي مزدورن کي اڃا تائين انفارمل ليبر طور تصور ڪيو وڃي ٿو. صوبن سان گڏجي گڏيل پاليسي آندي وڃي، هي انساني مسئلو آهي، جنهن کي سي سي آءِ ۾ ويهي گڏيل طور تي ليبر پاليسي آڻي تمام قانونن جو سمورن مزدورن تي لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن انهن مزدورن کي به سماجي، صحت ۽ نوڪري جي سيڪيورٽي ملي سگهي. فردوس عاشق موجب وزيراعظم ادارن ۾ سڌارا يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. مختلف ڪارپريشنون جن ۾ ريلوي، ايف بي آر، پي آءِ اي ۽ ٻيا ادارا سفيد هاٿي بڻجي ويا آهن، وزيراعظم ادارن ۾ سڌارن جي ڊيڊ لائين ڏيندي هدايت ڪئي ته پيپر ليس اي گورننس جي تصور تي عملدرآمد ڪيو وڃي، سموريون وزارتون پنهنجي معلومات ويب سائيٽ تي رکن، جڏهن ته ڪابينا جي ايجنڊا به اي ميل تي فراهم ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته گڊز ٽرانسپورٽ سميت صنعتن کي کولڻ جي حوالي سان نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جو اجلاس اڄ وزيراعظم جي صدارت ۾ طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جي ذخيرن سوڌو عام واهپي جي شين جي موجودگي تي به غور ڪيو ويندو. اسلام آباد: وفاقي وزير اسد عمر چيو ته نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جو اجلاس اڄ اربع ڏينهن وزيراعظم جي صدارت ۾ طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪهڙين شين تي بندش هوندي ۽ ڪيسيتائين هوندي بابت گڏيل طور تي مضبوط ۽ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪنداسين، هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ لکين ماڻهو بيروزگار ٿيا آهن، 1 ڪروڙ 20 لک خاندانن مان هر خاندان کي 12 هزار روپيا مالي مدد ڏئي رهيا آهيون، هڪ هفتي بعد رقم ورهائينداسين، 12 هزار هڪ ئي وقت ڏنا ويندا، جلد اسان جي 2 لک 80 هزار ٽيسٽون ڪرڻ جي اهليت ٿي ويندي ۽ ان بعد اسان جي اها اهليت 9 لکن تائين پهچندي، اقتصادي مامرن جي وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته عام واهپي جي شين جي پيداوار کي جاري رکڻو آهي، ڪريانه، فارميسي ۽ عام واهپي جي شين ۾ عام ماڻهن جي پهچ کي به يقيني بڻائينداسين، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين سان وڊيو ڪانفرنس ذريعي رابطي ۾ آهيون ۽ مشاورت سان ڪجهه فيصلا ڪيا آهن، اسان رٽيلرن، مينيو فيڪچرن، سروس سيڪٽر جي صنعتن ۽ دڪانن جي لسٽ ٺاهي آهي، جيڪا صوبن جي مشاورت سان ٺاهي آهي، اها لسٽ صوبن کي فراهم به ڪئي وئي آهي، جنهن لسٽ ۾ اهي ضروري صنعتون آهن جن کي کولڻ تي سڀني اتفاق ڪيو آهي، انهن صنعتن کي هلائڻ ۽ انهن کي خام مال پهچائڻ، مزدورن جي رسد کي يقيني بڻائڻ جي مامرن تي نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جي اجلاس ۾ حتمي فيصلو ٿيندو ان بعد تيار ڪيل لسٽ به جاري ڪئي ويندي، هن چيو ته سنڌ ۾ عام واهپي جي بنيادي صنعتن ۾ مزدورن جي پهچڻ ۾ مشڪلاتون آهن، سنڌ صوبو ان حوالي سان جامع پروگرام ٺاهي رهيو آهي، بندرگاهن تي سامان جي رسد کي به بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي (م ڊ) سنڌ حڪومت گڊز ٽرانسپورٽ روڪڻ واري وفاق جي شڪايت رد ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ گڊز ٽرانسپورٽ تي پابندي نه لڳائي وئي آهي. وفاقي ڪابينا پاران سنڌ ۾ گڊز ٽرانسپورٽن کي روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته سنڌ ۾ اسان گڊز ٽرانسپورٽن تي پابندي نه لڳائي آهي، ڪابينا اجلاس ۾ وزيراعظم کي ان حوالي سان غلط آگاهه ڪيو ويو آهي. سعيد غني چيو ته سنڌ حڪومت سمورا فيصلا اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان ڪيا آهن، اسان فيصلا وفاقي ڪابينا لاءِ نه پر عوام لاءِ ڪيا آهن، گڊز ٽرانسپورٽن کي روڪڻ واري شڪايت غلط آهي، اسان صوبي ۾ اهڙي ڪابه پابندي نه لڳائي آهي.

راشن مامرو: پي ٽي اي اعتراضن سبب سنڌ سرڪار ۽ موبائل ڪمپينن ۾ معاهدو نه ٿي سگهيو

سنڌ سرڪار 4 موبائل فون ڪمپنين ذريعي 15 ڏينهن جي رقم 15 لک مزدورن ۾ ورهائڻ جو رٿيو هو

ڪراچي ( رپورٽ : دودو چانڊيو ) سنڌ سرڪار پاران لاڪ ڊائون دوران بيرزگار ٿيل 20 لک ڏهاڙي مزدورن (پورهيتن) کي 15 ڏينهن جو راشن ( روڪ رقم ) ڏيڻ واري اعلان تي 9 ڏينهن گذرڻ باوجود عمل نه ٿي سگهيو ، پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن اٿارٽي جي اعتراض سبب صوبائي سرڪار جو موبائل ڪمپنين سان معاهدو نه ٿي سگهيو، جنهن بعد وڏي وزير پي ٽي اي جي چيئرمين کي فون تي رابطو ڪري کيس چيو ته موبائل ڪمپنين کي عوام ۾ راشن جي رقم جي ورڇ ۾ مدد جي اجازت ڏني وڃي، سنڌ حڪومت پاران اڄ وري ٻيهر معاهدو ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي سنڌ رليف ڪاميٽي جي سربراهه ۽ صوبائي وزير امتياز شيخ ٻڌايو ته چار موبائلن ڪمپنين سان معاملا طئه ٿي چڪا هئا، جن ذريعي متاثر ماڻهن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻي هئي، انهن ڪمپنين معرفت ئي 20 لک جي لڳ ڀڳ متاثر پورهيتن ۾ راشن جي رقم ورهائڻي آهي پر پي ٽي اي چيئرمين موبائيل ڪمپنين کي روڪيو ته اهي سندس اجازت بنا حڪومت سان ڪو به معاهدو نه ڪن، جنهن بعد وڏي وزير پي ٽي اي چيئرمين سان فون تي ڳالهايو، ان بعد پي ٽي اي چيئرمين کي اهڙي درخواست موڪلي وئي آهي، اڄ ٻيهر موبائل ڪمپنين سان گڏجاڻي ڪئي ويندي، امتياز شيخ چيو ته نادرا پڻ سيڪيورٽي جا ڪارڻ ڄاڻائي ڊيٽا ڏيڻ ۾ دير ڪري رهي آهي، اسان نادرا چيئرمين کي لکيو آهي ته حڪومت سنڌ جي آهي ۽ ماڻهو به سنڌ جا آهن، حڪومت پنهنجن ماڻهن جي مدد ڪرڻ چاهي ٿي، ان دير نه ٿيڻ گهرجي.

شهدادڪوٽ ڀرسان 8 ورهين جو نينگر بجلي جي تار مان ڪرنٽ سبب فوت

شهداد ڪوٽ(رپورٽر) شهداد ڪوٽ ڀرسان چاڪياڻي ڳوٺ ۾ بجليءَ جي تارمان ڪرنٽ لڳڻ جي ڪري 8 ورهين جو معصوم نينگر قادر بخش وڌو ٿڏي تي فوت ٿي ويو . سندس فوتگي جي خبر پوڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. وارثن موجب ٻارڙو راند ڪري رهيو هو تـ هن کي تار چنبڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو.

ميرپورخاص ۾ عورت پاران آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل

ميرپورخاص (رپورٽر) ميرپورخاص جي مھراڻ ڪالوني ۾ 25 ورھين جي چاندني پنهنجي مڙس جي تشدد ۽ ظلم کان تنگ ٿي ڪارو پٿر پي ڇڏيو. جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال آندو ويو جتي سندس علاج جاري آھي . ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مسمات چاندني جي طبيعت بهتر ٿي رهي آهي . عورت جي وارثن جو چوڻ آهي ته نياڻي تي مڙس ٿوري گھڻي ڳالهه تان تشدد ۽ ظلم ڪندو آهي ، تشدد کان تنگ ٿي چاندني اهڙو قدم کنيو .

Breaking News
  • ملير ۾ الخدمت اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق

  • ڪراچي: حيدرآباد رينج جي 20 کان وڌيڪ انسپيڪٽرز کي پگهارون نه مليون، فاقا ڪاٽڻ تي مجبور

  • ڪورونا وائرس: سنڌ سميت ملڪ ۾ لاڳو لاڪ ڊائون ۾ 14 اپريل تائين واڌ

  • ميرپور ماٿيلو مان گذريل ڏينهن تحويل ۾ ورتل 21 تبليغين مان 11 خانگي اسڪول ۾ قائم قرنطينه سينٽر منتقل

  • ملڪ ۾ قانون مطابق ڪم ڪرڻو آهي، ڪير به پاڻ کي بادشاهه سمجهي فرمان جاري نٿو ڪري سگهي: سپريم ڪورٽ

  • قيدين جي آزادي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو قانون مطابق ناهي: چيف جسٽس

  • اسلام ڪوٽ: انتظاميا کي فوتي ۽ سندس گهرڀاتين جي ڪورونا وائرس بابت رپورٽ جو انتظار، رپورٽ اڄ شام ملڻ جو امڪان

  • اسلام ڪوٽ: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جي خدشي سبب ڪراچي ۾ فوت ٿيل ڪائونسلر جي گهرن کي پوليس پاران ڪڙو، شهر به بند

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 10 ڏينهن ٿي ويا: ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ڪاروبار بند

سنڌ حڪومت هن وقت تائين پورهيت طبقي کي کاڌ خوراڪ نه پهچائي سگهي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ لاڳيتو ڏهين ڏينهن به لاڪ ڊائون هجڻ ڪري ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ڪاروبار بند آهي، سنڌ حڪومت هن وقت تائين پورهيت طبقي کي کاڌ خوراڪ نه پهچائي سگهي، لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائڻ لاءِ فوج، رينجرز ۽ پوليس جو گشت جاري آهي. ملير جي مختلف علائقن قائد آباد، گلشن حديد، اسٽيل ٽائون، پپري، ڀينس ڪالوني ۽ شاھ لطيف جي علائقن ۾ ڪاروبار بند آهي، رينجرز ۽ پوليس پاران ايندڙ ويندڙ ماڻھن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي. نوشهروفيروز ۾ ضلعي انتظاميه لاڪ ڊائون جي 10 ھين تي سختي ۾ اضافو ڪندي ڀاڄين ۽ ڪڪڙين جا دڪان به بند ڪرائي ڇڏيا جنهن سان شھر ۾ خوف ۽ حراس وڌي ويو آهي. هالا ۾ دڪاندارن جو صبر ٽٽي ويو، پنهنجو ڪاروبار کوليندي شهر ۾ لاڪ ڊائون جي تصور کي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏيو. مارڪيٽ چوڪ جا سمورا دڪان کلڻ جي ڪري عوام جي تمام گهڻي رش لڳي وئي، ضلعي انتظاميا توڙي پوليس ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪئي. حيدرآباد ۾ به ڀاڄين توڙي فروٽن ۽ کاڌي پيتي جي دڪانن تي شهرين جي رش لڳي وئي، ٽنڊومحمدخان ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. لاڙڪاڻي جا مک علائقا بند آهن، جناح باغ چوڪ، بندر روڊ، ريشم گلي، شاهي بازار، سميت ٻين علائقن ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪيا ويا، لاڪ ڊائون سبب بي روزگار ٿيل مزدور طبقي کي راشن نه مليو آهي. مٺياڻي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ۽ روڊ رستا ويران بڻيل آهن، دوڙ شھر ۾ اڄ به لاڪ ڊائون برقرار آهي ميڊيڪل اسٽورز، اسپتالون، سبزي، مڇي مرغي جي دڪانن کانسواءِ سمورو ڪاروبار بند آهي. نوشهروفيروز، پانڌي، ڪوٽ لالو، خانواهڻ کپرو ۽ سنڌڙي شھر مڪمل طور بند آهي، روز ڪمائي کائڻ وارا بيروزگاري سبب گھرن ۾ فاقا ڪشي ڪرڻ تي مجبور بڻجي ويا. ڪرمپور،کڏڙو، فيض گنج، قاضي احمد ۽ ميهڙ ۾ به لاڪ ڊائون هجڻ سبب کير، ڏهي ،ڀاڄين ۽ ميڊيڪل اسٽورز کان علاوه سڄو ڪاروبار بند آهي. ٽنڊوڄام ۾ لاڪ ڊائون سبب بازارون ۽ شاپنگ سينٽر ويران بڻيل آهن، دادو، سجاول ڪنڌڪوٽ، ميرپور خاص، وارهه ۽ ٻين شهرن ۾ به لاڪ ڊائون سبب ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند آهن. غوثپور، مٺياڻي، جمال شاھ، قاضي احمد، دريا خان مري، ڳڙهي خيرو کڏڙو ۽ گڊو ۾ڪاروباري مرڪز بند ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود آهي، ميهڙ ۽ هالا ۾ پگهارون وٺڻ لاءِ سرڪاري ملازمن جو وڏو هجوم لڳي ويو، بئنڪن ٻاهران ضعيف پينشنر پريشان ٿي ويا، هجوم هٽائڻ لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا ويا.

پني عاقل ڀرسان چورن جي فائرنگ ۾ گهر ڌڻي مارجي ويو، 4 پٽ زخمي، احتجاج

ڳوٺ خان شاهه ۾ چورن گھر ۾ داخل ٿي مينهون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته گھر ڌڻي جاڳي پيا
مزاحمت تي چورن جي مبينا فائرنگ ۾ گھر ڌڻي عبدالطيف ڀٽو ٿڏي تي مارجي ويو

پنوعاقل (ن پ ا) پني عاقل ويجهو چورن جِي مبينا فائرنگ ۾ مارجي ويل ڀاڳئي عبدالطيف ڀٽو جو مڙهه جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ڳوٺاڻن پاران سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيل چور جي گرفتاري ظاهر ڪري سندس نالو سبز علي جتوئي طور ٻڌايو ويو آهي. ڳوٺ نوراجا ڀرسان هاءِ اسڪول ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مقتول عبدالطيف ڀٽو جي مڙهه کي اباڻي قبرستان پير ٺارو شاه بادشاهه ۾ دفنايو ويو، ٻئي پاسي ڳوٺاڻن پاران سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيل چور جي گرفتاري پڻ ظاهر ڪئي وئي آهي، جنهن جي سڃاڻپ سبز علي جتوئي طور ٻڌائي وئي آهي. بائيجي ٿاڻي جي ننڍي منشي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڳوٺاڻن پاران پڪڙي حوالي ڪيل جوابدار سبز علي جتوئي مصراڻي کان جاچ جاري آھي، مقتول جي ڪفن دفن کانپوء وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو. ياد رهي ته گذريل رات نوراجا لڳ ڳوٺ هادي بخش مولودي ۾ مينهون ڪڍڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي چورن مبينا طور فائرنگ ڪري عبداللطيف ڀٽو کي قتل ۽ سندس 4 پٽن کي زخمي ڪيو هو.

دولتپور کان لڏپلاڻ ڪري ملير آيل ٻن ڀائرن وچ ۾ جهيڙو، سريا ۽ سروٽا لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو

گھرو اڻبڻت تان اڪبر علي پٽن سان گڏجي پنهنجي ننڍي ڀاءُ عبدالغفار پنهور کي قتل ڪيو

دولتپور صفن (رپورٽر) دولتپور کان لڏپلاڻ ڪري ملير آيل ٻن ڀائرن وچ ۾ ڀتِ جي اڏاوت تان جهيڙي دوران سريا ۽ سروٽا لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو، وارث لاش ڳوٺ کڻائي ويا. ملير جي علائقي ميمڻ ڳوٺ ويجهو گھرو اڻبڻت تان اڪبر علي پٽن سان گڏجي سروٽا هڻي پنهنجي ننڍي ڀاءُ عبدالغفار پنهور کي مبينا قتل ڪري ڇڏيو، لاش ايمبولينس ذريعي دولتپور نيو ويو. ان حوالي سان دولت پور جي امين شاهه ڪالوني ۾ رھندڙ شير محمد پنھور پنھنجي ڀائيٽي نظر محمد پنھور سان گڏ ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي الزام ھنيو ته ڪراچي جي علائقي ميمڻ ڳوٺ ڀرسان رھندڙ منھنجي ٻن ڀائرن اڪبر علي ۽ عبدالغفار وچ ۾ گھر جي ديوار تان جھيڙو ٿي پيو، جنھن تان منھنجي وڏي ڀاءُ ۽ سندس پٽن حملو ڪري منھنجي ننڍي ڀاءُ عبدالغفار کي مٿي ۾ سريا ۽ سروٽا ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. هن ٻڌايو ته جوابدارن مقتول عبدالغفار جي معصوم پٽ نظر محمد ۽ ڌيءُ کي ڌمڪيون ڏئي لاش ايمبولينس ۾ رکرائي دولت پور موڪلي ڇڏيو. ان موقعي تي مقتول عبدالغفار پنھور جي پٽ نظر محمد ميڊيا کي ٻڌايو ته ڀتِ جي اڏاوت تان منھنجي پيءُ ۽ چاچي اڪبر وچ ۾ منھن ماري ٿي، جنھن تان چاچي اڪبر پنھنجي پٽن سميت منھنجي پيءُ کي ڌڪ ھنيا، جنھن ۾ ھو فوت ٿي ويو، ان بعد اسان کي ڌمڪائي ايمبولينس ۾ ويھاري ڳوٺ اماڻي ڇڏيو. ھنن وڏي وزير، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

ايس ايس پي رضوان شيخ جي بدليءَ بعد ساڻس ويجهو رهندڙ 8 پوليس آفيسر ضلعي بدر

شيٽ ڪلارڪ عمران ڏھر کي خيرپور ۽ ايس آءِ پي امجد پرويز سومرو گھوٽڪي بدلي
انسپيڪٽر مختيار سومرو کي سکر بدلي ڪرڻ جو اي آءِ جي پاران نوٽيفڪيشن جاري

شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي)اڳوڻي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان ۽ صوبائي وزير امتياز احمد شيخ ۾ ھلندڙ سرد جنگ جو ڊراپ سين ٿي ويو ، ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان احمد جي شڪارپور مان بدليءَ کانپوءِ ساڻس انتهائي ويجهو رهندڙ شيٽ ڪلارڪ، ٻن انسپيڪٽرن، ھڪ ايس آءِ پي ۽ پوليس اھلڪارن سميت اٺن عملدارن کي ضلعي بدر ڪيو ويو آھن، جن مان ايڊيشنل آءِ جي سکر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق شيٽ ڪلارڪ عمران علي ڏھر کي خيرپور، انسپيڪٽر فياض ميمڻ ۽ ايس آءِ پي امجد پرويز سومرو کي گھوٽڪي، انسپيڪٽر مختيار سومرو کي سکر، پوليس اھلڪار عمران علي دايو کي خيرپور، جڏھن ته انسپيڪٽر حاجن علي شاھ،نادر علي چانگ ۽ اي ايس آءِ غلام حسين چانگ کي گهوٽڪي ضلعي ۾ بدلي ڪيو ويو آھي، اي آءِ جي سکر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آھي ته بدلي ڪيل پوليس آفيسر ۽ اھلڪارن کي تڪڙي بنيادن تي رليو ڪري کين ڄاڻايل ضلعن ۾ رپورٽ ڪرايو وڃي، ان سلسلي ۾ ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته اڳوڻي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان خان جي ٽيم ۾ ويجهو سڏجندڙ پوليس عملدارن مٿان شڪ هو ته هنن صوبائي وزير امتياز شيخ ۽ سندس خاندان جي فردن توڙي سردار تيغو خان تيغاڻي ۽ سندس خاندان خلاف رپورٽون تيار ڪري کين بدنام ڪرايو هو جنهن ڏوھ ۾ ڄاڻايل پوليس عملدارن کي ضلعي بدر ڪيو ويو آھي، ياد رھي ته ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان 3 مهينا اڳ شڪارپور پريس ڪلب ۾ ضلعي جي سياستدانن ۽ سردارن کي ڏوهارين جو سرپرست سڏڻ کانپوءِ صوبائي وزير امتياز شيخ، سردار تيغو خان تيغاڻي ۽ ٻين خلاف سيڪريٽ رپورٽ جاري پڻ ڪئي هئي، جڏھن ته اهڙي انتظامي ۽ سياسي ڇڪتاڻ کانپوءِ امتياز شيخ طرفان پنھنجي رھائشگاھ تي پريس ڪانفرنس دوران ايس ايس پي جو ساٿ ڏيندڙ پوليس آفيسرن ۽ اھڪارن کي ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون ھيون.

پنجاب ۾ لاڪ ڊائون سبب ڪيبل ذريعي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جو سلسلو شروع

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)پنجاب حڪومت لاڪ ڊائون سبب ”تعليم گهر“ نالي سان روزاني صبح جو 8 وڳي کان هڪ وڳي تائين ڪيبل ٽي وي ذريعي تعليمي سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، آن لائن ايجوڪيشن سان ملڪ ۾ تعليمي سلسلو بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر ڏورانهين علائقن ۾ رهندڙن کي انٽرنيٽ جي سهولت نه هجڻ ڪري آن لائن ڪلاسز کان محروم ٿيڻ جي شڪايت آهي، پنجاب حڪومت تعليمي سلسلو جاري رکڻ لاءِ هڪ قدم کنيو آهي ۽ اڄ کان پهرين درجي کان اٺين درجي تائين شاگردن کي گهر ويٺي تعليم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ ڪيبل ٽي وي چينل ذريعي صبح 8 وڳي کان هڪ وڳي تائين ٻارن کي گهر ۾ ئي تعليم ڏني ويندي ۽ پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ليڪچرز نشر ڪيا ويندا.

سجاول ۾ لاڪ ڊائون 1200 پينو فقير ڪٽنبن جا اهنج وڌائي ڇڏيا، لنگهڻ ڪاٽڻ سبب ٻارن ۽ ٻُڍن جي حالت خراب

موري، چوهڙ جمالي، درگاهه شاهه يقيق، سب جيل، ڊي سي آفيس سميت مختلف علائقن ۾ پينو فقير ڪٽنب وڏي انگ ۾ موجود
ٻڙا، ڀيل، جوڳي ۽ گواريا برادري سان واسطو رکندڙ 1200 ڪٽنب ڪيترن ئي سالن کان جهوپڙيون ۽ پکا اڏي ويٺل

سجاول(رپورٽ: مشتاق سعيد) سجاول ضلعي ۾ پينو فقيرن جي 1200 ڪٽنبن کي بک تي ويٺي نائون سج به لھي ويو، معصوم ٻارڙا ڏٻرا ٿي ويا، ضلعي انتظاميا توڙي خيراتي ادارن واهر نه ڪئي، عورتون ۽ ٻڍڙا بيمار ٿيڻ لڳا. ان ڏس ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ بعد ڪيل لاڪ ڊائون پينو ڪٽنبن جا اهنج وڌائي ڇڏيا. ٻڙا، ڀيل، جوڳي ۽ گواريا برادري جون عورتون ۽ مرد گھرن تائين محدود ٿي ويا آھن، جنھن ڪري وٽن ھاڻي کائڻ لاءِ ڳڀو ناهي بچيو، پوليس چوڪن ۽ بازارن ۾ بيٺل ھجڻ ڪري پينو عورتن ۽ ٻارڙن کي شھر ۾ داخل ٿيڻ نٿي ڏئي ۽ ٽراسپورٽ بند ھجڻ ڪري کين روڊ تي بيھي جھولي جھلي پنڻ جو موقعو به نه ٿو ملي. سجاول جي وارڊ 11، سب جيل ۽ ڊي سي آفيس روڊ، بدين روڊ چوڪ ۽ پتڻ ناڪي ويجھو ٺٽي روڊ تي پينو برادري جا 200 ڪٽنب جھوپڙيون ۽ پکا اڏي ويٺل آھن. جاتي، ٻارڻ آباد، ٻڍو ٽالپر، جاتي چوڪ، ميرخانا موري، چوھڙ جمالي ۽ درگاھ شاھ يقيق سميت ضلعي جي مختلف ھنڌن تي پينو فقيرن جا 1200 ڪٽنب ڪکاون گھرن ۾ آباد آھن، جن جا معصوم ٻارڙا، عورتون ۽ ٻڍڙا صبح ٿيندي ئي شھر جي مصروف چوڪن، بازارن، اسپتالن ۽ اسڪولن ٻاھران توڙي مک شاھراھن تي ماني ڳڀي لاءِ وانجهائيندا هئا، پر لاڪ ڊائون جي ڪري پينو فقير گھرن تائين محدود ٿي ويا آھن، پر دوا لاءِ پيسا نه ھجڻ ڪري بي يارو مددگار ويٺل آھن، سرڪار توڙي ضلعي انتظاميا سندن ڪا سار نه لڌي آھي ۽ خيراتي ادارن توڙي سرندي وارن به پينو برادري کي وساري ڇڏيو آھي.

قائد عوام يونيورسٽي جي ملازمن سان جٺ، ڪجھه کي 5 ، ڪجھه کي 10 سيڪڙو پگھار

سنڌسرڪارپاران ملازمن کي پگھار جاري ڪرڻ واري حڪم بعدڪيترن ئي ملازمن کي پگھارجاري نه ٿي
پنج۽ڏهه سيڪڙوپگھارملڻ تي ملازمن۾سخت ڪاوڙجي لهر،سڀاڻي وي سي جي گھراڳيان ڌرڻي جواعلان

نوابشاهه(رپورٽ اياز ڏاهري) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ملازمن سان مبينا طور دوکو ڪندي ڪنهن ملازم کي پنج سيڪڙو پگهار ڏني وئي آهي ته ڪنهن ملازم کي 10 سيڪڙو ملي آهي، جنهن خلاف ملازم سراپا احتجاج آهن، جن سُڀاڻي وائيس چانسلر جي گهر اڳيان ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان ڏس ۾ قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه مسلسل بحرانن ۽ بنيادي مسئلن جي ور چڙهيل آهي، هينئر ايتري تائين جو ننڍن ملازمن کي پگهارون به پوري نٿي ڏئي سگهي انهي حوالي سان قائد عوام يونيورسٽي جي ايمپلائيز يونين جي صدر شڪيل احمد چانڊيو رابطو ڪري ٻڌايو ته قائد عوام يونيورسٽي جي انتظاميه مسلسل ننڍن ملازمن سان نا انصافيون ڪري رهي آهي پهريان پگهار ڏيڻ کان ٺُپ جواب وري جڏهن اڌ پگهار ڪئي وئي اسان جي احتجاج کانپوءِ به اهڙا ويچارا غريب جن جي اڪائونٽ ۾ پنج سيڪڙو کان 10 سيڪڙو پگهار موڪلي وئي آهي ۽ ملازم پنهنجو منهن ۽ مٿو پٽيندا وتن ٿا اهڙي لاڪ ڊائون واري صورتحال ۾ اسان ڪيڏانهن وڃون هن چيو ته جيڪڏهن پنهنجي حقن لاءِ ٻاهر احتجاج ڪيون ٿا ۽ روڊن تي نڪرون ٿا ته فوج پوليس ۽ رينجرز جا موچڙا ۽ ڏنڊا کائون ٿا وائيس چانسلر به اهو ئي چاهي ٿو ته هي روڊن تي نڪرن ته جيئن هنن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو وڃي ان لاءِ اسان سُڀاڻي پنهنجي مطالبن لاءِ وائيس چانسلر جي گهر ٻاهران احتجاج ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين جيستائين اسان کي پوري پگهار نه ڏني ويندي تيستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو ٻئي طرف موقف وٺڻ لاءِ رجسٽرار سان رابطو ڪيو ويو جنهن جو نمبر مسلسل بند مليو.

ملير ويجهو گاڏيءَ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

ملير(رپورٽر) ملير ويجهو گاڏيءَ جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ اسڪوٽر سوار فوت ٿي ويو آهي، ڀينس ڪالوني موڙ تي ڪيري گاڏي ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار مينائل مسيح سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو.

ٽنڊي محمد خان ۾ ٻن ڪيسز جي تصديق کانپوءِ اسڪول قرنطينه سينٽر ۾ تبديل، پاڪ فوج جي ڪرنل ۽ ايس ايس پي طرفان دورو

ضلعي انتظاميا 150 بسترن تي مشتمل هڪ قرنطينه سينٽر قائم ڪري ڇڏيو
پاڪ فوج جي ڪرنل ۽ ٻين تبليغي ماڻهن کي احتياطي تدبيرن بابت آگاهي ڏني

ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان شهر ۾ ڪرونا وائرس جي ٻن مريضن جي تصديق ٿيڻ بعد انتظاميـا حرڪت ۾ اچي وئي ۽ هڪ اسڪول کي قرنطينـه قرار ڏئي ڇڏيو آهي. شهر ۾ ڪرونا وائرس جي ٻن مريضن جي تصديق ٿيڻ تي پاڪ فوج ۽ ضلعي انتظاميـ او ليوي اسڪول ۾ 150بسترن تي مشتمل قرنطينـ سينٽر قائم ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ تبليغي جماعت سان تعلق رکندڙ 116 ماڻهن کي منتقل ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح پاڪ فوج جي ڪرنل شفاعت محمود، ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي، ايس ايس پي عابد بلوچ، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد يوسف جهيجو ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم قرنطينـ قرار اسڪول جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ضلعي عملدارن ۽ پاڪ فوج جي ڪرنل قرنطينـ سينٽر ۾ موجود تبليغي جماعت جي ماڻهن کي احتياطي تدبيرن حوالي سان ماڻهن کي معلومات ڏني. اهڙي طرح قرنطينـ سينٽر ۾ موجود هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي سيلاني ويلفيئر پاران کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي پڻ فراهم ڪيو ويندو. ان موقعي تي ايس ايس پي عابد بلوچ تفصيل ڏيندي ٻڌايو تـ قرنطينـ سينٽر ۾ 150 کان وڌيڪ ڪرونا وائرس جي شڪي ماڻهن جو بندوبست ڪيو ويوآهي.

سجاول جي اسپتالن ۾ وينٽيليٽر نه هئڻ جو اعتراف: آئسوليشن وارڊز ۾ بيڊز جي کوٽ

ڊي ايچ اوجوڊي جي هيلٿ کي خط،ليبرڪالوني۾ڪورونامريضن لاءِآئسوليشن مرڪزبڻائڻ بابت آگاهي

سجاول(رپورٽر) سجاول ضلعي جي اسپتالن ۽ ڪورنٽائين مرڪزن ۾ ھڪ به وينٽيليٽر نه ھجڻ جو انڪشاف، ڊي ايچ او جو ڊي جي صحت کي خط، 50 بيڊ ۽ 2 وينٽيليٽر گھري ورتا، ليبر ڪالوني ۾آئيسوليشن مرڪز قائم، ان ڏس ۾ ڪورونا وائرس ايمرجنسي سبب لاڙ شگر مل ڀرسان ليبر ڪالوني کي آئيسوليشن مرڪز ۾ تبديل ڪيو ويو آھي پر ضلعي اندر بيڊز ۽ وينٽيليٽر جي کوٽ سبب ڊي ايچ او ڊاڪٽر جاويد ڀٽو ڊائريڪٽر جنرل ھيلٿ سروسز حيدرآباد کي خط لکيو آھي جنھن ۾ هن ڄاڻايو آھي ته ضلعي جي ڪنھن به اسپتال ۾ وينٽيليٽر ناھي، 2 وينٽيليٽر فوري طور ڏنا وڃن ته جيئن ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريضن کي سھولت ڏئي سگھجي. خط ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ضلعي ۾ 22 بيڊز جا آئيسوليشن وارڊ اڳواٽ تيار ڪيل آھن، ليبر ڪالوني ۾ قائم ڪيل ڪورنٽائين مرڪز لاءِ وڌيڪ 50 بيڊز جي ضرورت آھي، جيڪي ڏنا وڃن. ڊي ايچ او موجب ضلعي ۾ ڪورونا جو ڪيس ظاھر ناهي ٿيو، پر امڪاني صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ انتظام ڪري رھيا آھيون.

سون 1500 ۽ ڊالر 70 پئسا مهانگا ٿي ويا

ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ) سون ۽ ڊالر مهانگا، چاندي سستي، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾ سون جو اگهه 1500 رپين جي واڌ سان 101000 مان وڌي 102500 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته چاندي 28 رپين جي لاٿ سان 902 مان 874 رپيا ٿي وئي ، هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 75 پئسن جي واڌ سان 166 مان166.7رپين تي پهتو

انهن جي مدد ڪريو جيڪي عزت خاطر ڪنهن آڏو هٿ نٿا ٽنگين: نيلم منير جي اپيل

انهن ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي جيڪي ڏينهن رات اسان جي مدد ڪن ٿا
هي وقت اسان جي سيٽ تي موجود عملي جهڙن ٻين ماڻهن جي مدد ڪرڻ جو آهي

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪارا نيلم منير جو چوڻ آهي ته اسان کي انهن ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي جيڪي ڏينهن رات اسان جي مدد ڪن ٿا ۽ اسان جي خدمت ڪن ٿا. گذريل ڏينهن پاڪستان شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ مشهور اداڪارا نيلم منير انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي. نيلم منير طرفان شيئر ڪيل ڪولاج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ پاسي سندس تصوير جڏهن ته ٻئي پاسي اداڪارا پنهنجي مداحن لاءِ پيغام لکيو آهي. نيلم منير پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته هي اهو وقت آهي جو هاڻي اسان سڀني کي انهن سڀني ماڻهن جي ڏک کي محسوس ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪي ڏينهن رات اسان جي مدد ڪن ٿا ۽ اسان جي خدمت ڪن ٿا. اداڪارا لکيو ته جيئن ڊليوري بواءِ، اسان جو گهريلو عملو ۽ اسان جي سيٽ تي موجود اسان جو عملو ۽ انهن جهڙا بيا ماڻهو جيڪي سفيد پوش آهن، پنهنجي عزت نفس خاطر ڪنهن کان خيرات نٿا گهرن ۽ نه ئي ڪنهن جي آڏو هٿ ٿا ٽنگن. هن لکيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان سڀ اڳتي وڌون ۽ انهن جي عزت نفس کي ڇيهو رسائڻ کانسواءِ سندن مدد ڪريون. نيلم منير پنهنجي هن پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته اوهان سڀني کي هي منهنجي ذاتي اپيل اهي.

ڪورونا وائرس سبب ٽينس جي دنيا جو معتبر ايونٽ ومبلڊن اوپن ملتوي

لنڊن (م ڊ) سال جي سڀ کان وڏي ٽينس مقابلي ومبلڊن اوپن کي به ڪورونا وائرس سبب ملتوي ڪيو ويو آهي، ڪورونا وائرس جي عالمي وبا سبب سڄي دنيا جي عالمي مقابلن ۽ راندين جي مقابلن جي ملتوي ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هاڻي سال جي سڀ کان وڏي ٽينس جي مقابلي ومبلڊن چئمپين شپ کي به ملتوي ڪيو ويو آهي، هي ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ پهريون موقعو آهي ته ومبلڊن اوپن ٽينس کي ملتوي ڪيو ويو آهي.

سڪرنڊ ويجهو شاخ ۾ پير ترڪڻ سبب ڳوٺاڻو ٻڏي فوت

سڪرنڊ( ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو پير ترڪڻ سبب هڪ ڄڻو شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، ڳوٺ حيات ڪيريو جو رهواسي چنيسر ڪيريو شاخ ۾ هيٺ ڪري فوت ٿي ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ڪڍرائي ورتو، وارثن موجب فوتيءَ جو دماغي توازن صحيح نـ هو ۽ ممڪن آهي تـ وهنجڻ جي نيت سان شاخ تي ويو هجي ۽ پير ترڪڻ سبب ڪري فوت ٿيو هجي.

فورم ۾ توهان به مختلف مسئلن يا موضوعن تي بحث ۾ حصو وٺي
سگهو ٿا.

منھنجي خبر

هاڻ رڳو صحافي نه پر توهان به پنهنجي علائقي جا مسئلا اجاگر ڪري سگهو ٿا، جنهن لاءِ خبرون، تصويرون ۽ فوٽيجز هن نمبر 03022610318 تي واٽس ايپ ڪريو.

ٽنڊوغلام حيدر: باهه سبب 12 گهر سڙي رک ٿي ويا

April 9, 2019

رپڙي: گرلس اسڪول ۾ ماسترياڻيون مقرر نه ٿيون!

April 2, 2019

اڄ جي تصوير

مضمون

حڪومت غلطين مان سبق ڇو نه ٿي سکي ؟

ايڊيٽوريل

ڪورونا ،بحرانن جي ماءُ

امداد سومرو

بکايل لاءِ 2 ۽ 2 جو مطلب 4 مانيون آهن

علي قاضي

قيادت ۽ صلاحيتن کي وائکو ڪندڙ وائرس

انعام ڀٽي

خان صاحب ! تبديلي آ نهين رهي تبديلي آگئي هي

ذوالفقار گراماڻي

استاد الوداع !!!

امداد سولنگي